بلاگنئون

مادري ٻولي ۽ تعليم‎

ڪنهن به انسان يا سماج لاءِ سڀ کان خوبصورت ۽ قيمتي نعمتن مان هڪ نعمت ٻولي آهي ۽ ڌرتيءَ تي هر انسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ پياري ٻولي سندس مادري ٻولي آهي. جيئن ته ٻار پنهنجي مادري ٻوليءَ سان لڳاتار واقف رھي ٿو، ان ڪري مادري ٻوليءَ کي تعليم ۽ سکيا جو بهترين ۽ آسان ذريعو چيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ انگريزيءَ کي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر اسڪولن ۾ تعليم جو ذريعو مادري ٻولي ئي هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اُها شاگردن جي سمجهه کي پروان چڙهائي ٿي انهن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي جيڪا پوءِ کين ڏکي کان ڏکي ڳالهه سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي، سندن تخليقي صلاحيتن کي وڌائي ٿي ۽ ٻين ٻولين کي سمجهڻ ۾ به بنياد فراهم ڪري ٿي. استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائي ٿي ۽ استادن کي صحيح طريقي سان پڙھائڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿي.
سڀ کان پهرين ۽ اھم ڳالھه اِھا ته مادري زبان ۾ ڏنل تعليم شاگردن لاءِ مختلف مضمونن جي مواد کي سمجهڻ آسان بڻائي ٿي. پرڏيھه جي غير انگريزي ملڪن ۾ ڪيل مختلف تحقيقن مان معلوم ٿئي ٿو ته مادري زبان ۾ ڏنل تعليم ٻارن ۾ نه رڳو تيز رفتاري سان پر تمام آسان طريقي سان مضمونن جي سمجھه پيدا ڪري ٿي. حقيقت ۾ جڏهن هڪ موضوع شاگردن کي سندن مادري زبان ۾ سيکاريو ويندو آهي ته ان کي پهريون ڀيرو ئي سمجهه ۾ اچي ويندو آهي ۽ ٻيهر سيکارڻ جا امڪان گھٽجن ٿا.
جڏھن ته اهوئي ساڳيو مواد ٻي ٻوليءَ ۾ جنهن تي شاگرد کي دسترس حاصل نه آهي ان کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ۽ پوءِ کيس پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سمجهڻو پوي ٿو. جيڪو شاگردن لاءِ تمام گهڻو مشڪل آهي ۽ مادري زبان ۾ ڏنل تعليم ٻوليءَ جي ھن رڪاوٽ کي دور ڪري، مضمونن جي سکيا کي آسان ۽ پائيدار بڻائي ٿي.
ان کان علاوه، مادري زبان ۾ ڏنل تعليم استاد ۽ شاگردن جي رابطي جي معيار کي بهتر بڻائي ٿي. هڪ شاگرد پنھنجي ٻوليءَ ۾ استاد سان ڳالھائڻ ۾ آساني محسوس ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته سندن ڳالھه ٻولهه دوران مختلف سماجي ۽ ثقافتي عنصر شامل ھوندا آھن، ٻوليءَ جو هڪ ھجڻ ماحول مان بيچيني ختم ڪريو ڇڏي. جيڪڏھن شاگرد پنهنجي استادن سان ڌارين ٻوليءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان قاصر آهن ته اھي استادن کان مناسب موٽ به نٿا وٺي سگھن، جنھن ڪري انهن کي سندن مضمونن جي تياريءَ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي.
پاڪستان ۾ تعليم جي مڙني سطحن تي انگريزيءَ ۾ تعليم ڏيڻ جا حامي دليل ڏين ٿا ته شاگردن کي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ انگريزيءَ ۾ سمورا مضمون پڙهڻا پون ٿا، تنهنڪري انهن کي ننڍي عمر کان انگريزيءَ ۾ سڀني مضمونن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. اِها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته استادن جي اڪثريت، توڙي پرائمري اسڪولن جي هجي يا يونيورسٽين جي، نه ئي انگريزيءَ تي عبور رکي ٿي ۽ نه ئي انهن کي انگريزيءَ ذريعي تعليم ڏيڻ جي تربيت مليل آهي. 2013 ۾ برٽش ڪائونسل جي رپورٽ ”ڇا انگريزي ميڊيم ايجوڪيشن پاڪستان ۾ ڪم ڪري سگھي ٿي، پنجاب جا سبق“ ۾ اِھا ڳالھه پڌري ٿي ته پرائيويٽ اسڪولن جي 62 سيڪڙو استادن ۽ سرڪاري شعبي جي 56 سيڪڙو استادن کي انگريزيءَ جي بنيادي ڄاڻ به نه هئي.
جيڪڏهن اسان انهن ملڪن جا مثال ڳولھيون جن جي مادري ٻولي تعليم جو ذريعو آهي ته اسان کي ٻه ايشيائي ملڪ چين ۽ جاپان نظر اچن ٿا، جن جي مادري ٻولي اسڪولن ۾ تعليم جو ذريعو آهي. اهڙيءَ طرح جرمني ۾ پرائمري تعليم جرمن زبان ۾ ڏني وڃي ٿي. اهوئي سبب آهي جو اهي ملڪ نه رڳو ٽيڪنالاجيءَ جي لحاظ کان ترقي يافته آهن، پر اخلاقي طور به مثالي آهن. ڇو ته مادري زبان ۾ ڪمزوريءَ جو مطلب آهي سموري سوچ ۽ اظهار جي طاقت جو مفلوج ٿيڻ.
مختصر طور تي ائين چئي سگهجي ٿو ته مادري زبان هڪ خدائي نعمت آهي، جيڪا انسان کي پنهنجن احساسن، خيالن ۽ جذبن کي بغير ڪنهن پابنديءَ جي اظهار جي قابل بڻائي ٿي. تنهنڪري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم جو ذريعو انگريزي هئڻ جي باوجود، سڄي پاڪستان جي پرائمري اسڪولن ۾ مادري زبان کي تعليم جو وسيلو هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اها شاگردن کي مواد جي صحيح سمجھڻ ۾ ۽ ٻارن جي اندر تخليقي صلاحيتن کي بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ ۽ پنهنجن خيالن ۽ احساسن جو درست اظهار ڪرڻ ۾ مادري ٻولي ئي مددگار ثابت ٿئي ٿي.
***