سياسي صورتحال ۾ گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان ٻن خطن جو ذڪر شد و مد سان ٿي رهيو آهي. هڪ خط جيڪو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي لکيو آهي، جنهن ۾ هنن چيو آهي ته ملڪ جون ايجنسيون پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا وٺڻ لاءِ ججن جي مٿان مختلف قسمن جا دٻاءُ وجهي رهيون آهن ان لاءِ ججن جو ضابطهءِ اخلاق ڇا هجڻ گهرجي (جيتوڻيڪ ضابطهءِ اخلاق اڳ ۾ ئي واضح آهي ته اهڙي ڪوشش ڪرڻ واري تي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي). ٻيو خط آمريڪا جي صدر جوبائيڊن پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي لکيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي حڪومت جي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي، گڏجي هلڻ واري پاليسيءَ جو اظهار پڻ ڪيو آهي. ڏٺو وڃي ته موجوده حڪومت کي وجود ۾ آئي ٿورو وقت ٿيو آهي هن حڪومت لاءِ سياسي استحڪام سان گڏ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن لاءِ هو وڏي ڪوشش ڪري رهي آهي. جڏهن حڪومت اتحادي هجي ان جو وزير خزانا پيراشوٽر يعني مٿان لهي ايندڙ هجي ته يقينن حڪومت کي پنهنجون معاشي پاليسيون سڌارڻ لاءِ ڪجهه سخت قدم ضرور کڻڻا پوندا جيڪي هوءَ کڻي رهي آهي. حڪومت جي کنيل قدمن جي تعريف مفتاح اسماعيل جهڙو معيشت جو ماهر پڻ ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ هو پهرين حڪومت تي تنقيدن جا تير هلائيندو رهيو آهي. مفتاح اسماعيل جي مطابق حڪومت جي کنيل قدمن تحت ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ معيشت جي بهتري جا چٽا امڪان نظر اچي رهيا آهن، پر پي ٽي آءِ جي تنقيد حڪومت جي مٿان جاري آهي ۽ هجڻ به گهرجي. ڇو ته اپوزيشن جو ڪم تنقيد هوندو آهي، جنهن سان بهتري ايندي آهي، پر هتي پي ٽي آءِ جي تنقيد ۾ لاجڪ نظر نٿي اچي صرف الزام تراشي وڌيڪ آهي. محسوس ٿئي ٿو ته پي ٽي آءِ ڏينهون ڏينهن پنهنجي غلطين جي دٻڻ ۾ ڦاسندي پئي وڃي. سبب اهو آهي ته جڏهن هنن جي مٿان آشير واد جو هٿ هلڪو ٿيو ته هنن بجاءِ دانشمندانه فيصلا ڪرڻ جي غلط فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪي اڄ به جاري آهن. اپوزيشن ۾ نه ويهڻ پنجاب ۽ ڪي پي جون حڪومتون هٿ سان وڃائڻ، جلسن جلوسن ۾ سائفر جيڪو هڪ ڳجهو دستاويز هو ان کي عام ڪرڻ، ان جهڙيون ٻيون ڪيتريون غلطيون ڪرڻ ۽ آخر ۾ 9 مئي جهڙو بلنڊر ڪرڻ جنهن جي ڪري پي ٽي آءِ عتاب هيٺ اچي وئي، سندن اڳواڻ، باني پي ٽي آءِ ۽ ٻيا ڪيترائي جيل پهچي ويا، پر جيل پهچڻ باوجود به شايد بجاءِ عقل کان ڪم وٺڻ جي روز اهڙي قسم جا بيان اچن پيا، جنهن سان پارٽي وڌيڪ ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ پنهنجي وجود کي وڃائيندي نظر اچي رهي آهي. سائفر جي معاملي کي آمريڪي ڪانگريس جي سب ڪاميٽي ۾ کنيو ويو جنهن جي لابنگ تي ڪروڙين ڊالر خرچ آيو، پر وريو ڪجهه به نه. آخري ڌماڪو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن جي ذريعي سامهون آيو جن خط لکي سپريم جڊيشل ڪائونسل کان اهو پڇيو آهي ته جيڪڏهن ججن تي پريشر اچي ته انهن جو ضابطهءِ اخلاق ڪهڙو هجڻ گهرجي. محسوس ائين ٿو ٿئي ته اهو خط جنهن تي پي ٽي آءِ خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو ان لاءِ پشاور ۾ ريلي ڪڍي ويندي، پر اهو به هنن جي لاءِ فائديمند نظر نه اچي رهيو آهي. هن وقت جڊيشل ڪميشن مقرر ٿي چڪي آهي جيڪا ان خط جي معاملي جي انڪوائري ڪندي. مٿان وري حڪومت کي هڪ بوسٽ مليو آهي جو آمريڪا جي صدر جوبائيڊن خط لکي وزيراعظم پاڪستان کي سندس حڪومت لاءِ نيڪ تمنائن جو ۽ گڏجي هلڻ جو اظهار ڪيو آهي. وقت جي ستم ظريفي آهي جو جڏهن جوبائيڊن صدر ٿيو ته باني پي ٽي آءِ ڪيتريون ڪوششون ڪيون هيون ته صدر آمريڪا کيس فون ڪري يا ڪو سفارتي رابطو ڪري، پر جوبائيڊن ايئن نه ڪيو هو. نظر ايئن ٿو اچي ته هن حڪومت جا بهتر ڏينهن اچڻ وارا آهن معاشي طور تي به ۽ سياسي طور تي به. جڏهن ته پي ٽي آءِ سياسي طور وڌيڪ ڪمزور ٿيندي نظر اچي ٿي.