ڪنهن به سماج کي جوڙڻ ۾ ۽ سماج جي هڪ بهتر عمارت تعمير ڪرڻ ۾ اخلاقيات سيمنٽ جو ڪم ڪندي آهي. اخلاق جي مضبوطي سان معاشري جي ڪردار کي طاقتور ڪري سگهجي ٿو.
جڏهن اخلاقيات ڪمزور ٿئي ٿي ته ان وقت معاشرو ڇڙواڳ گروهه جو ڏيک ڏئي ٿو. ماڻهو انسان وانگر ورتاءُ نه ٿا ڪن، پر هو ماڻهو نما جانور بڻجي معاشري جي قدرن کي لتاڙيندا وتن ٿا. افسوس اسانجو معاشرو به انهيءَ نهج تي پهچي چڪو آهي. مجموعي طور اسانجو معاشرو اخلاق جي پستي طرف روان دوان آهي. هڪ آسرو هو ته قانون انهن بداخلاق فردن کي روڪيندو، انهن کي جوڳيون سزائون ڏيندو ۽ قانون جي خوف جي ڪري اهي بداخلاق ۽ ڇڙواڳ فرد معاشري جي تباهي جو سبب نه بڻبا، پر ائين به نه ٿو ٿئي. قانون ته موجود آهي، پر قانون تي عملدرآمد ڪرائيندڙ فرد پڻ اهڙي قسم جي اخلاقي پستي طرف وڌي رهيا آهن. انهيءَ ڪري هاڻي انهن فردن کي جيڪي بداخلاق ۽ ڇڙواڳ آهن. قانون جو خوف بنهه نه رهيو آهي.
اهڙي قسم جو هڪ افسوسناڪ واقعو 7 مارچ، 2024 تي پيش آيو آهي. هڪ نياڻي جيڪا ايل ايل بي جي سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻي هئي، ٽرم جو امتحان ڏئي يونيورسٽي ڪيمپس مان پنهنجي ڀاءَ سان گڏجي واپس پنهنجي گهر وڃي رهي هئي ته هڪ شيطان فطرت ڇڙواڳ ماڻهو جيڪو ڪجهه وقت کان ان نياڻي کي تنگ ڪندو رهندو هو، انهيءَ ان موٽرسائيڪل جو پيڇو ڪيو جنهن تي هي ٻئي ڀاءَ ڀيڻ واپس گهر وڃي رهيا هئا ۽ واڌو واهه تي انهن جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪيرائي پوءِ انهن ٻنهي جي مٿان پسٽل جي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ نياڻي موقعي تي فوت ٿي وئي ۽ ان جو نوجوان ڀاءَ جيڪو پڻ وڪيل آهي، هن وقت موت ۽ زندگي جي ٻه واٽي تي آئي.سي.يو سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل آهي. ان ذهني مريض اوباش ماڻهو جيڪو پڻ بدقسمتي سان وڪيل آهي انهي پنهنجو پاڻ کي فائر ڪري ماري ڇڏيو. اسان کي اندازو آهي ان ان متاثر فيملي جو جنهن جي هڪ نياڻي بي گناهه شهيد ڪئي وئي آهي، اسين انهي خاندان جي ان نوجوان جي لاءِ دعاڳو آهيون، جيڪو زندگي جي جنگ وڙهي رهيو آهي، الله پاڪ کيس سوڀارو ڪندو.
اسانجو معاشرو انهي اخلاقي پستي تي پهتو آهي، ان مان نڪرڻ جا رستا نظر نه ٿا اچن. سبب اهو آهي جو قانون اکيون بند ڪيو ويٺو آهي يا صرف ڏاڍن ماڻهن کي وڌيڪ طاقت ڏيڻ جي لاءِ انهن جي چوڦير حصار ٺاهيو بيٺو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته واقعي کان پهرين هي خاندان ضرور قانون وٽ پهچي ها ۽ قانون حرڪت ۾ اچي انهيءَ شخص کي تنبيهه ڪري ها يا ته انهي تي قانوني قدم کڻي ها جيڪو ڪجهه وقت کان هن نياڻي کي پريشان ڪري رهيو هو.
اهڙي قسم جا واقعا اسانجي روزمره جي زندگي ۾ ٿي رهيا آهن، انهن واقعن جي ڪري ڪيترائي والدين عزت جي خوف کان پنهنجي نياڻين کي تعليم جهڙي املهه زيور کان محروم رکن ٿا. اهڙي قسم جا عمل جنهن ۾ صرف عورتن کي نشانو بڻايو ٿو وڃي. انهن جي پرزور مذمت ڪجي ٿي. معاشري جي ساڃاهه وند طبقي کان جنهن ۾ هر ذميوار شخص اچي ٿو، چاهي آفيسر هجي، اديب هجي، صحافي هجي، استاد هجي يا شاگرد هجي. اچو سڀ گڏجي انهي معاشري جي بهتري جي لاءِ قدم کڻو. پنهنجو پنهنجو فرض پوري ايمانداري سان ادا ڪريون. حالتون ڏاڍيون خراب ٿي ويون آهن، پر اڃا به وقت ويو ناهي. جيڪڏهن ساڃاهه وند گڏجي پاڻ ۾ سگهه پيدا ڪندا ته اهڙي قسم جون باهيون وسائڻ ۾ ڪامياب ٿيندا. اگر خاموش ويٺا ته پوءِ اها باهه هڪ ڏينهن انهن جي گهرن تائين پهچي ويندي. اچو ته سڀ گڏجي اخلاقي پستي ۾ ويندڙ معاشري کي اخلاق جي بلندي وارو رستو ڏيکاريون. سماج جي ڀلائي سان گڏوگڏ اسانجي ذاتي ڀلائي به انهيءَ ۾ آهي.