ديوار برلن
اٽڪل 62 سال اڳ جرمن جي شهر برلن جي وچ ۾ هڪ اهڙي ديوار اڏي وئي جنهن جو بنياد نفرت تي ٻڌل هو، جنهن کي ”ديوار برلن“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. مهذب قومن انهيءَ ديوار کي هميشه نفرت جي ديوار جي حيثيت سان ڄاتو. برلن جي وچ ۾ اولهه پاسي وفاقي رعيتي راڄ جرمني ۽ اوڀر پاسي جمهوري جرمني سوشلسٽ )اوڀر جرمني( جي دسترس ۾ هو. اها ورهاست دنيا جي ٻن وڏين طاقتن آمريڪا ۽ روس جي پاليسين سبب ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد منافقت سان برلن جي شهرين جي هڪ ٻئي سان آزادانه ميل ميلاپ کي روڪڻ هو. اهڙي ريت تاريخ جي ستم ظريقي ۾ هڪ ڏکوئيندڙ مثال قائم ڪيو ويو ته هڪ ئي شهر ۾ رهندڙ هڪ ئي نسل ۽ قوم جي باشندن کي ان ديوار ذريعي الڳ ڪيو ويو هو. ان ديوار جي ٺهڻ سبب ان شهر ۾ رهندڙ هزارين خاندان ورهائجي ويا ۽ ان ورهاست سبب مختلف قاعدن ۽ قانونن جي زير اثر زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيا ويا هئا. 28 سال هن ڊگهي ديوار کي يورپ جي پيشانيءَ تي هڪ بدنما داغ قرار ڏنو ويو ۽ ان عرصي تائين ماڻهو ان تان غير قانوني طرح فرار ٿيندا رهيا ۽ هزارين ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا. اڀرندي يورپ جي گهٽيل سماج ۾ جمهوري آزادي جي خواهش آخر هڻي وڃي هنڌ ڪيو جيڪا اصل ۾ تڏهوڪي روس جي باهمت ۽ باشعور اڳواڻ گوربا چوف جي گلاسنوسٽ ۽ پروسٽرئيڪا تي مبني پروگرام جي آغاز سبب ممڪن ٿي سگهيو.
اوڀر جرمني ۾ شروعاتي طرح اها اٿل ان ملڪ جي هزارين باشندن جيڪي هنگري ۽ چيڪو سلواڪيا جي رستي اولهه جرمني ڏانهن ڀاڄ جي شڪل ۾ ظاهر ٿي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ انهيءَ جي واڌ ايتري ته ٿي جو اوڀر جرمني جي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ”هو نيڪر“ کي پارٽي قيادت تان هٽڻو پيو ۽ پوءِ روسي اڳواڻ گوربا چوف جي اوڀر جرمني جي دوري کانپوءِ جلد ئي اتي جي اڳواڻن سان پاڻ ۾ صلاح مشورن کانپوءِ پنهنجي ملڪ ۾ بعض اصلاحي ۽ جمهوري تبديلين جو سلسلو شروع ڪري ڏنو جنهن تحت جڳ مشهور ”ديوار برلن“ جو دروازو هميشه لاءِ کولي پنهنجي ملڪ جي باشندن جو اولهه برلن يا اولهه جرمني سميت اولهه يورپ جي ملڪ ۾ آزادي سان اچڻ وڃڻ شروع ٿي ويو. 9 نومبر 1989ع جي آڌيءَ رات نفرت جي ديوار جي خاتمي جو اعلان هڪ انقلاب هو. هڪ اهڙي تاريخ جو ڪارنامو هو جنهن کي جرمن عوام هميشه ياد رکندو ته ڪئين نه انهيءَ ديوار جي پاسي وٽ بيهڻ تي گوليءَ جو نشانو بڻايو ويندو هو. سڌريل معاشري توڙي ملڪن ۾ سماجي ۽ سياسي اڳواڻ پنهنجي صلاحيتن، ڏور رس نگاهه، معاملا فهمي، افهام تفهيم ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي پائيدار، آسودو ۽ پرامن حل ڳولهي ڪڍندا آهن ۽ قومي مسئلن کي حل ڪندا آهن.
***

