ملڪ جي سالميت ۽ بقا جي لاءِ پارليامينٽ جو طاقتور هجڻ ضروري آهي
پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جو تفصيلي فيصلو سپريم ڪورٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به قانون کي ٺاهڻ، انهيءَ ۾ ردوبدل ڪرڻ پارليامينٽ جو حق ۽ اختيار آهي. جيڪو کانئس ڪير به کسي نه ٿو سگهي. ايستائين جو سپريم ڪورٽ کي ريگيوليٽ ڪرڻ جو اختيار پڻ پارليامينٽ کي آهي. ڇو ته پارليامينٽ اهو آئيني ادارو آهي. جنهن کي عوام چونڊي ٿو. پوري ملڪ جي نمائندگي پارليامينٽ ڪري ٿو. ملڪ ٺهڻ کانپوءِ 23 سال هڪ ته آئين جو نه هجڻ، ٻيو وري انڌو منڊو آئين هجڻ جي باوجود ان تي عمل نه ڪرڻ سبب ملڪ جا ٻه حصا ٿي ويا. بچيل حصي ۾ 1973 ۾ آئين پاس ڪيو ويو، جنهن مطابق پاڪستان اسلامي جمهوري ملڪ جو بنياد پيو. آئين جي آرٽيڪل 50 ۾ واضح آهي ته پارليامينٽ ٽن حصن تي مشتمل هوندي. هڪ صدر مملڪت، ٻيو سينيٽ ۽ ٽيون قومي اسيمبلي اهي ٽئي حصا گڏجي پارليامينٽ جوڙين ٿا. آئين مطابق پارليامينٽ سپريم آهي، پر ٿيو ائين نه آهي. 1973 جي آئين کي صرف 4 سالن جي عرصي کانپوءِ هڪ پاسي اڇلائي، مارشل لا نافذ ڪئي وئي، جنهن کي ان وقت جي سپريم ڪورٽ نظريهءِ ضرورت تحت قبول پڻ ڪيو، انهيءَ مارشل لا واري دور ۾ 1985 ۾ ٿيل اليڪشن جي ذريعي وجود ۾ آيل پارليامينٽ پنهنجي مٿان ڪُهاڙو هڻندڙ آمر کي جائز قرار ڏئي، پنهنجا هٿ ڪٽي ڇڏيا. ويجهي تاريخ اسان کي اهو ٻڌائي ٿي ته پارليامينٽ کي بار بار بي توقير ڪيو ويو. ڪڏهن 58(2)B جي ذريعي، ڪڏهن سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي ذريعي، ڪڏهن سڌي مارشل لا لڳائي، مطلب ته 50 سالن ۾ پارليامينٽ جيتري مضبوط هجڻ گهرجي ها ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ فائديمند هجي ها، ان کي انتهائي ڪمزور ڪري ڏوهارين وانگر سپريم ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو. جتان ان کي ڪڏهن به انصاف نه مليو. ائين ئي هاڻي ٿيو ته پارليامينٽ هڪ بل پاس ڪيو. جنهن کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ بل اچڻ کان پهرين سپريم ڪورٽ جي 8 رُڪني بينچ ان وقت جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ انهيءَ بل کي اسٽي (هڪ پاسي نظرانداز) ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪيس کي هن وقت جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جڙيل بينچ ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪيو. اسٽيٽس ڪو ختم ڪيو. پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل کي منظور ڪيو ۽ ان جو تفصيلي فيصلو پڻ ڪالهه ڏنو ويو. جنهن پٽاندڙ سپريم ڪورٽ واضح طور مڃيو آهي ته پارليامينٽ سپريم آئيني ادارو آهي، انهيءَ کي اختيار آهي ته قانون ۾ ردوبدل ڪري سگهي ٿو. ٻين ادارن کي ريگيوليٽ ڪري سگهي ٿو، پر پارليامينٽ کي ڪير به ريگيوليٽ ڪري نه ٿو سگهي. افسوس سان اهو به چوڻو ٿو پوي ته پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ ۾ جتي آمرن جو هٿ رهيو آهي، جتي سپريم ڪورٽ جو هٿ رهيو آهي، اتي سياستدان به انهيءَ ڏوهه ۾ برابر جا حصيدار آهن، اهي بجاءِ آئين سان ۽ پارليامينٽ سان بيهڻ جي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر پارليامينٽ کي ڪمزور ڪندڙن ۽ ٽوڙيندڙن سان گڏ بيٺل نظر ايندا آهن، جنهن جو نقصان پورو ملڪ کڻي رهيو آهي. هن وقت جڏهن معروضي حالتون پارليامينٽ جي ڀرجهلو ٿي بيٺيون آهن ته سياستدانن تي تمام گهڻي ذميواري اچي ٿي ته هو ايندڙ پارليامينٽ کي آئيني طور طاقتور ڪن ته جيئن ڪنهن به آمر کي جرئت نه ٿئي ته پارليامينٽ طرف ميري اک کڻي ڏسي سگهي ۽ اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن سياستدان پنهنجي طاقت عوام کان حاصل ڪندو ۽ پنهنجو پاڻ کي عوام آڏو جوابده محسوس ڪندو جيڪو عوام جي ووٽن تي چونڊجي پارليامينٽ تائين پهچي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ عوام کان ووٽ وٺي پارليامينٽ تائين پهچندڙ سياستدان هميشه هڪ آمر جي آشيرواد جو منتظر رهيو آهي ۽ اتان ئي طاقت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پارليامينٽ پنهنجو مان حاصل نه ڪري سگهي ۽ اڄ ڏينهن تائين طاقتور نه ٿي سگهي آهي. هاڻي وقت تبديل ٿي ويو آهي جڏهن سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جي ذريعي پارليامينٽ کي اهو احساس ڏياريو آهي ته پارليامينٽ ئي سپريم آهي ته ٻيو قدم کڻڻ جي لاءِ سياستدانن کي به اڳتي اچڻو پوندو ۽ انهن کي ايمانداري سان عوام جي ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻي پوندي ۽ قانون جي حدن ۾ رهي پنهنجي اختيارن کي استعمال ڪرڻو پوندو ته جيئن ڪنهن به جڙتو جج کي طاقت نه ملي ته پارليامينٽ جي ڪيل فيصلن تي پنهنجا فيصلا مڙهي. ان سان گڏ عوام تي پڻ ڳري ذميداري اچي ٿي ته هو اهڙا نمائندا چونڊي موڪلين، جيڪي واقعي عوام جا نمائندا هجن ۽ جمهوريت تي يقين رکندا هجن، نه صرف جمهوري هجن، اخلاقي هجن، اصولي هجن ته جيئن هو پارليامينٽ ۾ پهچي پنهنجو آئيني حق استعمال ڪندي جمهوريت جي حفاظت ڪري سگهن. ڇو ته ملڪ جي سلامتي هڪ مضبوط پارليامينٽ سان ئي ممڪن آهي. 50 سالن ۾ اسان ڏٺو آهي ته جيڪڏهن پارليامينٽ ڪمزور ٿي آهي ته ملڪ به ڪمزور ٿيو آهي. انهيءَ ڪري جمهوريت ۽ ملڪ جي مضبوطي جي لاءِ پارليامينٽ جو مضبوط هجڻ ضروري آهي ۽ مضبوط پارليامينٽ جي لاءِ جمهوريت ۽ آئين ۾ رکندڙ پارليامينٽيرين جي ضرورت آهي، جن کي عوام چونڊي ايوانن ۾ موڪلي ٿو. عوام ۽ سياسي اڳواڻن جي لاءِ هي سونهري موقعو آهي ته هو پنهنجي حقِ حڪمراني ذريعي پارليامينٽ جي طاقت کي مڃرائين.

