بلاگخاصنئون

نوري، ڄام ۽ هوندل شاهه

نوري سڄوئي ناز، سونهن سندس سادگي،
سمون اچي سهڙيو، ارپي تماچيءَ زندگي،
بيشڪ ايئن بندگي، سونهين سادائپ سان. (مهر فقير)
سنڌ جي لوڪ ادب جي داستانن ۾ نوري ڄام تماچي جو داستان پنهنجي هڪ الڳ حيثيت جو حامل آهي جنهن ۾ نياز نوڙت جو پهلو موجود آهي. انهيءَ علائقي جو حڪمران ڄام تماچي هڪ مهاڻي نوريءَ تي موهجي پوي ٿو ۽ مٿس مهربان ٿي نوري ۽ سندس خاندان تي نوازشون ڪرڻ شروع ڪري ٿو. نوري اهو ڄاڻندي هئي ته ڄام سندس عشق ۾ گرفتار هئڻ ڪري مجبور آهي پر، پوءِ به هوءَ قلو پطره جهڙي چالاڪ بڻجي عاشق کي قابو ڪري مٿس حاوي ٿيڻ بدران نياز نوڙت جو اظهار ڪندي رهي ٿي.
اجايا ٺٺ ٺانگر، واحد کي ڪين وڻن،
ڪري ٺاهه ٺڳيءَ جا، ڀل تيل ميٽ هڻن،
بازي سي ئي کڻن، سادگي جن سرتيون. (مهر فقير)
اهوئي سبب آهي جو نوريءَ جي سادگيءَ کان متاثر ٿي ڪري شاهه لطيف کيس پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏئي ويتر ئي امرتا بخشي آهيس.
نوريءَ سندو ناز، حاوي مٿان حاڪم،
ڄار کڻي ڄام، ڪهي آيو ڪينجهر تي. (مهر فقير)
هڪ روايت مطابق نوري راجا جسودڻ جي ڌيءَ هئي (ڪافي محققن ۽ تاريخ نويسن نوريءَ جو نالو نورئين ۽ نور پري به ڄاڻايو آهي) راجا سمن حاڪمن جي دور ۾ ڪنهن رياست جو حڪمران هو سندس والد جو نالو ڄام مهڙ هو، سندس زال جو نالو مرويت هو، نوري سندس ڌيءَ هئي جيڪا ننڍي هوندي ڪوڙهه جي مرض ۾ وڪوڙجي وئي اهڙو اشارو ڄمڻ کان اڳ والدين کي ڪنهن بزرگ ڏنو هو. ڇوڪريءَ جي گهڻي زندگي تڪليف ۾ گذري. انهيءَ ڪري مائٽن هڪ دائيءَ کي ڏني ته کيس اوڙاهه ۾ اڇلائي پر، ان دائيءَ کي رستي ۾ ڪينجهر نالي مهاڻو گڏيو جنهن کانئس ڇوڪري ورتي ۽ وڏي ٿيڻ تي نوريءَ جو سڱ ڪوڙهه هئڻ جي ڪري ڪنهن به ملاح نه ورتو پر، ڍنڍ تي رهندڙ هڪ بزرگ هوندڙو شاهه جي دعا سان نوري ٺيڪ ٿي وئي ۽ ڄام تماچيءَ سان شادي ڪيائين.
نوريءَ سندي نماڻپ تي، ٿيو عاشق تماچي ڄام،
اچي ڪينجهر ڪنڌي تي، بڻجي ملاح صبح شام،
ڪري فقير قرب ڪلام، گڏ ويهي گندريءَ سان. (مهر فقير)
هڪ روايت اها به آهي ته نوري راجا جسودڻ راءِ جي ڌيءَ هئي سو والد جي مارجي وڃڻ بعد سندس ماءُ، ڌيءَ سميت ڪينجهر جي گندرن ملاحن ۾ پناهه ورتي جتي راجا جي ٺٽي واري علائقي ۾ حڪومت هئي، ڄام تماچي سندس حڪومت ختم ڪئي جيڪا ڪينجهر ڍنڍ کان ڏکڻ طرف هئي. نوريءَ جو نالو نورئين هو ۽ راجا جي حڪومت لاڙ جي هڪ وڏي ايراضيءَ تي هئي، سندس حڪومت ٺٽي شهر کان اوڀر طرف هئي جنهن مان پٽيهل درياهه وهندو هو ان ڪري کيس پيار وچان ڍور ڌڻي به ڪوٺيو ويندو هو.
وري ڪٿي اها به روايت لکيل آهي ته جسودڻ ڪڇ ۾ هو ساڻس جاڙيجن سان اڻبڻت ٿي پئي ان ڪري پاڻ اتان لڏي اچي سنڌ ۾ ڊگهڙي لڳ پراڻ ڍور تي ويٺو اتي مهاڻن جي مياڻ هئي پراڻ کي ڍور به چوندا هئا جڏهن ڍور ۾ پاڻي گهٽ آيو ته ماڻهن اتان لڏڻ شروع ڪيو. ان وقت ۾ جسودڻ کي هڪ نياڻي ڄائي جيڪا ڏاڍي سهڻي هئي راجا هندن جي پراڻي رسم مطابق کيس مارڻ ٿي چاهيو پر، سندس گهر واريءَ کيس روڪيو سو ڇوڪريءَ کي ڪپڙن ۾ ويڙهي ڍوري جي ڪپ تي ڇڏي پاڻ اتان نڪري ويا صبح جو اُها ڇوڪري مهاڻن کي هٿ لڳي يعني مهاڻن جي چڱي مڙس کي هٿ آئي ۽ ان کي اولاد به نه هو، ان نالو نوري رکيو ۽ پاليو جڏهن ڍور سڪي ويو تڏهن مهاڻا به لڏي وڃي ڪينجهر ڍنڍ تي ويٺا جتي نوريءَ جي شادي ڄام تماچيءَ سان ٿي.
هلي جيئن هندورو، ڪينجهر تيئن قرار،
نوري هڪ نماڻي، ٻيو ڄام هٿين آ ڄار،
ريءَ سورنهن سينگار، سادگي سونهن آ. (مهر فقير)
ڪتابن ڪهاڻين قصن روايتن ڳالهين منجھ اهو به اچي ٿو ته نوري شاهه هوندڙي جي وفات کانپوءِ روزاني سندس مزار تي حاضري ڀرڻ ويندي هئي. هڪ ڏينهن نوريءَ کي شاهه هوندڙي جي آستاني تان موٽڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ رستي ۾ رات پئجي وئي ته ملاح رستو ڀلجي پيو ۽ نوريءَ کي چيو ته مون کي گس جي ڪابه خبر نٿي پوي اهو ٻڌي نوريءَ پنهنجي منهن تان پلوء/نقاب کڻي ڏٺو ته سندس منهن مان وڄ جهڙو شعاع نڪتو ۽ ان شعاع تي ملاح پنهنجو گس ڏسي ورتو ۽ ٻيڙي ڪاهي اچي ڪناري ڀيڙو ٿيو انهيءَ رات ڄام تماچي به پنهنجي ماڙيءَ تان ويٺي ڪينجهر جو نظارو ٿي ڪيو تنهن اوچتو اهڙو تجلو ڏسي اميرن وزيرن کان سبب معلوم ڪيو اميرن ۽ وزيرن کيس صبح ٿيڻ تي معلومات وٺي اچڻ لاءِ وقت گهريو ٻئي ڏينهن صبح جو وزير ٻيڙيءَ جي ملاح کان راتوڪي تجلي بابت پڇا ڪئي ته ملاح پيرائتي ڳالھ کيس ٻڌائي وزير سوچيو ته اها ڳالھ جيڪڏهن بادشاهه کي ٻڌائبي ته بادشاهه هرکي پوندو. تنهنڪري بادشاهه کي وڄ جي چمڪڻ جو چئي لهرائي ويو اهڙيءَ طرح ٻه ٻيا وزير به موڪليا ويا پر، انهن به اهوئي بهانو ٺاهي اصل حقيقت لڪائي ڇڏي ان بعد بادشاهه پاڻ ٺهي سنبري ڪينجهر جي سير تي روانو ٿيو ۽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ کانپوءِ ملاح کان ان رات واري واقعي بابت پڇا ڪيائين جنهن کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايو. اهو ٻڌي بادشاهه نوريءَ کي دل ئي دل ۾ پنهنجي راڻي بڻائڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ٻئي ڏينهن بادشاهه ڄام تماچي سمون ڪينجهر گندري جي ککيءَ هاڻي مڏيءَ تي ڪهي آيو ۽ اچي کانئس نوريءَ جو سڱ گهريائين جنهن تي ڪينجهر گندري ها ڪئي ۽ نوري اڳتي هلي ڄام تماچيءَ جي پٽ راڻي بڻي.
نوريءَ سندي ناز، موهي وڌس من،
ويس ايئن وسري، ورڻ سندي وطن،
پل پل تن من، پئي تڙپيو تماچيءَ جو. (مهر فقير)
تاريخ جي ڪتابن منجھ ڪي تاريخدان هن ريت روايت ٿا ڪن ته ڄام تماچي شيل شڪار جو نهايت ئي شوقين ھوندو ھو ھڪ لڱا جيئن ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڪينجهر ڍنڍ جو سير پئي ڪيائين تيئن ئي اوچتو سندس نظر وڃي نوريءَ تي پئي نوريءَ جي نيڻن ۾ اھڙو ته ڪو ڪامڻ يا جادو نما اثر ھو جو کيس ڏسندي ئي ڄام مٿس موهت ٿي ويو. جڏھن موٽي محلات ۾ آيو تڏھن کيس ڪجھ به نٿي وڻيو ڇو ته نوريءَ جي ناز اھڙو ته گهائي وڌو ھئس جو ان کانسواءِ کن پل به آرام نٿي آيس آخر ذات پات جا وھم وساري نوريءَ جي مائٽن کي سڏائي کانئن سندن سڱ گهريائين سو مهاڻن جي ته الله ٻڌي سو اهو رشتو وڏيءَ خوشيءَ سان قبول ڪيائون. شاعرن جي سرتاج جو هڪ بيت آهي ته:
هٿين پيرين لکڻين، منهن نه مهاڻي،
جيئن سڳو وچ سُرندڙي، تيئن راڻين منجھ راڻي،
اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي،
سمي سڃاڻي، ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾.
نوٽ: ڍور درياهي شاخ هئي جنهن جو راجا جسودڻ مالڪ هو. ڍاڳي به دريائي شاخ هئي جيڪا راجا جي علائقي مان وهندي هئي. پٽيهل به دريائي شاخ هئي. ڪينجهر ڍنڍ جي ڀرسان ڄام تماچيءَ جي ماڙيءَ جا آثار موجود آهن. ڄام تماچي صلح پسند ۽ عوام دوست حاڪم هو نوريءَ سان شاديءَ کانپوءِ هن ڪينجهر جي مهاڻن کي وڏا انعام اڪرام ڏنا.
مان وڏو ملاحن جو، سبب نوريءَ نوڙت،
ڪين ڪيائين ڪڏهن، گهڙي ڪا من گهڙت،
واهه قادر جي قدرت، حاڪم وٽس هلي آيو. (مهر فقير).
۽ ايئن انهن تي هر قسم جو محصول معاف ڪيو ويو. ڄام 1392ع ۾ آزاد ۽ خوشحال سنڌ واري دور ۾ وفات ڪئي.
هوندل فقير: چون ٿا ته ڪينجهر ڍنڍ جي انهيءَ وچ تي جيڪو ٻيٽ (ٽڪري) هو اُتي هڪ (ولي الله) ويهي چلو ڪاٽيندو هو ۽ عبادت ڪندو هو جنهن جو نالو ڪن روايتن ۾ (هوندل فقير) ته وري ڪن روايتن ۾ (هوندڙو فقير يا درويش) هو ۽ نوري پوءِ دُنيا جي نفرتن نگاهن جي ماريل اهو گس ورتو ۽ ان درويش جي مُريدياڻي بڻجي وئي ۽ سئوٽ ۽ قبيلي جي مُهاڻن سان گڏ مڇيون مارڻ کانپوءِ شام جو ورڻ کان اڳ سئوٽ سان گڏ ان ٽڪريءَ (ٻيٽ) تي به ويندي هُئي جتي صفائي ٻُهارو ڪري مُرشد جي خدمت ڪري دُعائون وٺي پوءِ ئي گهر موٽندي هُئي.
ڪاتب ڪتابن منجھ اهو به لکن ٿا ته نوري مڇيون کائي پوءِ جڏهن مٿان کير پيئندي هُئي ته اُن کي (چٽي) ٿي پئي جنهن ڪري سندس پورو بدن صاف ۽ شفاف ٿيندو ويو ۽ هوءَ پريءَ جان آهستي آهستي سُهڻي ٿيندي وئي ۽ شروع ۾ چهرو داغ داغ ٿيڻ ڪري هوءَ پردو ڪندي هُئي ته جيئن ڪنهن کي سندس ڪاري مان اڇي ٿيڻ جي خبر نه پوي ايستائين جو پوءِ پاڻ اڇي ۽ حور پري ٿي پئي خون ۾ شهزادي ۽ بادشاهه زادي ته هُئي پر، سونهن اچڻ سان هوءَ گهڻو نکري نمودار ٿيڻ لڳي.
جيئن ته ڄام تماچي ان ڪينجهر ڍنڍ تي هڪ وڏي ماڙي اڏائي هُئي ۽ اُتي اچي آرام ڪرڻ سان گڏ ڍنڍ جو نظارو به ڪندو رهندو هو ۽ ڍنڍ تي مُهاڻين ۽ انهن جي ٻيڙين جي اچ وڃ مان لُطف اندوز ٿيندو هو ۽ پاڻ به ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سير ڪندو هو ته هڪ ڏينهن ماڙيءَ هيٺان ڍنڍن جي هڪ گهر ۾ جيئن ئي نوريءَ پنهنجو نقاب هٽايو ته پري کان سندس سونهن ۽ سوڀيا ڏسي ڄام مٿس عاشق ٿي پيو ۽ پوءِ حيلن بهانن سان ڍنڍ جو سير ڪرڻ وڃڻ لڳو ۽ آخرڪار ڪينجهر کي نوريءَ سان رشتي لاءِ پيغام موڪليائين ۽ شادي ڪري نه صرف ڍنڍ تي پورو محصول ختم ڪيائين پر، اها ڍنڍ ئي ڪينجهر کي ڏيئي ڇڏيائين جنهن کانپوءِ اها ڪلري ڍنڍ ڪينجهر ڍنڍ جي نالي سان مشهور ٿي وئي. هڪ اهڙي ئي روايت موجب نوريءَ کي سونهن سندس مُرشد (شاهه هوندڙي) جي دُعا سان ملي هُئي باقي ڳالهيون ساڳيون آهن ته ڪيئن ڄام تماچي سندس سونهن تي عاشق ٿيو هو ۽ ڪيئن اها ڍنڍ ڪينجهر ڍنڍ بڻي هُئي. ڪينجهر ڍنڍ جي وچ ۾ ٻيٽ يا ٽڪريءَ تي هن وقت به نوريءَ جي مرشد (پير هوندل) جي پيرانديءَ کان (نوريءَ جي قبر) پڻ موجود آهي. جڏهن ته ڄام تماچيءَ جي قبر بابت ٻُڌايل آهي ته اُها اُتي ڪونهي پر، مڪليءَ جي قبرستان ڀرسان ڪنهن مقبري ۾ آهي.
ليکڪن جي لکتن تحت شاهه هوندڙي نالي درويش نوريءَ مُرشد بڻيو هو ته جڏهن اُن درويش شاهه هوندڙي جي وفات جو وقت ويجهو آيو ته هُن نوريءَ کي گهرائي پنهنجي خدمت ڪرڻ جي صلي ۾ کيس پنهنجي ڪنهن خواهش ۽ تمنا جو پڇيو هو ته هُن پنهنجي ڪوجهائي ۽ ماڻهن جو ساڻس نفرت ڪرڻ جو تذڪرو ۽ ان سلسلي ۾ ئي مدد ۽ تمنا ڪرڻ جو عرض ڪيو هو. چون ٿا ته پوءِ ان درويش کيس ڏس ڏنو ته هن جي سامهون پيل (پاڻيءَ جي مٽَ) مان ست ٺڪر جون ڪُنجيون (گلاس) پاڻيءَ سان ڀري پنهنجي مٿان وجھ ۽ نوري جڏهن ائين ڪيو ته سندس جسم تان ڪاراڻ لهندي وئي ۽ هُوءَ هڪ حسين حور جهڙي ٿي پئي.
هتي هڪ سوال جيڪو ڪالھ کان وٺي اڄ تائين به سوال ئي آهي ته نوريءَ جي مزار ڪٿي آهي، مڪليءَ ۾ يا ڪينجهر ڍنڍ جي وچ ۾ سو انهيءَ سوال جي مناسبت سان به هتي مختلف رايا ۽ روايتون موجود آهن ته مڪليءَ تي سلطان ڄام نظام الدين سمون جي مقبري ۽ ڄام تماچي پاران ٺاهيل جامع مسجد ڀرسان 03 قبرون ٺهيل آهن جن بابت چيو ويندو آهي ته هڪ ڄام تماچيءَ جو مزار آهي ٻيو نوريءَ جو ۽ ٽيون نوري ۽ ڄام جي ننڍڙي پٽ جو آهي. جڏهن ته اهو به هڪ خيال ۽ رايو آهي ته نوريءَ جو مزار ڪينجهر ۾ موجود آهي جنهن بابت عام طرح چيو ويندو آهي ته هي نوريءَ جو مزار آهي سو سوال اهو آهي ته آخر نوريءَ جو مزار مڪليءَ تي آهي يا وري ڪينجهر تي؟
سو مٿين راين خيالن ۽ روايتن تحت ڪهڙي راءِ کي مستند راءِ طور قبول ڪجي. جڏهن ته اڪثر تحقيق نگار ايئن به لکن ٿا ته نوري ۽ ڄام تماچي ٻئي مڪليءَ تي مدفون آھن، باقي اهي جيڪي ڪينجهر ۾ مزارون آهن سي اصل ناھن، سي فرضي طور نوري ڄام تماچي جي محبت جي يادگار طور ٺهيل آھن.
هڪ دوست حسين منظور صاحب لکي ٿو ته، نوريءَ جو مزار ٻن ڍنڍن جي وچ واري سُڪي جڳھ تي هو انهن ٻن ڍنڍن (سونهري ۽ ڪينجهر) کي جڏهن صدر ايوب جي دور ۾ ملايو ويو ته انهن مزارن جو تقدس رکڻ خاطر کين بحال ۽ پڪو ڪيو ويو. جڏهن ته مقامي ماڻهن جي روايت موجب نوريءَ سان گڏ سندس مرشد هوندڙي جو مزار آهي ۽ ٻڌايو ٿو وڃي ته ڄام تماچيءَ جو مزار مڪلي ٽڪريءَ تي آهي. وڌيڪ خبر رب سهڻي کي پر پوءِ به وري نئين سر تحقيق ڪري جاکوڙ ڪري ان سوال کي حل ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اها اسان جي تاريخ ۽ شاهه جا امر ڪردار آهن. اميد ته هن مختصر مضمون ۾ ڪنهن ڪمي ڪوتاهيءَ کي نظرانداز نه ڪيو ويندو، بلڪه رهنمائي ڪئي ويندي ته جيئن تاريخ واضح ٿي سگهي.
***