پاڪستان ڊاڪٽر شهزاد بيگ جو نالو ٽائيم ميگزين 2024 جي عالمي رهنمائن جي فهرست ۾ رکيو آهي. هو 100 عالمي رهنمائن جي فهرست ۾ شامل آهي. ڊاڪٽر شهزاد بيگ پاڪستان جي پوليو جي خاتمي واري مهم جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر آهي. پاڪستان جي ڊاڪٽر جي عالمي رهنمائن جي فهرست ۾ شموليت ملڪ لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هڪ طرف اهو عمل فخر جوڳو آهي ته اسان جي هڪ ڊاڪٽر جي خدمتن جو بين الاقوامي ميگزين ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي. هڪ فرد جي صحت جي شعبي ۾ ڪاميابي اهم آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ صحت جو شعبو ڏينهون ڏينهن زاول پذير آهي. پاڪستان ۾ صحت جي صورتحال ڏينهون ڏينهن تباهي جي طرف وڃي رهي آهي. اسان وٽ جيئن ته آبادي گهڻي آهي ۽ غربت به وڌي رهي آهي. انهيءَ ڪري اتي صحت جا مسئلا به ڳنڀير آهن. صحت جي شعبي کي عام ماڻهو جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، پر بدقسمتي سان ائين ٿي نه سگهيو آهي. اسان وٽ صحت جي سهولتن جي عام ماڻهو تائين رسائي ممڪن نه ٿي سگهي آهي ۽ لڳي ٿو ته وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن کي به لاچار ڪونهي. صحت جي شعبي ۾ تعليم ۽ تحقيق لڳي ٿو ته پنهنجي معيار ۾ گهٽجي رهي آهي.
حقيقت ايئن آهي ته ڪٿي ته اها آهي ئي ڪونه. اسان وٽ عام وبائي بيماريون ڄڻ ٻارهن مهينا هلن ٿيون. فلو کان وٺي جگر جي مرض تائين ماڻهو لاچار آهن ۽ صحت جو شعبو ڄڻ انهن سڀني شين کان لاتعلق هجي. اسان وٽ صحت جي صورتحال ايتري ته تشويشناڪ آهي جو دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان گڏ صحت جي شعبي جي مدد لاءِ ڪم ڪندڙ بل گيٽس پاڪستان جي صحت جي صورتحال لاءِ چيو ته تباهي جي ڪناري تي آهي. انهيءَ سڄي صورتحال ۾ سرڪاري، پرائيويٽ اسپتالن ۽ صحت جي تحقيقي مرڪزن کي گهرجي ته اهي ملڪ جي صحت جي مسئلن کي حل ڪن. ٻه حل ضروري آهن پهريون تڪڙو حل جنهن ۾ ماڻهن کي وبائي بيمارين کان بچاءُ جون دوائون ڏنيون وڃن ۽ ويڪسينيشن ڪئي وڃي. اهو عمل ٻارن لاءِ بنهه ضروري آهي ۽ لڳي ٿو ته سرڪار ٻارن لاءِ بنيادي بيمارين جي ويڪسينيشن تي توجهه ڏيندي رهي آهي. ٻئي حل جي طرف اسان جو اشارو اهڙي تحقيق جي طرف آهي جڏهن جينياتي، موروثي ۽ ماحولياتي بيمارين تي تحقيق ٿئي. ايئن ٿي نٿو سگهي ته ملڪ مان ٿيليسيميا، جگر جا مرض، ڪينسر ۽ ٻيون موتمار بيماريون جيڪي جينياتي، موروثي ۽ ماحولياتي سببن جي ڪري ٿين ٿيون انهن جي متعلق عام عوام کي آگاهي ڏني وڃي ته جڏهن ٻه فرد شادي ڪن ته انهيءَ کان اڳي ملڪ ۾ صحت جون جيڪي به سهولتون ميسر آهن انهن کان مدد وٺي مستقبل ۾ پنهنجن ٻارن ۾ بيمارين جي منتقلي کي روڪي سگهن. اسين اها ڳالهه ان ڪري پيا ڪريون ته سڌريل دنيا ۾ انهيءَ تي عمل ٿئي پيو ۽ انهن پنهنجي شهرين کي گهڻين ئي بيمارين ۽ صحت جي مسئلن کان بچايو آهي.
اسان وٽ جيئن ته آباديءَ جي گهڻائي آهي ۽ غربت آهي. وسيلن جي اڻهوند جي ڪري اسان جو ماڻهو زندگيءَ جي هن جديد ترقي يافته درو ۾ گهڻين ئي نعمتن کان محروم آهي. صحت جي شعبي جي تباهي جي ڪري عام ماڻهن ۽ گهرن مان خوشيون غائب ٿي ويون آهن. جڏهن بيماري ۽ ڏک زندگيءَ ۾ هلي اچي تڏهن اسان جي سرڪار ۽ سماج جو فرض آهي ته اهي زندگيءَ جي ٻين شعبن سان گڏ صحت جي شعبي ۾ تڪڙا قدم کڻي عام ماڻهن جي زندگيءَ کي آسان ڪري. اسان مٿي ڊاڪٽر شهزاد بيگ جو ذڪر ڪيو آهي جنهن کي 2024 جي عالمي رهنمائن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اها فهرست هر سال ٽائيم ميگزين ترتيب ڏيندي آهي. هن کي اهو اعزاز پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي ڪوششن جي ڪري ڏنو ويو آهي. پوليو جيئن ته اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته پاڪستان سان گڏ بين الاقوامي مسئلو آهي. ڇاڪاڻ جو پوليو هڪ پکڙجندڙ مرض آهي، عالمي صحت جا ادارا دنيا کي پوليو کان پاڪ ڏسڻ گهرن ٿا. ڊاڪٽر شهزاد بيگ واحد پاڪستاني آهي جيڪو 100 ماڻهن جي فهرست ۾ شامل آهي. اسين کيس انهيءَ عالمي اعزاز تي مبارڪ ٿا ڏيون.