مون کي الائي ڇو شاعري جي صنفن ۾ نثري نظم جي صنف وڌيڪ اڃايل لڳندي آهي. ايئن لڳندو آهي ته ڪو مڪمل نثري نظم به ڄڻ نامڪمل نظم هوندو آهي. هڪ مڪمل نثري نظم ۾ به اڳتي ڪجھ لکڻ جي گنجائش هوندي آهي، جنهن جي اڃ محسوس ٿيندي رهندي آهي. نثري نظم جنهن کي اڄ به ڪيترائي شاعر شڪ جي نگاھ سان ڏسندا آهن. هنن جي نظر ۾ نثري به ڪو نظم ٿيندو آهي ڇا؟ هنن جي سوال جي سوڙهي سرحد کان ٻاهر پوءِ به نثري نظم پنهنجي سگهاري اظهار سان مرڪندو ئي رهندو آهي. نزار قباني جي نثري نظمن کان مصطفيٰ ارباب جي نثري نظمن تائين ۽ ريحانه چنڙ جي نثري نظمن کان ويندي اسان جي شاعره ثمينه واحد جي نثري نظمن تائين، نثري نظمن جا ڪيترائي کيڙيل کيت پنهنجي اظهار جي خاص مهڪ سان پوءِ به مهڪي رهيا آهن. جيتوڻيڪ شيخ اياز “ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان” جي مهاڳ ۾ ريٽا شهاڻيءَ جي نثري نظمن تي ويچار پيش ڪندي پنهنجي نثري نظمن کي ياد ڪندي، انهن کي نثري ٽڪرا چيو هو ۽ چيو هو ته ڪٿي منهنجا اُهي نثري ٽڪرا منهنجي ئي ڪنهن اڻ لکيل ناول جو حصو ته ناهن؟ اُها ٻي ڳالھ ته پوءِ به هن پنهنجي زندگيءَ ۾ هزارين نثري نظم لکيا، جن کي سندس پابند شاعريءَ جيان دوام آهي، جن کي پڙھي شعر جو منفرد ذائقو چکڻ لاءِ ملندو آهي. بلڪه مان ته چوندس ته پابند شاعر ئي وڌيڪ وزنائتا ۽ شعريت سان ڀرپور نثري نظم لکي سگهندو آهي. اردو ۾ ذيشان ساحل کان سيد افضال تائين نثري نظم لکندڙ دراصل پابند شاعر ئي آهن، جن پنهنجي پابند شاعريءَ جيان پنهنجي نثري نظمن جي ساڳي حيرت کي پنهنجي قرطاس تي برقرار رکيو آهي. سنڌ جي موجوده جديد ادبي منظر نامي ۾ ڏسون ٿا ته ثمينه واحد هڪ سڄاڻ شاعره آهي. شاعري هُن جي ساهن ۾ ڇهن ستن سالن جي عمر کان ساھ کڻڻ شروع ڪيو ۽ هن جي عمر سان گڏ گڏ نپجي جوان ٿي آهي. منهنجي آڏو هن جا نثري نظم آهن. هر نظم جو ڪو عنوان آهي ۽ هر عنوان جو ڪو درد آهي، جن کي پڙهي هن جي دردن کي ڳڻي ته نٿو سگهجي، پر اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ٿيل حادثن جي دردن کي ڪيئن ڀوڳيو آهي، ڪيئن انهن دردن کي پنهنجي هنن نثري نظمن ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي پالنا پيءُ جي ڇانو ۾ ٿي، پيءَ کان پوءِ ڀائرن جي ساٿ ۾، جن مان هڪ شهيد ڪيو ويو، ٻيو ملڪ بدر آهي. پنهنجي هنن سهپ کان مٿانهن حادثن لاءِ هوءَ پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿي ته اُهي درد سندس دل تي ڪيئن اثرانداز ٿيا يا وري اُهي ٻڌائي سگهن ٿا، جن مٿان اهڙا حادثا گذريا آهن. سندس دردن جي سهپ جو هڪ داستان سندس هي نظم آهن. سندس هي نظم جيڪي نثري نظم آهن يا ٻرندڙ لفظ! اُهو هڪ سچو پڙهندڙ ئي محسوس ڪري سگهي ٿو يا ٻڌائي سگھي ٿو، بلڪه هي نظم به هڪ هڪ ٿي هن جي درد ڪٿا کي ٻڌائڻ جي طاقت رکن ٿا. هن جا درد منصور جي درد جهڙا آهن، جن جي آڏو زندگي هڪ سوال آهي، پر هوءَ ويڳاڻي ناهي ڇو ته وٽس سپنا آهن. سپنا هن جي اداسيءَ جو اتساھ آهن، جيڪي صرف هن جي ذات جي آئيندي بابت ناهن بلڪه انسان ذات جي آئيندي لاءِ به آهن. ان ڪري سپنا هن وٽ وقت گذارڻ جو بهانو نه آهن، بلڪه سپنا هن وٽ هڪ طبعي صورت ۾ سندس ساٿي آهن. جن سان هوءَ هم ڪلام ٿئي ٿي، جن کي هوءَ گلابن وانگر پوکي ٿي. انسانيت کي مان سمان ڏيڻ لاءِ هن کي خبر آهي ته انسانيت جبر جي سرحدن ۾ قيد ڪئي وئي آهي، جنهن سبب انسانن جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو آهي. انهن کان پنهنجي دور جي محبت جا عنوان کسيا ويا آهن. ثمينه واحد پنهنجي نثري نظمن ۾ داخلي آواز هوندي به اجتماعي آواز بڻجي وئي آهي. ان ڪري ئي هن جا نثري نظم پنهنجي قوميت ۾ بين القوامي بڻجي ويا آهن. جن ۾ رڳو موضوعاتي ڦهلاءُ ناهي، پر هن جي نثري نظمن ۾ اظهار جي اهڙي سگھ به آهي، جا پڙهندڙ کي پنهنجي دل جي ترجماني محسوس ٿئي ٿي.