سنڌ جي گادي وارو شهر جيڪو ملڪ جو معاشي حب پڻ آهي، ان کي غريب پرور شهر چيو ويندو آهي. هي اهو ئي شهر آهي، جنهن لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته هي روشنين جو شهر آهي. هتي ڪوبه ماڻهو بکيو اچي ته سگهي ٿو، پر بکيو رهي نه ٿو سگهي. نه صرف پوري پاڪستان جا ماڻهو، پر دنيا جي غريب ملڪن جا ڪيترائي ڏتڙيل انسان هن شهر ۾ اچي پناهه وٺندا رهيا آهن.
ماضيءَ ۾ جيڪڏهن ٻه اکيائي ٿي آهي ته به سنڌ جي ٻهراڙي جي عوام سان ٿي آهي، پر هاڻي انهن جو انگ به ايترو ٿي چڪو آهي، جو کين ڪير روڪي نه ٿو سگهي. ڪڏهن لساني نفرت جي نالي تي ته ڪڏهن مذهبي منافرت جي نالي تي سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن کي هن شهر جي نفرت پکيڙيندڙ گروهن طرفان قبول نه ڪيو ويندو هو. جيڪڏهن اهي ايندا به هئا، ته به انهن سان انهن گروهن جو رويو ڌڪار وارو رهيو هو، پر هاڻي ائين نه آهي.
1970 واري چونڊن ۾ جيڪي پهريون دفعو هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جي بنياد تي ٿيون هيون. ان وقت پيپلز پارٽي هن شهر جي اڪثريتي پارٽي هئي. ان کانپوءِ مذهبي گروهن کي ۽ لساني گروهن کي آمرن هٿ وٺي مضبوط ڪيو ۽ هتان جي عوام کي لساني ۽ گروهي سياست ۾ ورهائي نفرت جو بنياد وڌو ويو. جنهن هن شهر کي خوبصورت مان بدصورت بڻائي ڇڏيو. ڪنهن به شهريءَ جي عزت، جان، مال محفوظ نه رهيا. روشنين جو شهر ڀوائتو ۽ خوفناڪ بڻجي ويو، جتي رات جو ته ٺهيو، پر ڏينهن جو نڪرندي به خوف محسوس ٿيندو هو. پهرين هڪ مذهبي تنظيم ۽ پوءِ هڪ لساني تنظيم هٿيارن جي زور تي پوري شهر کي يرغمال بڻايو. سياسي طاقت پڻ انهن جي هٿ ۾ رهي. ميئر انهن جا ٿيندا رهيا، اهي ئي ميئر چائنا ڪٽنگ ڪري شهر کي بدصورت بڻائيندا رهيا، پر انهيءَ سڄي چئلينج جو هڪ پارٽي پوري طرح مقابلو ڪندي رهي ۽ اها پارٽي پيپلز پارٽي هئي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي کي سنڌين جي پارٽي سمجهيو وڃي ٿو، پر ائين آهي ڪونه. پيپلز پارٽي جي خوبصورتي اها رهي آهي ته هن جي تنظيم ڪاري ۾ ملڪ جي سڀني قومن جي نمائندگي آهي ۽ اها ڪراچي ۾ پڻ نظر اچي ٿي. ڪراچي جو پٺاڻ هجي، بلوچ هجي، سنڌي هجي، سرائيڪي هجي يا اردو اسپيڪنگ هجي. اهي سڀ شناختون رکندڙ پيپلز پارٽي جا اهم عهديدار رهندا آيا آهن ۽ هن وقت به پيپلز پارٽي هڪ اردو اسپيڪنگ سنڌي کي ڪراچي جو ميئر بڻايو آهي، جيڪو پنهنجو ڪم انتهائي ذميواري سان سرانجام ڏئي رهيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جون ڪيتريون به ڪوتاهيون هجن، پر هڪ ڳالهه صاف آهي ته هن پارٽي ڪڏهن به نفرت جي سياست نه ڪئي آهي. ماڻهن کي جوڙيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن وقت ڪراچي جي عوام طرفان کيس ڀرپور موٽ ملي رهي آهي. اهڙي قسم جو اظهار ڪراچي جي عوام بلاول ڀٽو زرداري جي ريلي کي موٽ ڏئي ڪيو آهي، اها ريلي جيڪا پيپلز پارٽي جي ڳڙهه لياري کان شروع ٿي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه قائداآباد تائين پهتي، هر جڳهه تي هزارين ماڻهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين جي آجيان ڪئي، گلن جي ورکا ڪئي. اهڙي قسم جا اجتماع ڏسڻ کانپوءِ محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته ڪراچي شهر مذهبي نفرت ۽ لساني نفرت جو چولو بدلائي روشن خيال ۽ ترقي پسند ٿيڻ چاهي ٿو. انهيءَ ڪري هو پيپلز پارٽي طرف وڌيڪ راغب آهي.
هاڻي ڏسڻو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي شهر جي قومي اسيمبلي جي 22 سيٽن مان ڪيتريون سيٽون حاصل ڪري سگهي ٿي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 47 سيٽن مان پنهنجا ڪيترا اميدوار ڪامياب ڪرائي سگهي ٿي. جيڪڏهن شهر جي اڪثريتي پارٽي نه به ٿي، ته به نظر ائين پيو اچي ته سندس کٽيندڙ اميدوارن جو تعداد چڱو خاصو هوندو. اها نه صرف پيپلز پارٽي جي فتح هوندي، پر ڪراچي جي عوام جي فتح هوندي ۽ اهو پيغام ايندو ته ڪراچي جو عوام گروهي، لساني ۽ مذهبي سياست کان پاڻ ڇڏائي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيو آهي اها ڪراچي جي عوام جي فتح هوندي ۽ ڪراچي هڪ دفعو ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو.