صدرِ پاڪستان محترم آصف علي زرداري اعلان ڪيو آهي ته هو بحيثيت صدر ملڪي خزاني مان پنهنجو پگهار نه کڻندو. اهو واضح نه آهي ته باقي ٻيون مراعتون کيس بحيثيت صدر جي حاصل آهن، اهي حاصل ڪندو يا نه.
صرف پگهار نه کڻڻ سان جيڪا اڳوڻي صدر عارف علوي کي 12 لک رپيا ماهوار ملندا هئا. انهيءَ حساب سان ساليانه 1 ڪروڙ 44 لک رپين جو فائدو ملڪي خزاني کي پوندو. يقينن هڪ بهتر قدم آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا ايتري قليل رقم سان معيشت ۾ سڌارو ايندو؟ اهو ممڪن نه آهي. معيشت ۾ سڌارو تڏهن ايندو جڏهن اوهان ملڪ جي آمدني کي وڌائيندو، انهيءَ کي رشوت جي حوالي نه ڪندو. جيڪو اظهار ڪابينا جي پهرئين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايف بي آر 100 رپين جو ملڪي خزاني ۾ ٽيڪس جمع ڪرائي ٿي ته 300 رپيا ايف بي آر جي رشوت خور آفيسرن جي کيسي ۾ وڃن ٿا.
مالي سال 24-2023 جي ٽيڪس ڪليڪشن لڳ ڀڳ 6 هزار ارب رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. هاڻي جيڪڏهن وزيراعظم جي نشاندهي تحت حساب ڪريون ته ايف بي آر جي آفيسرن وٽ رشوت جي روپ ۾ 24-2023 ۾ 18 هزار ارب رپيا ويندا. هاڻي جتي ڏيڍ ڪروڙ صدر صاحب جي پگهار مان نه کڻڻ سان بچندا، اتي 18 هزار ارب رپيا رشوت جي روپ ۾ ڪجهه آفيسرن جي کيسن ۾ ويندا جيڪو ڪارو ناڻو هوندو، جنهن کي تهه خانن ۾ ڇپايو ويندو، جنهن منجهان سون ۽ ڊالر خريد ڪيو ويندو، جنهن منجهان ٻاهرين ملڪن ۾ انهن آفيسرن جون جائيدادون ٺهنديون ۽ هتي انهن آفيسرن جا خاندان بادشاهن واري زندگي گذاريندا. اربين رپين جي گهرن ۾ رهندا، ڪروڙن جي گاڏين ۾ گهمندا ۽ ملڪ تي قرض هر سال جيان هن سال به وڌندو ۽ حڪومت آئي ايم ايف جي سخت شرطن تي قرض حاصل ڪري عوام کي وڌيڪ تڪليفون ڏيندي. هن وقت پاڪستان جو مجموعي قرض 80 هزار ارب رپيا آهي، جنهن جي نشاندهي وزيراعظم حڪومتي سربراهه جي حيثيت ۾ ڪئي آهي، يقينن اها ڳالهه درست آهي ته جيڪڏهن ايف بي آر جي آفيسرن کي رشوت وٺڻ کان روڪيو وڃي ته ملڪ جو مجموعي قرض 4 سالن جي اندر ادا ٿي سگهي ٿو، پر ائين ٿيندو ڪون، سبب اهو آهي جو حڪومت ۾ ويٺل حڪمرانن جون ۽ ڪامورن جون نيتون صاف نه آهن، ان ڪري ملڪ کي ۽ ملڪ جي عوام کي ڪوبه فائدو نه ٿو پوي. وزيراعظم جيڪا نشاندهي ڪئي آهي. اها ته هر روز پريس ۽ ميڊيا ڪندو رهندو آهي، پوءِ جيڪڏهن وزيراعظم نشاندهي ڪئي ته ڪهڙو نئون ڪم ٿيو. سندس ڪم ايڏي وڏي مسئلي کي روڪڻ ۽ حل ڪرڻ آهي، وزيراعظم عوام کي اهو نه ٻڌائي ته ڪهڙا آفيسر ڪيتري رشوت وٺن ٿا، پر وزيراعظم حڪومتي سربراهه هوندي اهڙن آفيسرن کي برطرف ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي رشوت کي روڪڻ جو جوڳو بندوبست ڪري، جيڪو سندس ڪم آهي. جيڪڏهن هو اهو نٿو ڪري ۽ صرف پريس ٽاڪ ڪري مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو ته ان سان ملڪ جو ۽ عوام الناس جو ڪوبه ڀلو نه ٿيندو.
صرف صدرِ پاڪستان پنهنجي پگهار ڇڏي يا حڪومت ۾ ويٺل سڀئي وزير صاحبان پنهنجون پگهارون ڇڏين تڏهن به ملڪ کي اندازي مطابق سالانه هڪ ارب جو فائدو پوندو، پر جيڪڏهن رشوت کي روڪيو وڃي سا به صرف ايف بي آر جي آفيسرن جي ته ملڪ کي سالانه 18 هزار ارب رپين جو فائدو ٿي سگهي ٿو، ٻين آفيسرن جي ڳالهه الڳ آهي. اها ڳالهه به وزيراعظم ڪري ٿو، انهي کي روڪڻ به سندس ئي ڪم آهي، عوام اميد ٿو ڪري ته وزيراعظم پوري ڪوشش ڪري رشوت جي ڪاري ڪاروبار کي روڪيندو تڏهن ئي ملڪ ۾ بهتري اچي سگهندي.