نئون

تعصبي ۽ بيمار ذهن

زاهده ابڙو

پاڪستان هڪ وفاق آهي. جنهن ۾ چئن صوبن جو پنهنجو ثقافتي ورثو ۽ ڌار قومي ٻوليون آهن. وفاق جي سونهن ئي اها آهي ته انهن سڀني ٻولين کي پاڪستان اندر مان ڏنو وڃي ۽ سندن آئيني حيثيت کي مڃيو وڃي. ڪالهه ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڪارڊيالاجي وارڊ ۾ هڪ ليڊي ڊاڪٽر رابعه جڏهن پنهنجن مريضن ۽ اسٽاف سان معمول مطابق سنڌيءَ ۾ ڳالهايو ته کيس ڪارڊيالاجي وارڊ جي سينئر ڊاڪٽر پاران لکت ۾ تنبيهه ڪئي وئي ته هوءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ نه ڳالهائي ڇو ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي نه آهي، کيس اردو يا انگريزي ۾ ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي وئي. شايد ڊاڪٽر فهيم عامر کي اها خبر نه آهي ته مريضن کي هميشه پنهنجي ٻولي ڳالهائيندڙ ڊاڪٽر سان حال اوريندي تمام سٺو لڳندو آهي ۽ هر ٻولي ڳالهائيندڙ کي حق آهي ته هو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي اهو انسان جو بنيادي حق آهي. ان کانسواءِ جيڪڏهن اسان ان ڊاڪٽر جي انفرادي عمل کي ڏسون ته سندس هي عمل هن نازڪ وقت ۾ هڪ اهڙو مسئلو کڙو ڪرڻ جي ڪوشش آهي جيڪو سنڌ جي مسئلن کي اڃان وڌيڪ وڌائي سگهي ٿو. اهڙا مسئلا سنڌ جا ماڻهو پهرين به ڀوڳي چڪا آهن پنهنجي ٻوليءَ تان ڪابه قوم هٿ نٿي کڻي سگهي ڇو ته ٻولي قومن جي سڃاڻپ هوندي آهي ۽ ثقافت جو اهڃاڻ هوندي آهي. هن وقت اهڙي تعصبي عمل جي ڪري سنڌ جي ماڻهن کي خوامخواهه چڙ ۽ ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان جي ذميدار ڪنهن حد تائين سنڌ حڪومت به آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪابه اهڙي قانون سازي ناهي ڪئي جنهن سان سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت حاصل ٿي سگهي. پ پ جڏهن به حڪومت ۾ آئي آهي يا سينيٽ ۾ به اڪثريت ۾ رهي آهي ان وقت به ٻوليءَ لاءِ سنجيدگي سان ڪم نه ڪري سگهي آهي. هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميداري آهي ته هوءَ اهڙي ڪڙي وقت ۾ پنهنجي ٻوليءَ جو تحفظ ڪيئن ٿي ڪري ۽ جنهن ٻولي ڳالهائيندڙن کيس چونڊي حڪومت جو حق ڏنو آهي ان ٻوليءَ کي مان ڪيئن ٿي ڏئي. اسان کي هن وقت هڪ سجاڳ ۽ باشعور قوم جي حيثيت ۾ اهڙو ڪوبه جذباتي قدم نه کڻڻ کپي جنهن سان صوبي اندر وڳوڙ پيدا ٿئي پر اسان آئين جي حدن ۾ رهي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي جي تحفظ لاءِ جيڪي به ڪجهه ڪري سگهون ٿا ان لاءِ اسان کي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي ته جيئن اهڙا تعصبي ۽ بيمار ذهن فرد پنهنجو احتساب ڪري سگهن ۽ ادارن ۾ تعصب جي باهه کي هوا نه ڏين. ڇو ته اها باهه کين به ساڙي سگهي ٿي.