سنڌ ۾ هن وقت ڪڻڪ جو فصل تيار ٿي چڪو آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچي وئي آهي. لاڙ، جوهي، جهڏو، ميرپورخاص، حيدرآباد انهن علائقن جي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پهچي چڪي آهي.
هن وقت سنڌ جي وچولي وارن علائقن ۾ پڻ ڪڻڪ جو فصل مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. اترين علائقن ۾ موسم جي ڪري فصل 15 اپريل کانپوءِ مارڪيٽ ۾ ايندو آهي. سنڌ جي آبادگار جو معاشي دارومدار سندس پوکيل فصلن جي مٿان هوندو آهي، هو 6 مهينا فصل تي محنت ۽ خرچ انهيءَ آسري تي ڪندو آهي ته فصل جي تيار ٿيڻ کانپوءِ سندس فصل کي سرڪار طرفان مقرر ڪيل اگهه تي خريد ڪيو ويندو ۽ انهي رقم مان هو فصل تي ڪيل خرچ ڪڍي باقي بچيل رقم مان ايندڙ 6 مهينا پنهنجو گذرسفر ڪندو. سنڌ گورنمينٽ ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي. ڪڻڪ تي ايندڙ لاڳت ڏٺي وڃي ته يوريا، ڪڻڪ جو ٻج، دوائون ۽ ٽريڪٽرن يا ٽيوب ويلن تي استعمال ٿيندڙ ڊيزل جي مهانگي ٿيڻ سان فصل تي ايندڙ لاڳت تمام گهڻي وڌي وئي آهي. هاڻي جڏهن فصل جو اگهه سرڪار مقرر ڪيو آهي ته پوءِ اها سرڪار جي ذميواري آهي ته آبادگارن کان سندس فصل مقرر ڪيل اگهه تي خريد ڪيو وڃي، پر ائين ٿي نه رهيو آهي.
سنڌ سرڪار ڪڻڪ جي خريداري جا مرڪز نه کوليا آهن ۽ ڪڻڪ جي خريداري سرڪار طرفان نه ٿيڻ جي ڪري مارڪيٽ جي واپارين کي کلي ڇوٽ اچي وئي آهي. انهن ڪڻڪ جو اگهه 3400 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي. مطلب في 100 ڪلو جي ٻوريءَ تي 1500 رپيا واپاري ڪمائي رهيو آهي. انهيءَ طرف سرڪار جو ڪوبه ڌيان نه آهي. هر سال ائين ٿيندو آهي، جڏهن فصل لهندو آهي ته سرڪار خريداري سينٽر تمام دير سان کوليندي آهي. بارداڻو ننڍن آبادگارن جي بجاءِ واپارين کي پئسن تي وڪرو ڪيو ويندو آهي ۽ ڪڻڪ جي خريداري پڻ انهن کان ڪئي ويندي آهي. پوءِ واپارين ۽ خوراڪ کاتي جي عملي جو نفعو ئي نفعو هوندو آهي، ڇو ته انهيءَ ۾ حڪومتي ايوانن ۾ ويٺل وزيرن جو فائدو ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري انهي لٽمار طرف سنڌ حڪومت جو ڌيان نه هوندو آهي. اهي اکيون پوري آبادگار جي لٽجڻ جو انتظار ڪندا رهندا آهن. جڏهن ميڊيا ۾ دانهن ڪوڪ ٿيندي آهي ته پوءِ ڪامورا ۽ وزير فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ خريداري سينٽرن تي پهچندا آهن ۽ ننڍن آبادگارن کان فصل خريد ڪرڻ جو ڏيکاءُ ڪندا آهن. حقيقت ۾ فوٽو سيشن جي لاءِ آيل آبادگار انهن جا پنهنجا ماڻهو هوندا آهن. حقدارن کي حق نه ملندو آهي. سندن 6 مهينن جي محنت ۽ ايندڙ 6 مهينن جو آسرو ڪرپٽ ڪامورن جي، منافع خور واپارين جي ۽ وزيرن جي کيسن ۾ هليو ويندو آهي.
اسان عوام جي طرفان مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ سرڪار جلد کان جلد خريداري مرڪزن کي فعال ڪري. جتي خريداري مرڪز قائم ٿيا آهن، اتي خريداري ڪئي وڃي ۽ جن علائقن ۾ اڃا تائين خريداري مرڪز قائم نه ٿيا آهن، اتي هڪدم خريداري مرڪز قائم ڪري آبادگارن کان خريداري شروع ڪئي وڃي، نه صرف ايترو پر مارڪيٽ ۾ ويٺل واپارين تي پڻ سخت قدم کنيو وڃي ته جيئن هو سرڪار طرفان مقرر اگهه تي آبادگارن کان فصل جي خريداري ڪن. سنڌ سرڪار آبادگارن کي فائدو نه ٿي پهچائي سگهي ته انهن کي نقصان ته نه ڏئي. سندن محنت جو ڦل انهن کي ضرور ڏنو وڃي. جيئن ننڍو آبادگار ۽ هاري پنهنجو گذران بهتر نموني ڪري سگهن.