نئون

ريگستان جهڙي علائقي ۾ هوا مان پاڻي تيار ڪندڙ مشين تيار

آمريڪي رياست ميسا چوسيٽس جا سائنسدان ريگستان جي هوا مان پاڻي تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن هنن اهڙي مشين تيار ڪري ورتي آهي جيڪا هوا مان پاڻي تيار ڪري سگهي ٿي. هي مشين ميسا چوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ماهرن تيار ڪئي آهي جنهن جو ايري زونا جي ريگستان ۾ ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي. هن مشين جي تياري ۾ هڪ سال جو عرصو لڳو آهي، جنهن کي ميٽل آرگينڪ فريم ورڪ جي نموني ۾ ٺاهيو ويو آهي، جيڪا هوا ۾ موجود 10 سيڪڙو نمي مان به پاڻي تيار ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته هن کان پهرين ٺاهيل مشين 100 سيڪڙو نمي مان ئي پاڻي تيار ڪري سگهي پئي، جيڪا ريگستان ۾ ڪم نه پئي ڪري سگهي. هن مشين جي خوبي اها به آهي ته هي سج جي توانائي تي ڪم ڪري سگهندي ۽ مسافرن ۽ سياحن کي زنده رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، جنهن کان علاوه ريگستان ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ جانور به هن مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.