چين جو هڪ نئون منصوبو
چين طرفان مختلف ميگا پراجيڪٽن تي ڪم هلي رهيو آهي، جيڪي ان جي شهرن کي بدلائي ڇڏيندا. چين جو ارادو آهي ته ايندڙ هڪ ڏهاڪي دوران ملڪ جي 25 ڪروڙ آبادي کي شهرن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. هن ايتري وڏي لڏ پلاڻ جي لاءِ هڪ وڏو انفرا اسٽرڪچر گهربل آهي، جنهن لاءِ هڪ خاص منصوبي تي ڪم هلي رهيو آهي، جيڪا هڪ سامونڊي پل آهي. هلندڙ مهيني هانگ ڪانگ، مڪائو، زوهوئي کي ملائڻ واري وڏي پل جو افتتاح ڪيو ويو آهي. هن پل جي ڊيگهه 34 ميل آهي، هي پل خاص شهرن کي هڪ ٻئي سان جوڙي ڇڏيندي. هن پل جي تعمير سان انهن ٽنهي شهرن وچ ۾ سفر دوران طئي ٿيندڙ فاصلي جو وقت گهٽجي ويندو. هن پل ذريعي پرل رِور کان هانگ ڪانگ ۽ هانگ ڪانگ کان مڪائو وڃڻ جو وقت هڪ ڪلاڪ ۾ طئي ٿي ويندو. هي پل 6 لين جي آهي، جنهن ۾ هڪ پاڻي هيٺان ٺاهيل سرنگ به آهي هن پل کي سهارو ڏيڻ لاءِ چار هٿرادو جزيرا به ٺاهيا ويا آهن. چين طرفان هن پل کي هڪ عجوبو قرار ڏنو ويو آهي جنهن ۾ 4 لک ويهه هزار ٽن اسٽيل به استعمال ڪيو ويو آهي. ايتري اسٽيل مان 60 آئفل ٽاور آساني سان جوڙي سگهجن ٿا. هن پل تان هر روز 40 هزار گاڏيون گذرنديون جڏهن ته هتي شٽل بس سروس به هوندي جيڪا هر ڏهن منٽن ۾ موجود هوندي. چين جي ماهرن پاران چيو ويو آهي ته هي پل 120 سالن تائين قائم رهندي، هن پل تي ڪل خرچ ڪيل رقم نه ٻڌائي وئي آهي پر هڪ اندازي مطابق چيو ويو آهي ته ان تي 15 ارب ڊالر خرچ آيو آهي. هيءَ پل 7 سالن جي عرصي ۾ جڙي راس ٿي آهي.




