دماغي ۽ نفسياتي بيمارين بابت عوام ۽ معاشري جو رويو ڪجهه بهتر نه رهيو آهي، پر هاڻ ڪجهه نه ڪجهه بهتر ٿيندو ٿو وڃي، پر اڃان تائين ماڻهو ذهني ۽ نفسياتي مرض ۽ مريض کي سٺي نظر سان نٿا ڏسن. هاڻي اهو ختم ٿيڻ گهرجي، نفسياتي بيمارين کي جسم جي ٻين بيمارين وانگر سمجهڻ گهرجي. نفسياتي ۽ دماغي مريضن کي به انهن ٻين وانگر مريض ڪري ڏسجي ۽ ساڻن سٺو سلوڪ رکجي، انهن تي ٽوڪ يا ٺٺول نه ڪجي، انهن کي به همدردي جي ضرورت هوندي آهي. انهن سان همدردي ڪجي، انهن کي دوائن کائڻ ۾ مدد ڪجي ۽ دوائن کائڻ لاءِ همٿائجي، اها مٽن مائٽن ۽ معاشري جي ذميواري آهي. جيڪڏهن ڪو ذهني يا دماغي مريض ٿي پوي ته اها حڪومت ۽ معاشري جي ذميواري آهي ته ان جو علاج ٿئي ۽ هو ٺيڪ ٿي وڃي. ڊاڪٽرن، مائٽن، نرسن ۽ معاشري جي ٻين ماڻهن تي اهو فرض ٿئي ٿو ته ان ماڻهو جو علاج چڱيءَ طرح ڪيو وڃي ته جيئن هو ٺيڪ ٿي نارمل زندگي گذاري سگهي ۽ ٻيهر پنهنجون معاشي ۽ معاشرتي ذميواريون پوريون ڪري سگهي.
دماغي ۽ نفسياتي مريض سڀ ڪجهه سمجهندا آهن جهڙو انهن سان رويو رکبو، اهو هو ياد رکندا آهن ۽ پوءِ سٺي رويي جي تعريف به ڪندا آهن. نفسياتي اسپتال ۽ نفسياتي عملي کي به نفسياتي مريضن کي سٺي نظر سان ڏسڻ گهرجي نه ڪي ٺٺول ۽ طنز سان دماغي ذهني ۽ نفسياتي بيمارين جو سائنسي ۽ صحيح علاج موجود آهي. ان علاج سان مريض ٺيڪ ٿين پيا. هرو ڀرو جن، ڀوت، سايو ۽ عامل جي چڪر ۾ نه پوڻ گهرجي. اهو سمجهڻ گهرجي ته دماغي بيماريون به ٻين جسماني بيمارين وانگر دماغي رطوبتن جي گهٽ وڌ ٿيڻ ڪري ٿين ٿيون ۽ دوائون وري انهن کي ساڳئي حالت ۾ آڻين ٿيون. جنهن کانپوءِ وري دماغي حالت به ساڳي اڳ جهڙي ۽ ٺيڪ ٿي وڃي ٿي.
اسان سڀني کي گڏجي اها سوچ ۽ رويو ختم ڪرڻو آهي ته دماغي بيماريون ٻين کان عليحده ۽ جدا آهن ته جيئن انهن مريضن کي سمجهڻ ۽ انهن بيمارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ ۾ مدد ملي. اسان ته ڇا پر اسريل ملڪن ۾ هن مضمون Psychiatry سان اهو رويو نه آهي جيڪو هئڻ گهرجي. مريض تي اهڙو ڪوبه نشان نه لڳايو وڃي ته هي مريض نفسياتي اسپتال مان علاج ڪرائي چڪو آهي. اڄڪلهه نفسياتي اسپتالون علاج سان گڏوگڏ نفسيات جي مڪمل تعليم به ڏين ٿيون.Stigma جو مطلب آهي، ڪنهن کي مارڪ ڪرڻ (Mark) نشان ۽ نقطو هئڻ ۽ جيڪو يوناني لفظ آهي. دماغي مرض جو ڄاڻڻ ناڪاري نه، پر هاڪاري نموني هئڻ گهرجي. معاشري ۾ انهن بابت جيڪي منفي سوچون يا رد عمل آهن، اهي مثبت ۽ پيشه وراڻه هئڻ گهرجن. ها اهو خوف نه ڪرڻ گهرجي ته نفسياتي بيماري هڪ کان ٻئي کي لڳندي، ڇو ته اهي بيماريون وچڙندڙ بيماريون نه آهن.
مٿين منفي روين کي ختم ڪرڻ لاءِ ماهر نفسيات ڪجهه بيمارين جا تفتيش به بهتر لفظن سان تبديل ڪري ڇڏيا آهن يعني هاڻ Mental Retardation ۽ Lunatic لفظ استعمال نٿا ٿين.Stigma جي مسئلي جو ڪو سولو حل ته ڪونهي، ان لاءِ بيمارين جي سببن ۽ علاج کي سمجهڻو پوندو، جنهن سان عام ماڻهن ۾ اهو شعور ايندو ته انهن ۾ منفي سوچ ۽ رويو گهٽبو ويندو. ان لاءِ فرد جي سطح تي، ملڪي سطح تي، آفاقي سطح تي سوچڻو ۽ ڪم ڪرڻو پوندو، دماغي ۽ نفسياتي بيماريون اهڙيون به نه آهن، جو ماڻهو ٺيڪ ٿي نه سگهي، دماغي بيمارين مان علاج کانپوءِ ماڻهو بلڪل ٺيڪ ٿي وڃي، (ان تائين جو ماڻهو بيماري کي وساري به ڇڏيندا آهن) ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ شادي ڪري سگهي ٿو. نوڪري، ڌنڌو ۽ ٻيا ڪم ڪار ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن خدانخواسته هڪ ڊاڪٽر نفسياتي طرح بيمار ٿي پوي ته علاج کانپوءِ هو نارمل ٿي وري ڊاڪٽري ڪري سگهي ٿو. ان کان مليريا يا ٽاءِ فائيڊ جي علاج وارو عمل وسري ويندو ۽ هو جيئن نارمل طريقي سان اڳ ۾ علاج ڪندو هو، بيماري مان ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ به هو ساڳي طرح علاج ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو انجنيئر دماغي طرح بيمار ٿي پوي ۽ ان جو علاج ڪجي ته اهو انجنيئر ٿي رهندو. وري پُليون، روڊ رستا ۽ گهر ٺهرائي سگهندو. هي جيڪي نفسياتي، دماغي ۽ ذهني بيماريون آهن، اهو ڪو خدا جو قهر هرگز نه آهي ۽ اهڙين سمورين بيمارين کي باريڪ بينيءَ سان سمجهيو ويو آهي، تنهن کانپوءِ انهن بيمارين جو علاج دليلن ۽ تحقيق کانپوءِ وجود ۾ آيو آهي ۽ اهو علاج ڏاڍو ڪارگر ۽ فائديمند آهي. ان علاج کي سائنسي علاج چئبو آهي، جنهن جو بنياد تحقيق ۽ دليلن تي ٻڌل آهي، ان سڄي عمل کانپوءِ مڪمل طور ئي انهن بيمارين جو علاج شروع ٿيو آهي. يعني هي علاج باقائدي تحقيق کانپوءِ وجود ۾ آيو آهي. هرو ڀرو ڪنهن ڀوپي يا ٻئي ماڻهو جي چوڻ ۾ نه اچڻ گهرجي. ڇو ته ڪي ماڻهو هن علاج جا مخالف به آهن، پر انهن جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو وڃي. ڇو ته اهي ڪو دليل يا سائنسي بنياد نٿا رکن. تنهنڪري پنهنجي ذهني ۽ نفسياتي مريض جو علاج ڪرائجي، حيرت جي ڳالهه آهي ته دنيا ۾ ڪي ادارا به هن علاج جي مخالفت ڪن ٿا، پر اسان جي ماهر نفسيات وٽ انهن جو جوڳو جواب موجود آهي.
هن سڄي مضمون جو پيغام هي آهي ته: (1) دماغي ۽ نفسياتي بيمارين جو علاج ممڪن آهي. (2) دماغي ۽ ذهني مريض سان سٺو رويو رکيو وڃي ۽ انهن تي ٽوڪ بازي نه ڪريو. (3) دماغي ۽ نفسياتي مريض جو وقت تي باقائده علاج ڪرايو. (4) دماغي ۽ نفسياتي مريض کي دوا کائڻ ۾ مدد ڪريو. (5) نفسياتي ۽ ذهني مريضن کي معاشري جو هڪ قابل فرد سمجهو.