سنڌ ۾ جر جو پاڻي پيئڻ جوڳو ناهي انهيءَ ڪري سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس“C” (ڪاري ڪامڻ) جا مريض پوري ملڪ جي مقابلي ۾ تمام وڌيڪ آهن ان جو واحد سبب صاف پاڻي جو نه هجڻ آهي.
صوبائي سرڪار عوام تي مهرباني ڪندي هزارين آر او پلانٽ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ لڳرايا جن تي اربين رپيا خرچ آيو ۽ انهن جي سار سنڀال لاءِ پڻ هر سال ڌار اربين رپين جو بجيٽ ڏنو وڃي ٿو ، جنهن جو مثال 24-2023 جي بجيٽ ۾ نظر اچي ٿو جنهن تحت آر او پلانٽ جي سنڀال لاءِ هن وقت تائين 2 ارب 46 ڪروڙ ناڻي کاتي طرفان جاري پڻ ڪيا ويا آهن، پر جڏهن اسين ڏسون ٿا ته اهي سڀ آر او پلانٽ لڳ ڀڳ بند پيل آهن، سواءِ چند آر او پلانٽ جي جيڪي به اتان جا ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت انهن جي سار سنڀال ڪري انهن کي هلڻ جي قابل بڻايو ويٺا آهن. هن وقت جي آيل رپورٽ ڇرڪائيندڙ آهي جنهن ۾ صرف ڇهن ضلعن جا انگ اکر ظاهر ڪيا ويا آهن جن ۾ 25 سئو آر او پلانٽ هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پر انهيءَ مان اڌ کان وڌيڪ صرف ڪاغذن ۾ لڳايا ويا آهن بقايه بچيل اڌ آر او پلانٽ خراب حالت ۾ بند پيا آهن، پر اچرج جي ڳالهه اها آهي ته انهن سڀني آر او پلانٽن جي سار سنڀال جي مد ۾ هر سال اربين رپين جو خرچ ڏيکاريو وڃي ٿو. پبلڪ کاتو صرف رسمي هدايت ڪري ٿو ته ڪٿي ڪٿي خرچ ٿيو آهي، پر لاڳاپيل ڊي سين کان تصديق ٿيل رپورٽون وٺي شايع نٿو ڪري. ڪامورن کي ته آڊٽ رپورٽ ڪرائڻي هوندي آهي ته خرچ ڪيترو ٿيو ۽ ڪٿي ٿيو، پر پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪامورن 20-2019 جي آڊٽ رپورٽ جمع ڪرائڻ کان انڪار ڪيو آهي، ان جي باوجود ته آڊٽ رپورٽ جمع ڪرائڻ ضروري هوندي آهي ان کانسواءِ ٻئي سال جا فنڊ جاري نه ڪيا ويندا آهن، پر ناڻي کاتي سندن فنڊ جاري رکيا آهن، عوام کي ته صاف پاڻي نٿو ملي، پر آر او پلانٽ ڪامورن کي سياستدانن کي پئسا ضرور ڏيئي رهيو آهي اهي به اربن ۾ ۽ عام ماڻهو مضر صحت پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي، جنهن جي ڪري کيس ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي وڃن ٿيون.
سنڌ ۾ هن وقت هيپاٽائيٽس“C” جا هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ مريض موجود آهن. سنڌ جو عوام حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته ڇا انهن پيپلز پارٽي کي چار دفعا ووٽ ڏيئي صوبي جو حڪمران ان ڪري بڻايو آهي ته هو کين صاف پيئڻ جو پاڻي به مهيا ڪري نه سگهي ۽ سندن ئي ٽيڪس مان حاصل ڪيل رقم جنهن مان صاف پاڻيءَ جي لاءِ آر اوز لڳا آهن انهن جي سار سنڀال جو خرچ به عوام جي ٽيڪس مان ئي انهيءَ ڪري ڏنو ٿو وڃي ته جيئن عوام کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ملي، پر هتي ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي. بجاءِ اهي پئسا آر او پلانٽ تي خرچ ٿيڻ تي ڪامورن جي کيسن ۾ وڃي رهيا آهن جيڪو سراسر هڪ وڏو ڏوهه ۽ عوام تي وڏو ظلم آهي، ان نا انصافي کي دور ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سنڌ جي عوام جي ٽيڪسن مان حاصل ٿيل پئسو عوام جي مٿان خرچ ٿيڻ گهرجي. ايئن نه ٿئي ته ڪامورن، وزيرن ۽ سياستدانن کان جڏهن ان جو حساب ڪتاب ٿو گهرجي ته اهي حساب ڪتاب ڏيڻ کان انڪار ڪن ۽ سندن جاگيرن ۾ اضافو ٿيندي نظر اچي.