مان سمجهان ٿو ته هر ٻيو ماڻهو گلا يا شڪايت جو ڪم ڌام ڌوم سان ڪري پيو. چاهي غريب هجي يا امير، فقير هجي يا بادشاهه (قرآن شريف) ۾ واضح لکيل آهي ته ڪنهن جي گلا يا غيبت نه ڪريو، جيڪڏهن اوهان اهڙو عمل ڪندؤ ته اوهان پنهنجي ڀاءُ جو ڪچو گوشت کائيندو، پر اسان جي معاشري ۾ ٻڌي اڻ ٻڌي تي به ماڻهو اهو عمل ڪن ٿا.
موجوده دور ۾ ته شڪايتن جا انبار لڳا پيا آهن. تعليم کاتي ۾ شڪايتن جا سيل، پوليس ۾ شڪايتن جا سيل حالانڪه پوليس پاڻ شڪايتن کي حل ڪرائيندي آهي، ان خلاف به شڪايت جا سيل قائم آهن. صحت کاتي، روينيو کاتي، ايريگيشن، ايگريڪلچر، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، روڊس، واپڊا، ريلوي، سئي گئس، لائيو اسٽاڪ، فشريز، ٽريزري، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ادبي بورڊ، بورڊ آف ايجوڪيشن، يونيورسٽيز، پبلڪ کاتو، اوقاف کاتو ان کان علاوه به سوين کاتا آهن جتي شڪايتن جا سيل قائم آهن، پر شڪايتون آهن جو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پيون وٺن ويتر وڌنديون پيون وڃن.
وري جي گلا جي ڳالهه ڪجي ٿي ته گلا شڪايتن کان به وڌيڪ ڪئي وڃي ٿي. گلائن جي ورهاست ڪنداسين ته ان جو گهڻو حصو عورتن جي حصي ۾ ايندو. آئون نٿو سمجهان ته ڪا اهڙي به عورت هجي يا مرد جيڪو گلا کان خالي هجي، چاهي پڙهي لکي هجي يا اڻ پڙهيل هجي، گلا ضرور ڪندي/ڪندو. آخرڪار گلا وڌندي ڇو پئي وڃي. ان ۾ گهٽتائي ڇو نه ٿي اچي. آئون سمجهان ٿو ته ان جو وڏو سبب احساس ڪمتري آهي جنهن ماڻهو ۾ احساس ڪمتري هوندي اهو ضرور گلا ڪندو. سنڌ ۾ گلا جي باري ۾ چوڻي پڻ آهي “جيستائين ماڻهو گلا نه ٿا ڪن ماڻهن کان ماني ئي هضم نه پئي ٿئي.”
ڪنهن جي گلا ڪرڻ هڪ تمام وڏو جرم آهي، ٻڌڻ ۾ ته اها ننڍڙي ڳالهه لڳي ٿي، پر آهي وڏو گناهه، جيئن ننڍيون ننڍيون شيون گڏجي وڏيون شيون ٺاهين ٿيون ائين ننڍيون ننڍيون گلائون ڪري ماڻهو وڏو گناهه ڪن ٿا. گلاخور ماڻهو پنهنجن مائٽن کي به نه وڻندو آهي ته دوستن ۽ ڌارين کي به نه وڻندو آهي، ماڻهو اهڙي قسم جي ماڻهن سان ملڻ به پسند نه ڪندا آهن جو هڪ جاءِ تي ويهي ٻئي جي گلا ڪري. اوهان اڪثر اهڙن ادارن خاص ڪري جنهن ادارن ۾ ڪم نه هوندو آهي انهن ادارن جا ماڻهو پنهنجو سارو وقت گلا ڪري گذاريندا آهن. ڇو ته انهن وٽ ٻيو ته ڪم نه هوندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ اڪثريت ۾ اهڙا ادارا آهن، جتي ڪم نه هجڻ جي برابر آهي، هڪ ملازم جي جاءِ تي ڏهه ڏهه ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن. حالانڪه سڌريل ملڪن ۾ ائين نه هوندو آهي اتي هر ماڻهو کي مصروف رکيو ويو آهي ۽ ان مٿان اهو لازم هوندو آهي ته پنهنجون پنهنجون ذميواريون وقت تي پوريون ڪن. پاڪستان ۾ ته نه وقت جي پابندي آهي نه ذميوارين کي پورو ڪرائڻ جو طريقو، جنهن کي جيئن وڻي ٿو تيئن ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي اسان جو ملڪ سڌريل ملڪن ۾ شمار نٿو ٿئي. شڪايتن ۽ گلائن مان اسان جي ڪيئن جان بچي سگهي ٿي ان جو واحد حل قرآن ۽ سنت ۾ ڏنل هدايتون آهن جن تي اسان عمل ڪري شڪايتن ۽ گلائن کان بچي سگهون ٿا. اگر اڄ به اسان قرآن ۽ سنتن تي عمل نه ڪيو ته اسان جي اڃا وڌيڪ بربادي ٿيندي.
ان معاملي لاءِ آئون عالمن، ديندار ماڻهن، اديبن، ڪالم نگارن، محققن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن کي گذارش ڪندس ته خدارا پنهنجي لکڻين ۽ تحقيقن ذريعي عام ماڻهو کي گلا کان پاسو ڪرڻ تي آماده ڪريو، ائين نه ٿئي جو ايندڙ نسل اسان کي خراب لفظن سان ياد ڪري ۽ اسان جي قيامت ڪاري ٿي وڃي.