ايڊيٽوريل

سنڌ جي تعليم کي مذاق نه بڻايو

پاڪستان ۾ تعليم جو معيار يقينن بين الاقوامي نه آهي، ان جي باوجود ڪشمير، گلگت بلتستان، ڪي پي ڪي، پنجاب جي تعليم سنڌ ۽ بلوچستان جي تعليم کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ بهتر آهي. هاڻي اها ڳالهه ڪو ڳجهه نه رهي آهي. اهڙو اظهار اسان کي سنڌ جي هاءِ ڪورٽ ۾ به نظر آيو، اتي آيل ڪنهن آفيسر کان جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج صاحب پڇيو ته اوهان جي تعليم ڪيتري آهي ته آفيسر وراڻيو ته مون ميٿ ۾B.A ڪئي آهي ميٿMath ۾ B.A!! جج حيران ٿي پڇيو.B.A ميٿ ۾ به ٿيندي آهي ڇا؟ ڀلا اهو ٻڌائي ته ميٿ جي اسپيل ڇا آهي آفيسر خاموش رهيو. اهڙي قسم جا هزارين مثال آهن جيڪي سنڌ جي تعليم جي پت وائکي ڪن ٿا. مٽياري جو به هڪ ڊي. سي صاحب هو جڏهن انهيءَ کان به هاءِ ڪورٽ جي ججن سوال جواب انگريزي ۾ ڪيا ته هو خاموش ٿي کين تڪيندو رهيو. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏي نه رهيو آهي، پر ٻيڙو ٻڏل آهي. ان جو سڄو ڏوهه حڪومتِ وقت ڏانهن وڃي ٿو، جيڪي گذريل سورهن سالن کان سنڌ جي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن. انهن جي تعليم دشمن پاليسين سبب سنڌ جو شاگرد دنيا کي ته ڇڏيو، پر پنهنجي ملڪ ۾ به ٻين صوبن جي شاگردن سان مقابلو ڪري نٿو سگهي. هن سال سي ايس ايس جي مقابلي واري امتحان ۾ جيڪو سنڌ جو ٻار پاس ٿيو آهي ان جو ميرٽ لسٽ ۾ نمبر 66 هو. ايئن به ناهي ته ڪو تعليم تي بجيٽ خرچ نٿي ڪئي وڃي.
هلندڙ مالي سال ۾ 312 ارب رپين جي وڏي رقم سنڌ جي تعليم جي لاءِ رکي وئي آهي. بدقسمتي اها آهي ته اها پوري رقم خرچ نٿي ڪئي وڃي ۽ پوءِ سال گذرڻ بعد اها رقم ليپس ٿيو وڃي. برساتي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل 20 هزار اسڪول ٻن سالن کان بحال ٿي نه سگهيا آهن. سبب اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته بجيٽ نه آهي. تعليم کاتي انهن اسڪولن جي بحالي لاءِ بجيٽ جي رقم ساڍا 16 ارب کان وڌائي 38 ارب رپيا ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، رٿابندي کاتي حامي پڻ ڀري هئي، پر پوءِ ڪهڙن ڪارڻن سبب انڪار ڪيو ويو. اسڪول بحال نه ٿيڻ جي ڪري لکين ٻار تعليم کان پري آهن. اها ڳالهه تڏهن مذاق لڳي ٿي جڏهن تعليم جي ترقيءَ لاءِ رکيل 35 ارب رپين مان 11 مهينن اندر صرف 27 سيڪڙو خرچ ٿي سگهيا آهن، اڃان به مذاق وڌي پئي. انهيءَ مد ۾ هن وقت تائين 13 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ خرچ صرف 9 ارب 45 ڪروڙ ٿي سگهيا آهن.
انهن انگن اکرن ڏسڻ کانپوءِ ڪوبه سمجهو ماڻهو بنا دير جي اها ڳالهه سمجهي سگهي ٿو ته اسان جي حڪومت جي ۽ ان ۾ ويٺل وڏن آفيسرن جي سنڌ جي تعليم طرف ڪيتري دلچسپي آهي، يا ته اهي سڀ نااهل آهن يا ڄاڻي واڻي ايئن ڪري رهيا آهن. جڏهن اوهان وٽ پئسا بجيٽ ۾ موجود آهن ته توهان رليز نٿا ڪريو ۽ جي رليز ڪريو ٿا ته خرچ نٿا ڪريو، اها آهي آفيسرن جي منافقت جنهن جي ڪري سنڌ جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي ۽ جڏهن سنڌ جو ٻار پنجاب جي شهر لاهور يا پنڊي ۾ يا وري ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ پڙهڻ وڃي ٿو ته ٻين صوبن مان آيل شاگردن جو رويو انهن سان مذاق وارو هوندو آهي ته توهان سنڌ جا شاگرد تعليم ۾ ڪيترو پوئتي آهيو. اسين انهن شاگردن کي ڏوهه ته نٿا ڏيون، پر پنهنجي صوبي جي اعليٰ اختيارين کي ڏوهي سمجهون ٿا. اسين مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ جي تعليم سان مذاق ڪرڻ بند ڪريو، شاگردن کي بهتر تعليم ڏيو جيڪو سندن بنيادي حق آهي. بهتر تعليم سان ئي شاگرد پنهنجو مستقبل سنواري سگهي ٿو. جيڪڏهن تعليم بهتر نه ملي ته پوءِ اسان جا آفيسر ڪورٽن جي اندر مذاق جو نشانو بڻبا رهندا ۽ ميٿ ۾B.A ڪندا رهندا.