ايڊيٽوريل

آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ اسانجو تعليمي نصاب

جيئن ته دنيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ موجوده دور ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر جو علم پنهنجي حدن جي اوچائين کي ڇُهي رهيو آهي، جن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي هڪ اهم دريافت آرٽيفيشل انٽيليجنس AI يعني مصنوعي ذهانت آهي. ويهين صديءَ ۾ ڪمپيوٽر جو علم پنهنجي عروج تي پهتو ۽ هاڻي ايڪيهين صدي مصنوعي ذهانت جي آهي.
آرٽيفيشل انٽيليجنس مان مراد اهڙي ذهانت آهي، جيڪا ڪمپيوٽر مشين ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿي. دنيا جا گهڻو ڪري سڀ شعبا چاهي اهي صحت ۽ تعليم تي مشتمل هجن يا زراعت ۽ صنعت تي يا انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي. مصنوعي ذهانت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو انهن ۾ استعمال عام آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ تيزيءَ سان تعليم جي شعبي ۾ ننڍي هوندي کان ئي ٻارن کي ڪمپيوٽر سان گڏوگڏ مصنوعي ذهانت جي سبجيڪٽ کان به متاثر ڪرايو پيو وڃي. راندين جي ذريعي ان مضمون ۾ سندن دلچسپيءَ کي وڌايو پيو وڃي، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ اڃان تائين ان پاسي ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو ويو. جديد دور جي جديد تقاضن کي ڏسندي نصاب ناهي جوڙيو ويو. نه صرف ايترو بلڪه اسان وٽ اڃان تائين ٻارن جي بنيادي تعليم جي اهميت کي ئي ناهي مڃيو ويو ۽ سنڌ ۾ هن وقت 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. اڄ جي جديد دنيا ۾ جڏهن مصنوعي ذهانت جو دور آهي، تڏهن اسان جي نصاب ۽ اسان جي گهرو تربيت کي تبديل ٿيڻ گهرجي ته جيئن اسانجو ٻار جڏهن وڏو ٿئي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو ڄاڻو هجي ۽ هن ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو حاصل ڪري سگهي. هتي ان ڳالهه جو اعتراف ٿا ڪريون ته اسانجي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو نصاب وقت جي ضرورتن ۽ تقاضائن مطابق نه آهي. نه صرف اسانجو تعليمي نظام، پر اسانجي زندگي جا ٻيا شعبا جن جي بنياد تي اسانجي ملڪ جي بقاءَ آهي، يعني زراعت ۽ صنعت. اهي ٻئي شعبا به دنيا جي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڀيٽ ۾ پٺتي پيل شعبا آهن. پوءِ صحت جو شعبو، تعمير جو شعبو يعني اهي شعبا به اڄ ڪلهه جي دنيا جي حساب سان پٺتي پيل آهن ۽ لڳي ايئن ٿو ته ترقي يافته ملڪ ڪنهن ٻي صديءَ ۾ زنده آهن ۽ اسان ڪنهن ٻي صديءَ جا رهاڪو آهيون. ترقي يافته ملڪن ۾ ٿري ڊي پرنٽر جو استعمال ٿي رهيو آهي ۽ ان ۾ جدت اچي رهي آهي، پر اسان وٽ اڃان تائين ان جي باري ۾ ماڻهن کي بنيادي ڄاڻ به حاصل نه ٿي سگهي آهي. هاڻي اسان وٽ مصنوعي ذهانت جي باري ۾ تمام محدود ماڻهن اندر ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. ان ڳالهه ٻولهه جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي ذميداري رياست ۽ حڪومت جي آهي. نه صرف ان تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ کپي بلڪه ان تعليم کي ٻارن جي نصاب ۾ جلد کان جلد شامل ڪري مستقبل جي لاءِ پنهنجو هيومن ريسورسز پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسانجي صوبي سنڌ ۾ تعليم جي حالت هونئن به ڪا بهتر ناهي ۽ سنڌ حڪومت لاءِ هن ميدان ۾ تمام گهڻا چئلينج موجود آهن ۽ سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته هر ننڍي ۽ وڏي شهر جي ٻارن کي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم ذريعي مصنوعي ذهانت سان روشناس ڪيئن ڪرايو وڃي. سنڌ جي تعليم کاتي جي اها ذميداري آهي ته سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ تعليمي نصاب کي موجوده وقت جي تقاضائن مطابق تبديل ڪري ان مضمون کي متعارف ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. ان کانسواءِ والدين جي به اها ذميداري آهي ته اهي پنهنجن ٻارن کي صرف وقت ضايع ڪرڻ نه ڏين بلڪه ننڍي هوندي کان وٺي انهن کي ننڍا ننڍا ڪورسز ڪرائين ته جيئن اهي ننڍي هوندي کان وٺي ان مضمون ۾ پنهنجو چاهه پيدا ڪري سگهن. ننڍن ٻارن کي پنهنجن گهرن ۾ توڻي اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر گيمز جي ذريعي ننڍا ڪميوٽر گيمز ۽ ننڍن ننڍن پراجيڪٽن جي ذريعي ان ڳالهه جي تربيت ڏيئي کين هن شعبي ۾ اڳتي آڻي سگهجي.
هتي اسين اهو ذڪر به ڪندا هلون ته وقت تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ اهڙن ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا نڪرندا جن ماڻهن کي ان شعبي ۾ مهارت حاصل هوندي انهن کي ننڍيون ننڍيون نوڪريون ملي سگهنديون ۽ جيڪي ان شعبي ۾ سافٽ ويئر ٺاهڻ وارا هوندا اهي تمام گهڻو پئسو ڪمائيندا ان ڪري جو زندگي جي هر شعبي ۾ پوءِ اهو تعليم ۽ صحت هجي، زراعت ۽ صنعت هجي، صحافت ۽ ادب هجي، آرٽ ۽ ميوزڪ هجي، انهيءَ ۾ اها مصنوعي ٽيڪنالاجي اهم ڪردار ادا ڪرڻ واري آهي. جيڪي قومون ايندڙ وقت کي وقت کان اڳ ڏسي ان جي ضرورت مطابق تياري ڪنديون آهن اهي ڪامياب ۽ ڪامران ٿي وينديون آهن. ضروري آهي ته اسان پنهنجي ڪيل غلطين کي نه دهرايون ۽ فرسوده ۽ ردي تعليم جنهن مان ٻار کي ڪوبه لاڀ حاصل نٿو ٿئي انهن مضمونن کي سندن نصاب مان ٻاهر ڪڍي اڇلايون ۽ کين صرف اهي سبجيڪٽ پڙهايون جن سان اهي معاشري ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ هنرمنديءَ سان نه صرف ملڪ ۾ بلڪه پنهنجي سرحدن کان ٻاهر به وڃي خدمتون سرانجام ڏيئي سگهن ۽ ملڪ جي معاشي خوشحاليءَ ۾ هر نوجوان پنهنجو حصو وجهي سگهي. ان جي لاءِ پلاننگ رياست کي ۽ حڪومتن کي گڏجي ڪرڻي پوندي جنهن جو فائدو سڄي ملڪ کي پوندو. اسان جو پاڙيسري ملڪ ان ميدان ۾ تمام اڳتي وڌي چڪو آهي ۽ اتان کان هيومن رسورس سڄي دنيا ۾ موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيو آهي. اسان کي به پنهنجي نوجوانن تي سيڙپ ڪرڻي پوندي جيڪا وقت جي ضرورت آهي.
***