بلاگنئون

استاد جو حقيقي ڪردار

اُستاد سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي، معنيٰ اٿس علم سيکاريندڙ. استاد جو اشتقاق اوستو يا اوستا+ويد، وديا، وڄا. اوستو معنيٰ ماهر ۽ وديا معنيٰ علم، ڄاڻ يا ڏاهپ. ان معنيٰ مطابق استاد ٿيو ويدن جو عالم، خدائي علمن جو ڄاڻو، ماهر يا ڏاهو شخص. سندس هم معنيٰ لفظ عربيءَ ۾ معلم، فارسيءَ ۾ آخوند، ۽ انگريزيءَ ۾ ٽيچر. هونءَ ته ڪائنات جي هر شيءِ کي خلقيندڙ ۽ پاليندڙ هستي، علم ۽ سمجھ ڏيندڙ اُستاد رب پاڪ پاڻ آهي، جنهن مخلوق جي هر جيوَ جڻيي کي پنهنجو پنهنجو هنر، حرفت، ڌنڌو ۽ فرض سندن سرشت ۾ ئي سيکاري ڇڏيو آهي، پر انسانذات جي سرشت اندر علم جو خزانو رکڻ جي بجاءِ سندن لاءِ وري خاص نوازش ۽ انعام آهي ته انسان کي اهو ڪجھ سيکاريو ويو آهي جيڪو ملائڪ به نه ڄاڻندا هئا، اها هئي جستجو ۽ ڳولا، کوجنا ۽ تجسس واري حس ۽ صلاحيت، هر نئين شيءِ جي باري ۾ ڄاڻڻ واري اندر ۾ آنڌ مانڌ ۽ ڇڪ، جنهنجي ڪري اڄ تائين جو انسان تجربن ۽ مشاهدن سان پاڻ به سکندو ۽ ٻين کي پڻ سيکاريندو اچي پيو. رب تعاليٰ کانپوءِ دنيا اندر ڄڻيندڙ ماءُ پيءُ پڻ انسان جا شروعاتي استاد آهن، جيڪي ٻاروتڻ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ، پنڌ ڪرڻ، کائڻ پيئڻ، وهنجڻ اوڍڻ کان وٺي سماج ۾ خدمت چاڪريءَ جا علائقائي اصول، قاعدا ۽ قانون سيکاريندا آهن. ان کان بعد ٻيا انسان، دنيا جي هر ننڍي وڏي ڪم، ڌنڌي، هنر ۽ حرفت ۾ هڪٻئي جا استاد آهن، جيئن ڊرائيور، رازو، مستري، موچي، واڍو ۽ بورچي، ويندي هوٽل تي مزدوري ۽ صاف صفائي ڪندڙ گٽر ماسٽر به استاد سڏجڻ ۾ اچن ٿا. انهن سڀني استادن جي محنت ۽ عظمت کي سلام آهي، جو ڪنهن هڪ هنر يا ڌنڌي يا ڪم جي مهارت سيکاريندڙ آهن. انهيءَ سڀڪجھ سکڻ ۽ سيکارڻ کانپوءِ به اڃا ڪجھ سکيا ۽ تربيت جي کوٽ رهجي ويندي آهي، جو اهي والدين پنهنجي اکين جي ٺار، جگر جي ٽڪرن ۽ مستقبل جي معمارن کي اسڪول، مڪتب يا مدرسي جي استادن جي حوالي ڪن ٿا، انهن کي کارائي پياري، وهنجاري سينگاري، ڀاڙا خرچ ڀري، ڪم ڪار سيڙائي به کين اسڪول موڪلين ٿا. اهي والدين، جن مان ڪي زراعت وسيلي ڌرتيءَ جو سينو چيري، اسان لاءِ اناج، ميوا ۽ ڀاڄيون اپائين ٿا ۽ پنهنجن ٻچن سان گڏ اسان سڀني جي لاءِ رزق روزي ۽ قوت گذران جو بندوبست ڪن ٿا. ڦٽي ڪپھ اپائي اسان جي تن بدن کي ڍڪڻ لاءِ اوڇڻ جو وسيلو ڪن ٿا. ڪي مزدوري ڪري، ڪي گاڏيون هلائي، ڊرائيوري ڪري سامان سان گڏ اسان کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچائين ٿا. ڪي واڍا ڪي رازا ڪي پوليس وارا ته ڪي ڊاڪٽر ٿيو، اسان جي سُک سهولت سان گڏ حفاظت ڪن ٿا. انهن وٽ ايترو وقت ڪٿي جو اهي سڀ ڪم به ڪري سگھن ۽ ويهي پنهنجن ٻچن کي ٻين هنرن سان گڏ لکڻ پڙهڻ به سيکارين. علم ۽ ادب، سياست ۽ ڏاهپ سيکاري سگھن، جو اهي بهترين ڪردار وارا، حق ۽ سچ جي ساڃاھ رکندڙ انسان بڻجي سگھن، پر اهو ڪم ۽ اهو فرض استاد ڪري سگھن ٿا، ڇو ته دنيا جي هڙني ڌنڌن، مهارتن، هنرن، حرفتن، علمن، سائنسن ۽ انقلابن جي ڪنجيءَ وارو فن ۽ ڏاهپ، عقل ۽ سمجھ واري تعليم، اصل ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ وارو هنر آهي، جيڪو منظم تربيت ورتل استاد ئي سيکاري سگھن ٿا. لکڻ ۽ پڙهڻ واري هنر سان ئي ٻيا علم سکي، سماج جا بهترين فرد تيار ٿيندا، جيڪي مختلف کاتن ۽ ادارن ۾ وڃي سماج جي خدمت ڪندا، انهن منجھان ئي ڪي جج، سپاھي، ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، پائلٽ ته ڪي وري سياستدان ٿي ملڪ ۽ قوم جي مشڪل ڪشائي ڪندا.
ڳالھ ڪندا آهن ته يونان جو بادشاھ سڪندر، جيڪو دنيا فتح ڪرڻ نڪتو هو، ان سفر ۾ سندس استاد ارسطو به گڏ هو. اهي ٻئي ڪنهن علائقي مان گذري رهيا هئا ته رستي ۾ هڪ اونهي ندي اچي وئي. استاد ارسطوءَ فيصلو ڪيو ته هُو اڳ ۾ ندي پار ڪري ان جي اُونهائي جاچيندو. ۽ چوڻ لڳو ته: “جيڪڏهن ارسطو مري ويو ته خير آهي، پر سڪندر زندھ رهي جنهن جي يونان ۽ دنيا کي ضرورت آهي.” سڪندر اعظم کلي چيو ته: “نه استاد ايئن صحيح ناهي. سڪندر مري وڃي ته خير آهي، پر استاد ارسطو نه مري، ڇاڪاڻ ته سڪندر ٻيو ارسطو نٿو ٺاهي سگھي، پر ارسطوءَ جهڙو استاد ٻيا هزارين سڪندر پيدا ڪري سگھي ٿو.” استاد بخاريءَ ان خيال جي ترجماني پنهنجي شاعريءَ وسيلي اجھو هيئن ٿو ڪري:
صدين ۾ ديدوَر هڪڙو ٿيو پَيدا ته ڇا ٿي پيو،
اسان جي ڏيھ کي ڏاهن هزارن جي ضرورت آ.
نوان سُقراط افلاطون پيو اُستاد پَيدا ڪر،
زماني کي نڪورن شاهڪارن جي ضرورت آ.
ڳالھ ٿا ڪن ته: آمريڪا جي صدر ابراھام لنڪن، پنهنجي پٽ کي جنهن اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو، ان جي استاد کي خط موڪليائين جنهن ۾ کيس لکيائين ته: “منهنجي پٽ کي اهي سچايون سيکار ته اسان سندس ماءُ پيءُ جيڪڏهن مجبور ٿي سچائيءَ کان هٽي وڃون، منهن موڙي وڃون تڏهن به هو اسان جو ساٿ ڇڏي ته ڀلي ڇڏي ڏيئي، پر سچائيءَ جو ساٿ نه ڇڏي ۽ هن کي اهو به سيکار ته پنهنجن هٿن سان ڪمايل هڪ آني جي قيمت ۽ اهميت، پٽ تان لڌل پنجن روپين کان مٿي آهي.”
اهو آهي دنيا جي ترقي يافته قومن ۽ ملڪن ۾ استاد جو حقيقي مانُ ۽ مرتبو، عزت ۽ عظمت. اهي ته ٿيا ڪن فردن ۽ ڪن سماجن جا استاد، پر ڪُل ڪائنات ۽ جهانن جي پالڻهار سموري انسان ذات لاءِ پنهنجا جيڪي رسول وحيءَ جي تعليم ڏيئي رهبر، رهنما ۽ اُستاد ڪري موڪليا. جيڪي الله جي مقرر ڪيل فطري قانونن تحت سماجي انصاف، ايڪو، اتحاد، سياست ۽ حڪومت جو ڍنگ، تنظيم ۽ رياست جو غرض ۽ مقصد ۽ فائدا سيکارڻ آيا. فرضن جي آگاهيءَ سان گڏ حقن جي سُڃاڻ ۽ ساڃاھ ڏيڻ آيا. ان مقصد ۽ تعليم کي مستحڪم ۽ پائدار بنائڻ لاءِ پنهنجي آخري نبي حضرت محمَد صلي الله عليه وآله وسلم جن کي سڄي دنيا جي انسانن لاءِ رهبر ۽ استاد ڪري، وحيءَ جي آخري ۽ ابدي تعليم جو ڪتاب قرآن حڪيم ڏيئي موڪليو ويو. قرآن حڪيم جي پهرين وحيءَ جو فرمان آهي ته: “پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان، جنهن انسان کي قلم ذريعي اهو علم سيکاريو جيڪو هُو اڳي نه ڄاڻندو هو.”
اهڙن چٽن ۽ واضح احڪامن سان گڏ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن کي نذير يعني ڊيڄاريندڙ يا خبردار ڪندڙ ۽ بشير يعني خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪليو ويو آهي. الله تعاليٰ جي ان قانون جو مقصد پڻ ٻڌايو ويو آهي ته: “انهن کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ طرف آڻي ٿو.” ۽ پڻ “ انهن غلامن کي آزادي ڏياري جن جي ڪنڌن تي غلاميءَ جا وڏا بار پيل آهن.” ان ڪم لاءِ الله تعاليٰ پنهنجن رسولن جي معرفت موڪليل ڪتاب ۽ قانون جي حڪمرانيءَ ذريعي چاهي ٿو ته ڌرتيءَ تي جن فردن، قبيلن ۽ قومن کي ڪمزور بنايو ويو آهي، انهن تي احسان ڪري ملڪ جي حڪومت جو وارث ۽ اڳواڻ بنائي. ڪتاب جي نازل ٿيڻ جو مقصد ٻڌائيندي چيو ويو آهي ته: “رب پاڪ توهان ڏي حق ۽ سچ وارو ڪتاب نازل ڪيو آهي، موڪليو آهي ته جيئن ان جي ڏسيل تعليم مطابق حڪومتون قائم ڪيو” پاڻ سڳورا ڪتاب ۽ حڪمت جو علم سيکارڻ آيا آهن. عربي ٻوليءَ ۾ تحڪم ۽ حڪمت جو بڻ، مادو لفظ حڪم آهي جنهن جي معنيٰ ڪجهه ماڻهو ڏاهپ، ته ڪي وري طب ته ڪي سنت رسول وٺندا آهن، پر سڀني جو بنيادي مقصد وري به قانون ۽ ڪتاب جي پيروي ئي آهي، جيڪا پاڻ سڳورا سڄي حياتي عمل ڪندا رهيا. اها هئي الله جي موڪليل رسولن، رهبرن، رهنمائن ۽ استادن جي ڊيوٽي ۽ فرض جن جي منصب جا وارث اڄ جي زماني جا استاد بڻيا آهن ۽ اهي استاد ڪيڏا نه خوشنصيب آهن، جن کي علم جهڙي دولت ملي آهي ۽ استاد جهڙو رتبو. شاھ سائين فرمايو آهي ته:
سرها ڏٺم سي، جنين ساڃاھ سراڻ جي،
تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين.
تاريخ جا ورق هن ڳالھ جا شاهد آهن ته جن به قومن اُستاد جو رُتبو ۽ قدر سڃاتو، انهن دنيا تي حڪمراني ڪئي آهي. اسان جو حال يعني موجوده زندگيءَ جي حاصلات، اسان جي ماضيءَ جي ميراث آهي. اسان وٽ جيڪو ڪجھ مال ملڪيت، ڌن دولت، سک شانتي، ٻولي، سائنس، علم، عقل، ڏاهپ، سياست، حڪومت، ملڪ مطلب سڀ ڪجھ اسان جي وڏڙن بزرگن جي محنتن جو ڦل ۽ ميوو آهي ۽ اسان وٽ اسان جي قوم جي امانت آهي. اسان جو مستقبل، اسان جي اولاد جي زندگي، اسان جي حال تي دارومدار رکي ٿي. قوم جي ان جنت جهڙي باغ ۽ فصل جي آبياري ۽ نگهباني اسان کي پاڻ، ڪرڻي آهي. اسان استادن کي قوم پاران جيڪا امانت حوالي ڪئي وئي آهي، ان تعليم ۽ تربيت کي حق حڪمرانيءَ سميت قوم جي ايندڙ نسلن کي حوالي ڪرڻو آهي. وقت سڀني انسانن ۽ قومن لاءِ هڪجھڙو گذري ٿو، پر ان کي گذاري هرڪو پنهنجي حساب سان ٿو. ابدي هدايت جي ڪتاب قرآن مجيد ۾ آيو آهي ته توهان جو نصيب، ڀاڱو يا حصو ايترو آهي جيترو توهان جي محنت هوندي ۽ الله پاڪ جي قانون ۾ بنا محنت واري جو ڪوبه حصو ڪونهي. اسان جي وڏڙن سان به ان امانت ۾ خيانت ٿي آهي، يا اسان منجھان اُستاد جي عزت ۽ عظمت، قدر ۽ شناس جا معيار، سڃاڻپ جا ماپا گھٽجي ويا آهن، تڏهن ته هيڏو وڏو شعور رکندڙ سنڌي قوم تي اڄ جاهل هجڻ جو ٺپو لڳي ويو آهي. هن دور جي سامراجي قومن، اسان جي قوم جي سرمائيدارن، جاگيردارن، مذهبي مهندارن ۽ جابرن سان گڏجي اهڙو ماحول ٺاهيو آهي ته ڀل قوم جو شعور اونداهو هجي، پر جيڪڏهن انهن ۾ ڪو شعور يا علم جي ڪا شمع ٻري ته ان کي به اجھائي اوندھ ڪري ڇڏين، تڏهن ته هن ملڪ ۾ جهالت وارو جھنگ جو قانون لاڳو ڪيو ويو آهي ته منهنجا غيور استادئو! جھنگ ۾ ته ڪنڊن يا بنا ڪنڊن جي صرف ٿڙن وارا وڻ پيدا ٿيندا آهن. فصل ۽ ميوا نه، پر جيڪڏهن جھنگ ۾ ڪو فصل کڻي پوکبو تڏهن به اهو زيان ٿي ويندو. تنهنڪري محنت سان جھنگ صاف ڪري زمين ۾ فصل يا ميوا پوکبا تڏهن وڃي باغ باغيچا، ڦل فرُوٽ ۽ ميوا حاصل ٿيندا. هاڻي اها اُستادن جي ذميداري آهي ته اهي ڪيئن ٿا قوم جي شعور کي روشن ڪن.
جيئن ته فطرت جي قانون موجب هر ٻج زمين مان ڦٽي فصل ۽ ميوو پيدا ڪندو رهي ٿو، بلڪل اهڙيءَ طرح انساني فرد، جماعت، تنظيم، سماج ۽ قوم جا عمل نيڪ يا بد، ڀلا يا برا، پر نتيجا ضرور پيدا ڪندا رهن ٿا. جڏهن ادارا تنظيمون يا رياستون ناڪام ٿي ويندا آهن، ته اها نظرين جي ناڪامي نه هوندي آهي، پر ان دور جي فردن تنظيمن، حڪومتن ۽ رياستن جي ناڪامي هوندي آهي. فردن، خاندانن، قبيلن ۽ قومن تي جڏهن ڏکيو وقت اچي ويندو آهي، تڏهن قومن جي قسمت بدلائڻ لاءِ قوم منجھان ئي ڪي نوجوان ڪارڪن، رضاڪار، نوان ليڊر بڻجي نوان سماج اڏي نئين ڍنگ جي رياست جو وجود قائم ڪندا آهن. ڏکين مرحلن منجهان پار پوڻ جو ڏس رب پاڪ، قرآن مجيد ۾ ته اجھو هيئن ٿو ڏيئي ته: “بيشڪ! نيڪيون براين کي ختم ڪن ٿيون.” اچو ته اسان به پنهنجي حصي جو ڪم ڪريون. قوم کي اها تعليم ڏيون، جنهن سان هر فرد ۾ مخصوص قسم جون اعليٰ خوبيون پيدا ٿين ۽ انهن ۾ ڪل ڪائنات جي انسانن جي عزت، عظمت، محبت ۽ خدمت جو احساس ۽ جذبو جاڳائڻ اسان اُستادن جو فرض آهي. اڄ قوم جي رهبريءَ جو تاج ۽ ڇٽ انهن اُستادن جي سر تي آهي، جن جي، قوم کي صحيح علم ۽ سائنس سان هٿياربند ڪرڻ لاءِ ان جي تعليمي ادارن ۽ نظام کي سڌارڻ ۽ سينگارڻ کان وڏي قوم ۽ وطن دوستي ٻي ٿي ئي نٿي سگھي ۽ اهو ڪم لڳاتار محنت، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ کانسواءِ ٿي نه سگھندو.
مشهور سماجي ڏاهي ۽ تعليمدان، پائلو فراري جو قول آهي ته: “تعليم ۽ تدريس جو مقصد آهي دنيا جي غريب، ڪمزور ۽ پيڙهيل طبقي کي ان قابل بنائڻ ته جيئن هو پنهنجي زندگيءَ جي مالڪي پاڻ ڪري، ان کي بدلائي سگھي.” تعليمي ماهرن جو خيال آهي ته: “سڀئي سکيا وٺندڙ مختلف طريقن سان سکن ٿا، يعني وضاحتن ٻڌڻ سان، سوال پڇڻ سان ۽ سوالن جا جواب ڳولڻ سان، مسئلن جا نوان حل ڳولڻ سان، هدايتن تي عمل ڪرڻ سان، مشاهدي ذريعي مهارتون حاصل ڪرڻ سان، بحث مباحثي ڪرڻ سان، خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ سان، دليل ڏيڻ سان، تجزيه نگاري، سوچڻ، شين ۾ نواڻ آڻڻ سان، مختلف خيالن، ڪردارن، موادن ۽ ماحول ۾ ربط ڳولڻ سان. سکندڙن جي انهن صلاحيتن ۾ اضافو آڻڻ لاءِ هڪ استاد جو ڪردار تمام اهم آهي. زراعت ۽ نباتات جو اُصول آهي ته زمين ۾ ٻج، پنهنجي وجود جي قرباني ڏيئي فنا ٿي، منتقل ٿي ٻوٽي ۾ تبديل نه ٿيندو، تيستائين نئون فصل ۽ ميوو پيدا نه ٿيندو. ٻين جي روشنيءَ لاءِ ميڻ بتيءَ کي ٻري ختم ٿيڻو پوندو. پهريائين پنهنجين خواهشن جي ڏٺي وائٺي قرباني ڏبي تڏهن وڃي ڪي وڏا فائدا حاصل ٿيندا يا انهن جو ڪو آسرو ٿيندو. بلڪل ايئن ئي اُستادن کي به پنهنجي مخلص ڪردار سان علم ۽ شعور کي قوم جي نوجوانن ڏانهن منتقل ڪري، خود قربانيءَ جو اعليٰ مثال قائم ڪرڻو پوندو.
***