بلاگنئون

سال 2023 دوران پاڪستان جي سياست ۽ اخبار جون زينت بڻجندڙ ڪجھه اهم واقعن جون خبرون

پاڪستان پنھنجي 76 سالن جي عمر ۾ ڪيئي حادثن ۽ واقعن مان نڪرندو 2024 ۾ داخل ٿي چڪو آهي، پر هر مضمون نگار ۽ ڪالم نگار جي اک گذريل واقعن، حادثن ۽ خاص طور تي سياسي اٿل پٿل تي هوندي آهي ته جيئن انهن کي قلم بند ڪري ايندڙ عوام لاءِ ڪا تاريخ رقم ڪري سگهجي، ان کان علاوه هر ملڪ جو ماڻهو انهن کي پڙهي آسانيءَ سان اهو اندازو ڪري سگهي ته اسان گذريل سال ۾ ڇا حاصل ڪيو، ڇا وڃايو، اسان جي ملڪ جي سياست ۾ ڇا وهيو ڇا واپريو؟
مون به هڪ ڪوشش ڪندي ملڪ ۾ سياسي اٿل پٿل کي گڏ ڪري جيڪا سھيڙڻ جي ڪاوش ڪئي آهي جنھن جو مقصد آهي واقعن تي غور ڪري ويچارڻ ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو؟ اها هڪ حقيقت آهي ته 2023 دوران پاڪستان ۾ ڪيترائي انتشار جا واقعا رونما ٿيا جن ملڪ جي سياسي منظرنامي تي گهرا اثر ڇڏيا.
جن ۾ هي به هڪ اهم واقعو هو جو تحريڪ انصاف پاران سال جنوري 2023 ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون ٽوڙڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود انهن ٻنهي صوبن ۾ چونڊون نه ٿي سگهيون.
ان سلسلي ۾ جيڪو سياسي موقف سامهون آيو ته چونڊون ملتوي ٿيڻ جو سرڪاري سبب ڇا هو، جنھن سلسلي ۾ اهو ظاهر ڪيو ويو ته گذريل حڪومت پاران نئين آدمشماري جي منظوري جيڪا گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڏني وئي هئي. گذريل حڪومت جي راءِ هئي ته اليڪشن ڪميشن ملڪ جي آبادي جي تازي تخميني جي بنياد تي تڪ بندين جي ٻيھر حد بندي ڪري. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي صدر اليڪشن ڪميشن جي تجويز تي پنجاب ۾ 30 اپريل تي چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏني هئي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي گورنر صوبي ۾ 28 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر بعد ۾ هن پنهنجو اعلان واپس ورتو ۽ اليڪشن ڪميشن 23 مارچ تي چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ باوجود پوليس اهلڪارن جي کوٽ ۽ فوجي اهلڪارن جي عدم فراهمي کي جواز بڻائيندي پنجاب ۾ چونڊون 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيون. جنهن کانپوءِ خيبرپختونخواهه جي گورنر به صوبي ۾ چونڊن لاءِ 8 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪئي هئي.
پي ٽي آءِ پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، جنهن تي سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي چونڊ 8 آڪٽوبر تي ڪرائڻ جو فيصلو “منع ٿيل” قرار ڏيندي پنجاب اسيمبلي جي چونڊن جو شيڊيول بحال ڪري ڇڏيو. پنجاب ۾ ان وقت جي خبرن جي روشني ۾ مڪالما نگارن لکيو تہه آئين جي آرٽيڪل (1) 224 موجب جيڪڏهن اسيمبليون مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ٽوڙي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن. سياست سان دلچسپي رکندڙن ڏٺو تہه اقتدار ڌڻين ڪيئن 5 مارچ تي پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) چئنلز تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين جون تقريرون ۽ بيان ڏيکارڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي.
پيمرا سمورن سيٽلائيٽ چينلز کي هدايتون جاري ڪيون ته عمران خان جو بيان، گفتگو يا تقرير سڌي سنئين نشر يا رڪارڊ نه ڪئي وڃي. جنهن ڪري مارچ 2023 ۾ جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه لاهور جي زمان پارڪ پھتو ته کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ آيل پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ سخت جهڙپون ٿيون.
پوليس ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي دوران ٽريفڪ ۾ بيٺل گاڏين ۽ سرڪاري ملڪيت کي سخت نقصان پھتو، سرڪاري ۽ نجي اطلاعن مطابق ڇپيل خبرن مان پڙهندڙن کي اها ڄاڻ ملي ته ان جھڙپ دوران 3 واٽر ڪينن ۽ 10 پوليس گاڏين کي نقصان پهتو. جڏهن ته هڪ بس کي پڻ ٿوري نقصان سميت اهو به ٻڌايو ويو ته هڪ واٽر ٽينڪر مڪمل طور سڙي ويو. اهڙي ريت 58 لک رپين جي ماليت جا 3 واٽر ڪينن ۽ 42 لک 50 هزار رپين جو هڪ واٽر ٽينڪر مڪمل طور تي سڙي ويا.
زمان پارڪ ۾ سمورين گاڏين کي 1 ڪروڙ 10 لک 90 هزار رپين جو نقصان پھچايو ويو، جڏهن ته ٽريفڪ سيڪٽر شادمان ۾ 23 لک رپين جون موٽرسائيڪلون به سڙي ويون. پيٽرول پمپ کي باهه لڳڻ سبب وائرليس سيٽ ڪميونيڪيشن سسٽم کي 35 لک، جڏهن ته 11 لکن جا ڪيمرا، ڪمپيوٽر سسٽم، کان علاوه 3 سالن جو رڪارڊ سڙي وڃڻ جو چرچو پڻ ٿيو. پاڪستان ۾ اڃان چينلن تي ڏٺل، اخبارن ۾ پڙهيل ۽ ٻڌل خبرون پراڻيون ٿيون ئي نه هيون تہه هڪ ٻي اهم خبر منھن ڪڍيو جيڪو اهو هو جو اپريل ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال سميت سپريم ڪورٽ جي 8 ججن خلاف آئين جي آرٽيڪل 209 ۽ ججن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو هو.
سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ داخل ريفرنس ۾ چيف جسٽس بنديال سميت 8 ججن ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه اي ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد به ڌرين ۾ شامل ڪيو ويو، ياد رهي ته ريفرنس جي متن ۾ چيو ويو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال پارليامينٽ مان منظور ٿيل بل کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري پنهنجي اختيار کان حد کان وڌيڪ اختيارن جو استعمال ڪيو، ٻڌڻي لاءِ بينچ جي صدارت ڪندي کيس بدانتظامي جو ڏوهه ثابت ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيا 7 جج به شامل هئا، پوءِ به پارليامينٽ جي بل تي ٻڌڻي ملتوي ڪري آئين، قانون ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جو ڏوهه ثابت ڪيو، ان بعد ئي 9 مئي 2023 تي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ سندس پارٽي ورڪرن احتجاج جو سڏ ڏنو. جنهن سڏَ بعد اسلام آباد، ڪراچي، لاهور ۽ پشاور سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سڄي ملڪ ۾ پرتشدد مظاهرن دوران ٽڙي پکڙجي، منتشر ۽ مشتعل ڪارڪنن ڪور ڪمانڊر لاهور جي رهائشگاهه سميت فوجي ۽ ملڪ ۾ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچايو. احتجاج جي شدت اختيار ڪرڻ بعد گهرو وزارت سڄي ملڪ ۾ موبائل ڊيٽا سروس بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ مختلف علائقن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جون گرفتاريون پڻ شروع ڪيون ويون. ان واقعي بعد 20 مئي تي پاڪستان حڪومت آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن جوڙي، جنهن ۾ اختر افغان به شامل هو. جنهن تي پي ٽي آءِ ۽ ٻين پاران ڪميشن جي قيام خلاف درخواستون داخل ڪيون ويو، جنهن تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي کانپوءِ عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڪميشن کي ايندڙ ٻڌڻي تائين وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو ۽ عدالت “آڊيو ليڪس” بابت انڪوائري ڪميشن حڪومتي نوٽيفڪيشن به معطل ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي سياسي اٿل پٿل ۾ عمران خان جي گرفتاري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، جنھن سبب 9 مئي تي سڄي ملڪ ۾ پرتشدد احتجاجن سبب ايترو وڏو نقصان ٿيو جو پاڪستان جي فوج ان ڏينهن کي ملڪي تاريخ جو ڪارو باب قرار ڏنو ۽ ڌماڪي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ بيھارڻ جو عزم ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ 9 مئي جي سانحي دوران حملا ڪندڙن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ سميت لاڳاپيل قانونن تحت گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ 102 ماڻهن کي گرفتار ڪري، فوجي عدالتن ۾ سندن ٽرائل شروع ڪيو ويو آهي ۽ اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ 5 آگسٽ 2023 تي توشه خانه (گهر ۾ قيمتي سامان رکڻ جو خاص ڪمرو) ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن بعد پوليس عمران خان کي سندس رهائشگاهه زمان پارڪ مان گرفتار ڪيو هو.
جج همايون دلاور چيو ته اليڪشن ايڪٽ 174 تحت عمران خان کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ کيس وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽڻو پوندو. بعد ۾ عمران خان کي 5 سالن لاءِ عوامي عھدن تان نااهل ڪيو ويو.
جيئن تہه پاڪستان ۾ آگسٽ 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿيل قومي اسيمبلي جو مدو 12 آگسٽ 2023 تي رات 12 وڳي ختم ٿي ويو ۽ ان وقت جي وزيراعظم شھباز شريف 9 آگسٽ تي مقرر وقت کان اڳ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي، صدر جي دستخط کانپوءِ قومي اسيمبلي کي باضابطه ٽوڙيو ويو.
11 آگسٽ تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي صوبائي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي.
12 آگسٽ تي گورنر بلوچستان ملڪ عبدالوهاب ڪاڪڙ به بلوچستان اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي.اسيمبلين جي ٽُٽَڻ بعد نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ جي 8هين نگران وزيراعظم طور عهدي جو حلف کڻي ورتو ۽ شھباز شريف جي 16 مھينن جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو.
نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ جي حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. هن کان اڳ مون پنھنجي ڇپيل هڪ مضمون ۾ انوار الحق ڪاڪڙ جو مڪمل تعارف ڪرايو هو. هن مضمون ۾ به سندس مختصر تعارف ڪرائيندس ته انوارالحق ڪاڪڙ 2008ع ۾ ڪوئيٽا مان (ق) ليگ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي اليڪشن وڙهيو، پر ڪامياب نه ٿيو جنھن بعد 2013ع ۾ هو بلوچستان حڪومت جو ترجمان ٿيو ۽ جڏهن بلوچستان عوامي پارٽي ٺهي ته ان جي باني اڳواڻن مان هڪ هو.
انوار الحق ڪاڪڙ 2018ع ۾ سينيٽر چونڊجي ويو ۽ هو سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اوورسيز پاڪستانيز جو چيئرمين پڻ رهيو.
2023 جي 21 جون تي صدر عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، جنهن کانپوءِ قانون واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته جسٽس عمر عطا بنديال جي رٽائرمينٽ کانپوءِ مقرري 17 سيپٽمبر 2023ع کان لاڳو ٿيندي. صدر آئين جي آرٽيڪل 175A-3 تحت چيف جسٽس کي مقرر ڪيو.
جنهن بعد 17 سيپٽمبر تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طور حلف کنيو، صدر عارف علوي کانئس حلف ورتو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي فيصلن ۾ هميشه ملڪ ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي تي زور ڏنو.
پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري ۽ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان سڄي ملڪ ۾ 9 مئي جي فسادن، خاص طور تي فوجي ملڪيتن تي حملن کانپوءِ پي ٽي آءِ سخت ڇنڊ ڇاڻ ڪري رهي هئي ۽ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ هزارين ڪارڪن گرفتارين ۽ ڪيسن کي منھن ڏئي رهيا آهن.
9 مئي جي واقعن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳوڻن ايم اين ايز يا اڳواڻن پارٽي کي الوداع چئي ڇڏيو. انهن ۾ اهي اڳواڻ به شامل آهن جيڪي پارٽيءَ ۾ اهم هئا ۽ احتجاجن بعد گرفتار ڪيا ويا.
ٻه چار ڏينهن جيل ۾ گذارڻ کانپوءِ آزاد ٿيڻ تي ڪجهه ماڻھن پريس ڪانفرنس ذريعي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، ڪجهه گرفتاري ۽ پريس ڪانفرنس کانسواءِ پي ٽي آءِ کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو، ڪجهه اڳواڻ اڃا تائين پي ٽي آئي سان بيٺل آهن، تن مان ڪجهه مفرور آهن ۽ ڪجهه اڃا تائين قيد ۾ آهن.
توشه خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي سزا معطل، ۽ گرفتاري:
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ سربراهه جي ٽن سالن جي سزا معطل ڪري ڇڏي، جنهن بعد کيس ريفرنس ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
30 سيپٽمبر تي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪيس جو چالان خاص عدالت ۾ جمع ڪرايو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ سربراهه کي ڏوهي ثابت ڪيو ويو.
خاص عدالت پي ٽي آءِ سربراهه تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، پر پي ٽي آءِ سربراهه ڏوهه کان انڪار ڪري ڇڏيو .
عدالت سڪرنڊ ڪيس جي ڪارروائي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي نشر ڪرڻ تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي.
نواز شريف جي وطن واپسي ۽ عدالتن ۾ فتح:
21 آڪٽوبر 2023ع تي پاڪستان جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ ميان نواز شريف چئن سالن بعد پاڻ ئي پنھنجي جلاوطني ختم ڪري وطن واپس آيو.
نواز شريف کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جڏهن ته نواز شريف کي العزيزيه ڪيس ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، پر هو جيل جي سزا اڻپوري ڇڏي نومبر 2019 ۾ لاهور مان علاج لاءِ 8 هفتن لاءِ پرڏيهه ويو هو. نيب نواز شريف خلاف ايون فيلڊ ريفرنس، العزيزيه اسٽيل مل ريفرنس ۽ فليگ شپ ريفرنس داخل ڪيا هئا، وطن واپسي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه اسٽيل مل ريفرنس ۾ جيل جي سزا ٻڌائيندي کيس باعزت بري ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نيب عدالت جي سزا کي منع ٿيل (ڪالعدم) قرار ڏئي ڇڏيو هو، جڏهن ته نيب طرفان فليگ شپ ريفرنس واپس وٺڻ بعد ڪالعدم قرار ڏنو ويو هو.
چونڊن جو اعلان:
ملڪ ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ چونڊون ڪرائڻ ۾ دير ٿي وئي، جنهن کانپوءِ آخرڪار پاڪستان ۾ عام چونڊن جي تاريخ سامهون اچي وئي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي صدر پاڪستان سان مشاورت ڪرڻ کانپوءِ اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 8 فيبروري 2024 تي ٿينديون.
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب عام چونڊن جي پولنگ 8 فيبروري 2024 تي ٿيندي.
اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذ 19 ڊسمبر تائين حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ 20 کان 22 ڊسمبر تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.
عام چونڊن ۾ دير جو خدشو، سپريم ڪورٽ جو ڪردار:
اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ 8 فيبروري 2024 تي عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پر ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي عام چونڊن لاءِ بيوروڪريسي کي ڀرتي ڪرڻ واري فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.
لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن جي چونڊن لاءِ بيوروڪريسي جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آر اوز، ڊي آر اوز جي ٽريننگ روڪي ڇڏي هئي جنهن سبب چونڊن ۾ دير ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو. جنهن بعد سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ ضلعي رٽرننگ آفيسرن (ڊي آر اوز) ۽ رٽرننگ آفيسرن (آر اوز) ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جي ٻئي عملي جي مقرري جو حڪم ڏيندي هنگامي بنيادن تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نوٽيفڪيشن جو فيصلو معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنھن بعد اميدوارن پنھنجا فارم به جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ڏسون ته نئون سال 2024 ڪھڙي تاريخ ٿو رقم ڪري!