مذڪوره موضوع تي لکڻ جو بنيادي مقصد هي آهي ته، سنڌ ۾ ڪيتريون شخصيتون آهن جن جون ادبي خدمتون قابل تعريف آهن ليڪن افسوس انهيءَ ڳالھ جو آهي ته، انهن جي علمي ۽ ادبي پورهئي کي متعارف نه ڪرايو ويو آهي جنهن ڪري، اسان جو ڪافي علمي ۽ ادبي ذخيرو ضايع ٿيندو رهيو آهي. سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“ سومرو جون ادبي خدمتون قابلِ تعريف آهن جن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي.
مختصر تعارف: ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“ سومرو ولد عبدالقادر ”عنبر“ 18 آگسٽ 1960ع تي، رستم ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. پاڻ جيئن ته علمي وادبي گهراڻي جو فرد آهي لکڻ ۽ پڙهڻ سندس ذهني خوراڪ آهي. پاڻ جڏهن ارڙهن سالن جي عمر جو ٿيو ته لکڻ واري ڪم جي ابتدا ڪيائين، انهيءَ علمي ۽ ادبي ڪم جي تربيت سنڌ جي نامياري محقق ۽ نقاد الحاج ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ جي نگرانيءَ ۾ ٿيندي رهي. جيئن ته راز صاحب هڪ گهڻ پڙهيو عالم، استاد ۽ ڏاهو انسان هو انهيءَ جي علمي ڏاهپ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا انهن شاگردن مان محمد شريف ’شاد‘سومرو پڻ هڪ آهي. جنهن ڊاڪٽر راز صاحب کان علمي ادبي تربيت حاصل ڪري هڪ ڪهاڻيڪار، شاعر، محقق ۽ نقاد واري حيثيت سان نڪري نروار ٿي پيو ۽ ڏاڪي به ڏاڪي پنهنجون ادبي منزلون طئي ڪري پاڻ مڃرائيندو پيو اچي. ڊاڪٽر محمد شريف ’شاد‘ سومري هڪ پرائمري استاد کان سفر ڪندي اسسٽنٽ پروفيسر تائين تعليم کاتي ۾ لڳ ڀڳ چاليهن سالن تائين هڪ استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هڪ محنتي شاگرد ۽ استاد جي حيثيت سان وڏن وڏن ناميارن ليکڪن جي ڪتابن جو تمام گهرائي سان مطالعو ڪري جيڪا معلومات حاصل ڪيائين سا سندس مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن مان پڙوڙي سگهجي ٿي. راقم الحروف سميت هر ماڻهو انهيءَ جي ادبي مطالعي مان استفادو حاصل ڪندو رهي ٿو. انهيءَ سٺين خوبين جي سبب ڪري علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ ماڻهو سندس آستاني تي اچي ڪچهريون ڪري علمي وادبي فيض حاصل ڪندا رهن ٿا. شاد سومرو جي ادبي حلقهءِ احباب ۾ ڪيترائي علم دوست شامل آهن جيڪي وٽس ادبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ پنهنجو وکر وٺي وڃن ٿا. ڊاڪٽر شاد ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن جن ۾ ٻين سان ادب سان پيش اچڻ ۽ ٻين جو احترام ڪرڻ ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿو ۽ انهيءَ سان گڏ سندس مٺي زبان جي سحر جي ڪري پنهنجا توڙي پراوا به پنهنجا ڪري ٿو وٺي. جڏهن ڪو به سندس ادبي ڪچهري مان علم پرائي ٿو ته، وري سندس ٻِي رهاڻ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ دل ۾ آس رکي ٿو ته، ڊاڪٽر ”شاد“ جي علمي ڪچهري مان وري ڪو وکر حاصل ڪجي، اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي علم ادب سان چاھ شاگرد سندس ئي اثر قبول ڪندي سنڌي ادب ۾ لکڻ پڙهڻ وارو ڪم شروع ڪن ٿا. اهي ئي سکيا حاصل ڪندڙ اڄ سنڌي زبان وادب جي سهڻي نموني آبياري ڪري رهيا آهن. هن ڌرتي تي ڪيئي خان، دولتمند، امير ڪبير، بادشاهه آيا ۽ وڏا وڏا آفيسر ٿيا ۽ پنهنجي عهدي ۽ ڪرسي تائين جيئرا رهيا پر مرڻ کانپوءِ ڪنهن کي ياد ئي نه رهيا پر جيڪي شخصيتون صاحبِ ڪتاب آهن ۽ انسان دوست آهن، وطن جي خدمت جي ۾ ويساھ رکن تن جون يادگار ڳالهيون صدين تائين تازيون رهن ٿيون. شاد صاحب لاءِ دعا آهي ته، وڏي ڄمار ماڻي هُو هڪ سٺي انسان سان گڏ هڪ ڪامياب اديب طور وڏي مڃتا ماڻي رهيو آهي. شاد سومري جي علمي ادبي پورهئي جو جيڪو قدرٿي رهيو آهي سو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. سندس ادبي خدمتن جي ڪري پڙهندڙن پاران موٽ ملي رهي آهي سا به مثبت نوع ۾ ڇاڪاڻ جو کيس سنڌ جي مختلف ناميارن اديبن، شاعرن ۽ ادبي تنظيمن پاران کيس مڃتا طور ادبي خدمتن عيوض ايوارڊ ۽ شيلڊون پئي ڏيندا رهيا آهن. سندس علمي و ادبي پورهئي جو قدر ڪندي انهيءَ تي خوشي محسوس ڪري رهيا آهن. هي هڪ علمي قدرداني جو زنده مثال آهي ته، جيڪو معاشرو علم سان دلچسپي رکندو آهي انهيءَ کي زنده معاشرو چئبو آهي. انهيءَ معاشري جا باشعور فرد پنهنجي عالمن اديبن جو قدر ڪندي انهيءَ ڳالھ جو ثبوت ڏيندا آهن ته، معاشرو زنده آهي. اهڙي قدرداني ڪرڻ تي اديب، شاعر، مذهبي اسڪالر پنهنجي مشاهدي، مطالعي ذريعي پنهنجي قوم جو نالو سموري دنيا ۾ روشن ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر محمد شريف ’شاد‘ سومرو جو هڪ متحرڪ ڪردار ۽ عمل نظر اچي رهيو آهي. شاد هڪ مصنف، مرتب ۽ محقق جي حيثيت ۾ جهڙي طرح نمايان نظر اچي ٿو ۽ سندس علمي ادبي ڪتاب پنهنجن موضوعن ۽ ادبي افاديت جي لحاظ کان پڙهندڙن لاءِ ڪمائتا ثابت ٿي رهيا آهن. شاد جي ڪتابن کي شاهدي طور هت هيٺ پيش ڪجي ٿو:
تاريخ شڪارپور )مرتب( پيڪاڪ ڪراچي، 2017ع
ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي )مرتب( سمبارا، پبليڪيشن، حيدرآباد، 2017ع
ڪلام طالب )بزرگ محمد طالب جو ڪلام(، )تحقيق ۽ ترتيب( ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ اڪيڊمي، شڪارپور _ ڪراچي، 2018ع
وسي شال سنڌؤ جو ڪنارو )شاعر ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ سومرو )طويل نظم( مرتب: ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ اڪيڊمي، شڪارپور _ ڪراچي، آگسٽ، 2018ع
حضرت مخدوم شاھ عثمان قريشي رحه سهروردي )تحقيق( فقير نورمحمد پيرزاده گادي نشين، مارچ 2020ع
پروفيسر حفيظ الله سندراڻيءَ جون تعليمي، علمي ۽ ادبي خدمتون )مرتب( ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ اڪيڊمي، شڪارپور ڪراچي، 2021ع
مذڪوره ڪتابن کان علاوه سندس مضمونن ۽ تحقيقي مقالن جو هڪڙو خاصو تعداد آهي جيڪو هن سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي سماج سان بي لوث پيار جو مثال آهي. سندس مضمونن ۽ مقالن ۾ سنڌ جي تاريخ، ادب، ثقافت کان ويندي ناميارن شخصيتن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي آڏو رکي تن جي ڪارائتين ڳالهين کي مثالن ۽ دليلن جي روشنيءَ ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ ڪابه ڪثر ناهي ڇڏي. انهن مقالن ۾ ڪيئي اڻڇهيل ۽ اڻ ٻڌل ڳالهيون جن تي فڪري گهرائي ۽ مدلل نموني جو بحث مباحثو ڪري ٿو جا ڳالھ ڏاڍي جاندار محسوس ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو انهن لکتُن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو نالو هر زاويي ۽ رخ کان نروار ڪرڻ جي هرممڪن ڪوشش نظر اچي ٿي. اهي علمي ادبي بحث ۽ معلوماتي ڳالهيون سندس مقالن ۽ مضمون جي مواد مان پرکي ۽ پروڙي سگهجن ٿيون. اهي مقالا ۽ مضمون سنڌي زبان جي مختلف تحقيقي جرنلن، مخزنن، رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. مقالن جا موضوع ۽ مواد نهايت ئي جاندار ۽ قيمتي ڳالهين تي آڌاريل آهن هرڀرو جي ڳالھ مان ڳالهوڙو ڪونه ٺاهيو ويو آهي پر هرهڪ شيءِ کي پنهنجي سمتن سان سڌي ريت اهڙي طرح بيان ڪيو ويو جو عقل سليم لاءِ مڃڻ ۽ قبول ڪرڻ جهڙيون آهن. شاد سومرو جون لکڻيون گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪونه لکيون ويون آهن ڪنهن به چيز کي ذڪر هيٺ آڻڻ کان پهرين اُن جو تعارف، ارتقا ۽ اختتام نهايت ئي علقمندي سان ڏاڪي به ڏاڪي صحتمند قدرن ۽ دليلن سان پيش ڪيل آهن. اهڙيون خوبيون ڪن چند ليکڪن جي لکڻين مان نظر اينديون آهن. جن ليکڪن جون نگاهون پنهنجي فطرت ۽ قوم جي نفسياتي ڪيفيت ڏانهن تمام گهرو ۽ فڪري هوندو آهي، سي ئي ڪامياب ليکڪ ليکبا آهن. مون هڪ طالبعلم جي حيثيت سان ڪيترن ئي اديبن جي لکڻين جو مطالعو ڪيو آهي انهن جي سوچ ۽ معيار کي مدنظر رکيو آهي ڪيئي ڀلا مضمون، مقالا ۽ ڪتاب جن کي هٿ ۾ کنيم ته روح راضي ٿيڻ لڳو چيم ته، ها ايئن لکبو آهي ۽ بار بار انهن کي پڙهڻ ۽ اڃان پڙهڻ تي دل چوندي آهي ۽ دماغي اڃ لهندي ئي ناهي. ڪي اهڙيون تحريرون گذريون جيڪي بلڪل ئي بي مزي ۽ بيمار ذهنن جي سوچ مان ڦٽل وچڙندڙ بيماري وانگر ۽ بور ڪندڙ به لڳيون جن جو مذڪوره مقالي ۾ ذڪر ڪرڻ مناسب ڪونه ٿو لڳي. بهرحال محقق وٽ هڪ وسيع مطالعو هجي جنهن وسيلي هُو دماغ ڪتب آڻي ۽ ٻين جي لکتُن سان انصاف ڪري ۽ اجائي ساراھ کان پاسو ڪري جيڪا شيءِ جنهن روپ ۾ پيش ڪيل اُن کي، انهيءَ صورت ۾ پيش ڪري پنهنجي راءِ قائم ڪري. ڪهڙن ليکڪن سماج جي اوسر ۽ ارتقا کي درست طرح ڏٺو، پرکيو ۽ پروڙيو آهي ۽ ڪهڙي انداز ۾ انهيءَ کي لکيو آهي ۽، ڪهڙن اُجائي پنا ڪارا ڪيا آهن. انهيءَ لاءِ پنهنجائپ واسطيداريءَ کي پاسي تي رکي، عقل سليم کان انصاف وٺبو ته اديب جي دنيا آباد رهندي ايندي آهي. قوم جي اديبن ۽ شاعرن مٿان وڏي ذميوار عائد ٿيل هوندي آهي ته، هُو سماج کي صحتمند قدرن واريُن تخليقن سان نوازين ته ڀلي ڳالھ آهي. ليکڪ جيڪو لکي ٿو انهيءَ مان باشعور پڙهندڙ سندس ذهني لاڙي، علمي قابليت ۽ نفسياتي سوچ کي به پرکي ٿو ته، هيءُ جيڪو لکي رهيو آهي اهو سچُ به آهي يا سماج کي کوکليُن ڳالهيُن سان جذباتي ڪري رهيو آهي. جيڪو ليکڪُ قوم کي خيالي ڳالهيُن سان کير ۽ ماکيءَ جون نديُون وهائڻ جي بي سود ڳالھ ڪري ٿو سو گمراھ ڪري رهيو آهي. سٺا خيال ڏيڻ به سٺي ڳالھ آهي، پر، جن ڳالهيُن کي عقل به تسليم ڪري سي قابل قبول آهن. اسان کي ڳوڙهيُن ڳالهيُن جو عادي نه ٺاهيو وڃي پر عملي، عقلي ۽ سائنسي سوچ ڏيڻ وارا اديب گهرجن. شريف ’شاد‘ جا موضوع به اڪيچار آهن جن ۾: ادبي تنقيد، سنڌي ٻولي، تاريخ، ثقافت مکيه موضوع آهن، جن کي پڙهڻ ۽ انهن تي غور ڪرڻ سان معلومات ۾ اضافو ٿيو پوي. ڊاڪٽر ’شاد‘ جا هن وقت 150 کان وڌيڪ مختلف موضوعن تي مقالا ۽ مضمون ۽ 20 کن ڪتاب مسودن جي صورت ۾ پيل آهن جن کي شايع ڪرڻ جي ضرورت درڪار آهي. ڊاڪٽر ’شاد‘ جي شايع ٿيل مقالن جو تعداد 36 آهي جن جا عنوان آهن: _ ”شاھ لطيف جو پيغام“ ماهوار ”پيغام“ ڪراچي، آڪٽوبر 1985ع، ”لکِيءَ جو شهر تاريخ جي آئيني ۾“ ماهوار ”نئين زندگي“ حيدرآباد، جون 1986ع، ”سما دور جو سنڌ جو گمنام شاعر فقير محمد طالب 1400 _ 1520ع“ ڀٽائي تحقيقي جرنل، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، شمارو: 5، 1995ع ”سنڌ تي ڌارين قومن جون ڪاهون تاريخ جي روشنيءَ ۾“ ماهوار ”مهاڏو“ حيدرآباد. جنوري 1996ع، ”نثري نظم جو تاريخي پسمنظر )عالمي ادب کان سنڌي ادب تائين“ ماهوار ”مومل“ ڊسمبر 1998ع، ”تجريدي نظم جو فن، فڪر ۽ تاريخ“ ڀٽائي، تحقيقي جرنل، شمارو: 6، 1999ع، ”هائيڪو جو مختصر تاريخي پسمنظر ۽ ان جو فن“ ماهوار ”نئين زندگي“، حيدرآباد، نومبر _ ڊسمبر 1999ع، ”لکيءَ جو شهر تاريخ جي آئيني ۾ )قسط پهرين(“ اوسيئڙو پبليڪيشن لکي، جنوري 2001ع، ”نثري نظم ۽ آزاد نظم ۾ فرق“ تحقيقي جرنل ”ڪينجهر“، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، 2004ع، ”چيلاسنگھ ۽ سيتلداس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور جا پرنسپال صاحبان“،”نخلستان پلاٽينيم“ ،)جوبلي نمبر( 2008ع، سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور، ”ادارن جي ترقيءَ ۾ صحافت جو ڪردار“ ريسرچ جرنل، سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي، ادبي تحقيق _ 10 _ 2009ع، ”نياز همايونيءَ جي طويل نظم نگاري“ ريسرچ جرنل ”ڪارونجهر“ سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي، 2010ع، ”شاھ عبداللطيف يونيورسٽي سنڌي شعبو تاريخ ۽ ڪارڪردگي“، ماهوار ”سوجهرو“ ڪراچي جي ٽن پرچن جون 2012ع، جولاءِ 2012ع ۽ ٽئين قسط آگسٽ 2012ع ۾ شايع ۾ ٿيل آهي. ”قديم سنڌي نظم ۾ لوڪ ادب“ ڪتاب؛س”نڌي لوڪ ادب“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ مارچ 2013ع، ”نثري نظم جو تاريخي پسمنظر )عالمي ادب کان سنڌي ادب تائين“( ٽه ماهي ”مهراڻ“ نمبر2، 2013ع، ”لعل شهباز قلندر تاريخ جي روشنيءَ ۾“ خاص اشاعت ”سنڌڙيءَ جو شهباز“ اطلاعات ۽ ارڪائيوز کاتو حڪومت سنڌ، جون 2013ع، ”ڪلهوڙا دور ۾ ٺٽي جا نامور عالم“، )1700 _ 1782ع(، ماهوار ”پيغام“ ڪراچي، اپريل، مئي، 2015ع، ”ڪلهوڙا دور ۾ ٺٽي جا نامور عالم“ ٽه ماهي ”مهراڻ“، نمبر 2/3 سنڌي ادبي بورڊ، 2015ع، ”مرزا قليچ بيگ جي نظم نگاري هڪ جائزو“ تحقيقي جرنل ”قليچ“ شمارو 2، 2016ع، ”نثري نظم جو مختصر تاريخي پسمنظر )عالمي ادب کان سنڌي ادب تائين(، ماهوار ”سورمي“ ڪراچي، جنوري ڏان مارچ 2016ع، ”ساميءَ تي ٿيل تحقيق جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” ٽه ماهي ”تخيل“ مارئي اڪيڊمي، جولاءِ کان سيپٽمبر 2016ع، ”روحل رتي روح جي” ٽه ماهي ”تخيل“ جنوري کان مارچ 2016ع، ”سنڌي نظم جي هيئت جو تحقيقي جائزو“ تحقيقي جرنل ”ڪينجهر“ 2016ع، ”ادبي تاريخ نويسيءَ جو فن ۽ سنڌي ادبي تاريخن جو جائزو )قسط _ 1(“ ٽه ماهي ”تخيل“ جنوري کان مارچ 2017ع، ”ادبي تاريخ نويسيءَ جو فن ۽ سنڌي ادبي تاريخن جو جائزو )قسط _ 2(“ ٽه ماهي ”تخيل“ اپريل کان جون، 2017ع، ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق جو طريقو“ ٽه ماهي ”تخيل“ جولاءِ _ ڊسمبر 2017ع، ”شڪارپور جي علمي ادبي تاريخ تي اڳ ٿيل ڪم جو جائزو“ ڪتاب ”تاريخ شهر شڪارپور“ مرتب: وفا منظور چوهاڻ، ڊسمبر 2017ع، ”بناقافيي نظم جي ارتقا جي تحقيقي اڀياس“ )قسط _1( ٽه ماهي ”تخيل“ جنوري _ مارچ، 2018ع، ”بنا قافيي نظم جي ارتقا جي تحقيقي اڀياس“ )قسط _آخري( ٽه ماهي ”تخيل“ آڪٽوبر کان ڊسمبر، 2018ع، ”مير محمد پيرزادي جي شخصيت ۽ ادبي خدمتن جو مختصر تحقيقي جائزو“ٽه ماهي ”تخيل“ جنوري کان جون 2020ع، ”شڪارپور جي سياسي، سماجي، لساني ۽ ادبي تاريخ جو جائزو“ ٽه ماهي ”تخيل“ جولاءِ کان ڊسمبر 2020ع، ”شڪارپور جي هندو شاعرن جو تحقيقي جائزو“ ٽه ماهي ”تخيل“، شمارو 18، 19 اپريل _ سيپٽمبر، مارئي اڪيڊمي، ماوي ٽائون، قاسم آباد، حيدرآباد، 2022ع, ۾ شايع ٿيل علمي ۽ ادبي نوعيت جا شاندار مقالا آهن. مذڪوره لِکتُن جي مواد ۾ محقق جي تمام گهڻي عرق ريزي نظر اچي ٿي. هر هڪ موضوع ۾ نئين معلومات ملي ٿي. نون نون عنوانن ۾ نوان نوان بحث مباحثا ڪري سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جا رخ شايان شان نموني اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. انهيءَ کان علاوه ڊاڪٽر ”شاد“ صاحب جو ادبي پورهيو سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ 58 مضمون ۽ ڏهن ڪتابن جا مُهاڳ ۽ مقدما پڻ لکيا آهن. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر ’شاد‘ سنڌ جي ناميارن بزرگن جي سوانح حيات کان ويندي انهن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي سُهڻِي طرح اجاگر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري انهن جي شخصيت، ڪم ۽ ڪردار کي نمايان ڪري پيش ڪري ٿو. ڊاڪٽرعبدالرزاق ’راز‘ سومرو لکي ٿو ته: ”شريف ”شاد“ سومرو گورنمينٽ هاءِ اسڪول خانپور ۾ منهنجو شاگرد ٿي رهيو. سنڌي شعر وشاعري ۾ خُصُوصاً عروضي کيس تربيت ڏيندو رهيس ۽ مٿس ’شاد‘ تخلص به منهنجي طرفان رکيل آهي. شريف ”شاد“ پنهنجي ذهن ۽ ذڪاءَ جي بنياد تي جيڪا محنت ڪئي آهي ان جو ڦل کيس ملي چڪو آهي، اڃا ڪجھ باقي آهي ته ان لاءِ، اسان جون دعائون به شامل آهن.“ )سومرو، 2018: 9( اڄ ڊاڪٽر ’شاد‘ جيڪي علمي ۽ ادبي منزلون طئي ڪري رهيو آهي، ۽ سنڌي ادب جي خزاني ۾ جيڪو مواد ڏئي رهيو آهي اهو علمي ۽ ادبي حوالي سان سنڌي ادب جي شاگردن توڙي عام پڙهندڙن يا نون محققن لاءِ نهايت مفيد ۽ ڪارائتو ثابت ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر ’شاد‘ سومرو سنڌي ٻوليءَ جي اديبن، شاعرن، محققن ۽ نقادن کان اميد رکي ٿو ته، هُو وڌ کان وڌ اها ڪوشش ڪن ته، سنڌي زبان ۾ جيڪو ادب تخليق ٿي رهيو آهي انهيءَ ۾ وقت جي حساب تبديلي اچڻ گهرجي جنهن ۾ پنهنجي زماني ۽ نون قدرن جي پرچار ٿيل هجي. پُراڻا قدر ۽ معيار انهيءَ دور جي ضرورت هُئي وقت ۽ حالات تبديل ٿيندا رهن ٿا ۽ ٿيندا رهندا پُراڻن لِيڪُن کي نه ڪُٽڻ گهرجي. هرشيءِ کي پنهنجي فطرت جي اصول ۾ رکجي ته، بهتر ٿيندو ۽ معاشرو انهن شين کي پنهنجو ڪندو آهي جن ۾ هُو ساھ کڻي رهيا آهن.
اديبن، شاعرن، صحافين، استادن، ججن، وڪيلن، سياسي، سماجي ورڪرن مان سماج وڏيون اميدون رکندو آهي ته، وٽن ذهني خزاني جي ڳوٿري ۾ ڪهڙو سامان آهي جنهن مان سماج فائدو حاصل حاصل ڪندو؟ باشعور ۽ ذميوارفرد اهي آهن جن جي قولن ۽ فعلن ۾ ڪوبه تضاد نه هئڻ گهرجي. ڊاڪٽر شاد پنهنجي انٽرويو ۾ چوي ٿو ته: ”سماج وڏو نقاد آهي، جيڪو شاعر جي شاعريءَ سان گڏ ان جو ڪردار به ڏسي ٿو، اديب ۽ شاعر کي پنهنجي ڌرتيءَ سان پنهنجي سماج سان محبت ۽ الفت ۽ سچائي ان سان گڏ هئڻ گهرجي.“)سومرو، 2018: 6( جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته، ڊاڪٽر شاد کي سنڌ جي تاريخ ۽ ادب سان خاص دلچسپي آهي انهيءَ جو هت هيٺ هڪ مثال ڏجي ٿو:
تارِيخ شڪارپور: هن ڪتاب جو مصنف ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ سومرو آهي ۽ مذڪوره ڪتاب جو مرتب، پروفيسر محمد شريف ’شاد‘ سومرو آهي. مذڪوره ڪتاب جو انتساب سنڌ جي نامياري محقق ۽ نقاد، پروفيسر ڊاڪٽر محمد انور ’فگار‘ هڪڙو جي نالي ڪيل آهي. ڪتاب ۾ شڪارپور جي چار سؤ ساله تاريخ کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي ٻن صفحن جو مُهاڳ، ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ سومرو جولکيل آهي. ڪتاب جو 13 صفحن جو مقدمو، پروفيسر محمد شريف ’شاد‘ سومرو جو لکيل آهي. سموري ڪتاب کي ڇهن بابن ۾ هن طرح سان ورهايو ويو آهي:
باب پهريون: شڪارپور شهر جو تاريخي پسمنظر
باب ٻيون: آزاديءَ کانپوءِ جودور
باٽيون: شڪارپور جا باني )شجرو ۽ خاندان(
باب چوٿون: شڪارپور جا عالم ۽ ديني مدرسا
باب پنجون: شڪارپور جو بنياد )ترديدي مقالو(
باب ڇهون: خلافت تحريڪ ۾ شڪارپور جو حصو
هي سمورو ڪتاب 319 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 500 رپيا رکيل آهي. علمي ۽ ادبي حوالي سان جڏهن ڪتاب جو مطالعو ڪجي ٿو ته، اڃا به ڪن شين کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت درڪار آهي، پر ڪتاب جي علمي ادبي حيثيت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. ”سنڌ جو هيءُ عظيم تاريخي شهر آهي، جنهن کي پنهنجي تاريخ سان گڏ تهذيب ۽ ثقافت، علم ۽ هنر، تجارت ۽ سياست ۾ بين الاقوامي عروج حاصل رهيو آهي. دنيا جي تاريخ ۾ ”شڪارپور“ جو نالو شڪارپور شهر جي زندگيءَ جو هڪ تصور پيش ڪري ٿو، جيڪو ماضيءَ جي ڪيترين صدين جي ياد تازي ڪندو رهي ٿو…هن شهر جي طويل مدت سان ڪيترائي سياسي، سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ تجارتي واقعا منسوب آهن.“ )سومرو، 2017: مُهاڳ( ڪتاب جي مقدمي ۾ پروفيسر ’شاد‘ سومرو شهر جي تاريخ جي ڪن اهم واقعن، ڪتاب جي مصنف جي مختصر سوانح، علمي وادبي خدمتن، تعليمي خدمتن کان ويندي ڪتاب جي ڇهن ئي بابن جي مواد تي علمي گفتگو ڪئي آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ شڪارپور جي جاگرافيائي پسمنظر جو ذڪر ڪندي لکيو ويو آهي ته: ”هن شهر مان اتر طرف افغانستان ۽ ايران طرف ڏانهن رستو وڃي ٿو جتان وچ ايشيا ۽ يورپ جي ملڪن تائين پهچ حاصل ٿئي ٿي. ٻيو ڏکڻ ۾ سکر کان پنجاب ۽ لاهور طرف رستو وڃي ٿو. اولھ ۾ لاڙڪاڻو ۽ ڪراچيءَ طرف رستو وڃي ٿو. هن شهر جي اوڀر ۾ ڪشمور ۽ اتان بلوچستان ڏانهن رستو نڪري ٿو ۽ اوڀر م 25 ڪلوميٽر تي سنڌو درياءُ اٿس… هي شهر اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 25 ڊگرين تي بيٺل آهي ۽ سج جي مدار کان ڏيڍ ڊگري مٿي بيٺل آهي، ان ڪري هت پاڇو هميشھ اتر طرف پوندو آهي. سامونڊي سطح کان 194 فوٽن جي بلندي تي آهي. خط استوا هن علائقي جي وچ مان نڪري ٿي جنهن ڪري اونهاري ۾ سخت گرمي ۽ سياري ۾ وچولي ٿڌ پوي ٿي.“ )تاريخ شڪارپور، 2017: 20، 21) اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ شڪارپور شهر جي بنياد پوڻ متعلق مختلف احوالن ۽ صدري روايتن جي روشني سان ڪن ڳالهين جو ذڪر ڪندي اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته، ”شڪاپور شهر کي اڏائڻ ۽ آباد ڪرڻ لاءِ شهنشاھ جهانگير جي عهد حڪومت )1601 _ 1627ع( ۾ امير بهادر خان دائودپوٽي، بکر جي مغل نواب بايزيدخان )1025 _ 1028ھ( کان زمين جو هڪ پٽو حاصل ڪيو، جتي تمام گهاٽو جهنگ هو، انهيءَ جهنگ جي ڪجھ حصي کي وڍرائي پنهنجي قبيلي سميت سن 1026ھ مطابق 1617ع ۾ رهائش گاھ قائم ڪئي ۽ جهنگل جي باقي حصي ۾ شڪار ڪندو رهيو، هن شڪار گاھ جي نسبت سان مٿس نالو ”شڪارپور“ رکيائين.“ )سومرو، 2017: 21(، هن شهر تي ڪيترن ئي حملي آورن جي حملن جو ذڪر پڻ ملي ٿو. هن شهر جي اوج ۽ زوال جو احوال ذري پرزي هن ڪتاب جي مواد ۾ شامل ڪيل آهي. هن شهر جا دروازا، شڪارپور تي ڪاهون، دائود ۽ لکي جا مهر، لکي جي مهرن جون ڪاهون، دائود پوٽن ۽ بختيار خان جو حملو. امير مبارڪ خان جي ملتان ڏانهن روانگي، ديري غازي خان جي لڙائي ۾ دائودپوٽن جو ڪردار سامهون آندو ويو آهي. اهڙي طرح مذڪوره ڪتاب کي مفيد مواد سان آراسته ڪري شڪاپور شهر جي فطري حسن کي اجاگر ڪري پيش ڪرڻ جو سهرو مصنف جي سر تي هڪ تاج وانگر نمايان ٿي بيٺو آهي. نادر شاھ افشار، سنڌ جي تقسيم، مرزا عسڪرعلي جو شڪارپور تي حملو، شڪاپور تي افغانين جو غلبو، بکر سرڪار جا 23 مغليا نواب ۽ انهن جو دور هن ڪتاب ۾ نمايان ڪيا ويا آهن. محمودخان )1801 _ 1803ع( جو دور ۽ انهيءَ دور جا گورنر. شاھ شجاع )1803 _ 1810ع( جو دور ۽ انهيءَ دور جا گورنر. اهڙي طرح محمود خان )1810 _ 1821ع( جو دور حڪومت طرفان مقرر گورنر، بارڪزئي خاندان )1821 _ 1824ع( جو دور کان ويندي ٽالپُرن جو دور )1824 _ 1843ع( جي دور ۾ شڪارپور ۾ پنهنجو گورنر سيد ڪاظم شاھ )1824 _ 1829ع(، تائين سندس مقرري ٿي. ”جڏهن شاھ شجاع، سيد ڪاظم شاھ کي معزول ڪري، بهادر خان کوکر کي شڪارپور جو گورنر مقرر ڪيو، ڪاظم شاھ جي معزولي جي خبر بڌي ميرن ۾ سخت ناراضگي پيدا ٿي، انهيءَ ڪاوڙجو سبب لڙائي جي صورت اختيار ڪئي. هن مختصر لڙائيءَ ۾ ڪاظم شاھ مارجي ويو، مير هن لڙائيءَ ۾ شاھ شجاع کان کٽي نه سگهيا. ميرن آخر پير نظام الدين سرهندي جي معرفت شاھ شجاع سان صلح ڪئي ۽ جنگ جو خرچ ڀري ڏنو، هن واقعي کانپوءِ شاھ شجاع افغانستان هليو ويو ۽ شڪارپور دربار ميرن جي هٿ اچي وئي.“ (سومرو، 2017: 66( هونئن به شڪارپور شهر جي قدامت ۽ علمي وادبي اهميت کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي، ڇاڪاڻ جو هن شهر ڪيترائي علمي ادبي، سياسي، سماجي، هنرمند ۽ ڪاريگرن کي جنم ڏنو آهي جن جي هاڪ پري تائين وئي آهي. هن شهر جي آڏاوت نهايت ئي گاريگريءَ سان ڪيل آهي. هتي جي بازار نهايت ئي خوبصورت ۽ عاليشان رنگن سان عوج ۽ عروج ۾ رهي آهي. ڪتابن جا پبلشر، وڻج ۽ واپار ڪندڙ ماڻهو، موچي، رازا، ڪوري، ڪاشيگر، رنگريز ۽ سٽ اڻڻ جا اعليٰ نمونا پڻ هتي ملندا هئا. مذڪوره ڪتاب ۾ هتان جي انتظامي ۽ تاريخي جوڙجڪ جو نهايت ئي سليقي ۽ سهڻي ريت تذڪرو بيان ڪيل آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ هن شهر جي ابتدائي دور کي هن ريت بيان ڪندي لکيو ويو آهي ته: ”هن شهر جي تعمير متعلق ڪيتريون ئي روايتون موجود آهن. اڪثر تاريخدانن ۽ مورخن جو خيال آهي ته اِبتدائي دور ۾ هي شهر هڪ ننڍڙي بستي جي صورت ۾ هو، جتي اٽڪل روءِ پنج سئوکن ماڻهو رهندا هئا.“ )سومرو، 2017: 77(، اهڙي طرح مصنف ڪتاب ۾ هن شهر کي ڇهن دورن ۾ تقسيم ڪري شهر جي تاريخ ۽ ادب سان گهري دلچسپيءَ جا اهم سبب ترقي ۽ ارتقا جي مفيد معلومات ڏئي پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪرايو آهي. ڪتاب جي پهرين باب ۾ 101 ناياب، انگريزي، سنڌي ڪتابن ۽ قلمي نسخن تان مواد حاصل ڪري پنهنجي پاران شهر جي جوڙجڪ ڏانهن نهاري تجزيو پيش ڪيو ويو آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“ سومرو شڪارپور شهر جو رهواسي ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. سندس علمي، ادبي توڙي تعليمي خدمتون وسيع آهن. هي هڪ ئي وقت شاعر، اديب، افسانه نگار، تنقيدنگار، سوانح نگار ۽ محقق آهي. سندس تحقيق جي حوالي سان خدمتون گهڻيون وسيع آهن. سندس مقالا سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. مقالن ۾ نواڻ سان گڏ وسيع معلومات ۽ هر پاسي کان روشني وڌل هوندي آهي ۽ هر مقالي جو تت يا نتيجو به شامل هوندو آهي. سچ پچ ته سندس مقالا هر لحاظ کان پورا هوندا آهن. تحقيقي طريقه ڪار کان علاوه جديد تحقيقي اصولن ۽ گرن کان گهڻو واقف آهي. انهيءَ ڪري سندس تحقيق جو دائرو نهايت وسيع آهي، ادبي لحاظ سندس دلپسند لسانيات، تاريخ، ادبي تاريخ، سوانح نگاري منفرد نظر اچن ٿا، انهن موضوعن ۾ جيڪا نواڻ ۽ ندرت رکيل هوندي آهي سا پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي آهي. اُنهن موضوعن تي اڳ ۾ ڪو ورلي ڪم ٿيل هوندو آهي نه ته گهڻي قدر نوان ئي نظر اچن ٿا. ڊاڪٽر شاد موضوع سان نباهه، ٻولي ۽ سيٽ اپ ۽ نقش نگاري ذريعي سمجهايل مضمون سان مڪمل ڪمينٽيڊ نظر اچي ٿو. سندس تحقيقي ڪم نهايت ئي ڳوڙهو ۽ سطحي نه هوندو آهي، بلڪه انهيءَ ۾ اُهي سمورا لوزمات ڪتب آيل هوندا آهن جيڪي تحقيق جي اصولن مطابق ۽ عنوان سان مڪمل انصاف ڪيل هوندو آهي. منهنجي ته ڪوشش رهي آهي، ته سندس مقالن ۾ ڪي رهجي ويل پهلو ڳوليان، پر ڳوليا نه لڀندا آهن. سندس مقالن جي فهرست به طويل آهي، جنهن تي ڪافي ڪجھ لکي سگهجي ٿو پر، سندس سڀني تحقيقي مقالن تي روشني ممڪن ڪونهي ڇاڪاڻ جو انهن مقالن جي طوالت سبب ائين نٿو ڪري سگهان. هت هيٺ سندس ٻه تحقيقي مقالا جيڪي ايم. فل ۽ پي ايڇ. ڊي لاءِ لکيل آهن تن تي روشني وجهڻ ضروري ٿو سمجهان.
ايم. فل لاءِ لکيل مقالو: ”سنڌي ادب ۾ نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“، تحقيق جي حوالي سان گهڻو ڌيان ڇڪرائي ٿو. هي ضخيم مقالو ستن بابن تي مشتمل آهي. هر باب پنهنجي جاءِ تي مڪمل مقالو آهي. هن ٿيسز ۾ ايم. ايل اي وارو طريقو استعمال ڪيو ويو آهي، يعني هر باب جي آخر ۾ حوالا ڪَتب آندا ويا آهن.
(هلندڙ)