اُستاد سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي، معنيٰ اٿس علم سيکاريندڙ. استاد جو اشتقاق اوستو يا اوستا+ويد، وديا، وڄا. اوستو معنيٰ ماهر ۽ وديا معنيٰ علم، ڄاڻ يا ڏاهپ. ان معنيٰ مطابق استاد ٿيو ويدن جو عالم، خدائي علمن جو ڄاڻو، ماهر يا ڏاهو شخص. سندس هم معنيٰ لفظ عربيءَ ۾ معلم، فارسيءَ ۾ آخوند، ۽ انگريزيءَ ۾ ٽيچر. هونءَ ته ڪائنات جي هر شيءِ کي خلقيندڙ ۽ پاليندڙ هستي، علم ۽ سمجھ ڏيندڙ اُستاد رب پاڪ پاڻ آهي، جنهن مخلوق جي هر جيوَ جڻيي کي پنهنجو پنهنجو هنر، حرفت، ڌنڌو ۽ فرض سندن سرشت ۾ ئي سيکاري ڇڏيو آهي، پر انسانذات جي سرشت اندر علم جو خزانو رکڻ جي بجاءِ سندن لاءِ وري خاص نوازش ۽ انعام آهي ته انسان کي اهو ڪجھ سيکاريو ويو آهي جيڪو ملائڪ به نه ڄاڻندا هئا، اها هئي جستجو ۽ ڳولا، کوجنا ۽ تجسس واري حس ۽ صلاحيت، هر نئين شيءِ جي باري ۾ ڄاڻڻ واري اندر ۾ آنڌ مانڌ ۽ ڇڪ، جنهنجي ڪري اڄ تائين جو انسان تجربن ۽ مشاهدن سان پاڻ به سکندو ۽ ٻين کي پڻ سيکاريندو اچي پيو. رب تعاليٰ کانپوءِ دنيا اندر ڄڻيندڙ ماءُ پيءُ پڻ انسان جا شروعاتي استاد آهن، جيڪي ٻاروتڻ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ، پنڌ ڪرڻ، کائڻ پيئڻ، وهنجڻ اوڍڻ کان وٺي سماج ۾ خدمت چاڪريءَ جا علائقائي اصول، قاعدا ۽ قانون سيکاريندا آهن. ان کان بعد ٻيا انسان، دنيا جي هر ننڍي وڏي ڪم، ڌنڌي، هنر ۽ حرفت ۾ هڪٻئي جا استاد آهن، جيئن ڊرائيور، رازو، مستري، موچي، واڍو ۽ بورچي، ويندي هوٽل تي مزدوري ۽ صاف صفائي ڪندڙ گٽر ماسٽر به استاد سڏجڻ ۾ اچن ٿا. انهن سڀني استادن جي محنت ۽ عظمت کي سلام آهي، جو ڪنهن هڪ هنر يا ڌنڌي يا ڪم جي مهارت سيکاريندڙ آهن. انهيءَ سڀڪجھ سکڻ ۽ سيکارڻ کانپوءِ به اڃا ڪجھ سکيا ۽ تربيت جي کوٽ رهجي ويندي آهي، جو اهي والدين پنهنجي اکين جي ٺار، جگر جي ٽڪرن ۽ مستقبل جي معمارن کي اسڪول، مڪتب يا مدرسي جي استادن جي حوالي ڪن ٿا، انهن کي کارائي پياري، وهنجاري سينگاري، ڀاڙا خرچ ڀري، ڪم ڪار سيڙائي به کين اسڪول موڪلين ٿا. اهي والدين، جن مان ڪي زراعت وسيلي ڌرتيءَ جو سينو چيري، اسان لاءِ اناج، ميوا ۽ ڀاڄيون اپائين ٿا ۽ پنهنجن ٻچن سان گڏ اسان سڀني جي لاءِ رزق روزي ۽ قوت گذران جو بندوبست ڪن ٿا. ڦٽي ڪپھ اپائي اسان جي تن بدن کي ڍڪڻ لاءِ اوڇڻ جو وسيلو ڪن ٿا. ڪي مزدوري ڪري، ڪي گاڏيون هلائي، ڊرائيوري ڪري سامان سان گڏ اسان کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچائين ٿا. ڪي واڍا ڪي رازا ڪي پوليس وارا ته ڪي ڊاڪٽر ٿيو، اسان جي سُک سهولت سان گڏ حفاظت ڪن ٿا. انهن وٽ ايترو وقت ڪٿي جو اهي سڀ ڪم به ڪري سگھن ۽ ويهي پنهنجن ٻچن کي ٻين هنرن سان گڏ لکڻ پڙهڻ به سيکارين. علم ۽ ادب، سياست ۽ ڏاهپ سيکاري سگھن، جو اهي بهترين ڪردار وارا، حق ۽ سچ جي ساڃاھ رکندڙ انسان بڻجي سگھن، پر اهو ڪم ۽ اهو فرض استاد ڪري سگھن ٿا، ڇو ته دنيا جي هڙني ڌنڌن، مهارتن، هنرن، حرفتن، علمن، سائنسن ۽ انقلابن جي ڪنجيءَ وارو فن ۽ ڏاهپ، عقل ۽ سمجھ واري تعليم، اصل ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ وارو هنر آهي، جيڪو منظم تربيت ورتل استاد ئي سيکاري سگھن ٿا. لکڻ ۽ پڙهڻ واري هنر سان ئي ٻيا علم سکي، سماج جا بهترين فرد تيار ٿيندا، جيڪي مختلف کاتن ۽ ادارن ۾ وڃي سماج جي خدمت ڪندا، انهن منجھان ئي ڪي جج، سپاھي، ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، پائلٽ ته ڪي وري سياستدان ٿي ملڪ ۽ قوم جي مشڪل ڪشائي ڪندا.