محبت جي هر منزل پنهنجي اندر هڪڙو افسانو رکندي آهي ۽ فلم اسٽار جي زندگيءَ ۾ جتي محبت جون هي منزلون رنگين هونديون آهن، اُتي هنن افسانن ۾ به رومان ۽ رنگينيون پيدا ٿينديون رهنديون آهن ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو عام دوشيزه ۽ فلم ايڪٽريس جي زندگيءَ جون راهون بلڪل مختلف ئي نه بلڪه بلڪل الڳ ٿلڳ هونديون آهن. عام دوشيزه جي داستان محبت حقيقت جي بلڪل قريب هونديون آهن، جڏهن ته ايڪٽريس جي محبت حقيقت کان تمام پري هجڻ جي باوجود حقيقت جي بلڪل ويجهو محسوس ٿينديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن هي ايتريون ته قريب اچي وينديون آهن جو اصل ۽ نقل جو فرق به محسوس نه ٿيندو آهي ۽ هاڻي مون کان اهو سوال ڪيو ويو آهي ته آئون پنهنجي عاشقن جو ذڪر ڪريان.
هاڻي مزيد ڪسوٽي کي ٻاهر ڪڍو. ڏسو آئون هڪ اداڪارا آهيان. منهنجي زندگيءَ جو هر پاسو زندگي کان دور ۽ روشنيءَ جي قريب هوندو. منهنجي محبت فلم جي پردي تائين ئي محدود هوندي ۽ منهنجا عاشق به صوفي لال کان ويندي راج ڪپور تائين محدود هوندا ۽ ملا جي ڊوڙ مسجد تائين وانگر اسان جو عشق به نگار خاني جي حسين واديءَ تائين هوندو. رومان ۽ حقيقت ته ڇا بناوٽ به مصنوئي هوندي. معنيٰ اسان جي هر حقيقت افساني کان دلچسپ ۽ هر افسانو حقيقت کان پري نظر ايندو. محبت هڪ نهايت ئي مقدس ۽ پاڪ جذبو آهي، محبت جو راڳ آبشارن جي ترنم کان به وڌيڪ مسحور ڪن ۽ آب بهشت کان وڌيڪ شفاف هوندو آهي، پر اداڪارن جي فلمي محبت ۾ نه ته آبشارن جي ترنم جي حسين صدا شامل هوندي آهي، نه ئي آب حيات جي پاڪيزگي، هن محبت جو هر زاويو هدايتڪار جي نظرن سان ٺهندو آهي ۽ جذبات جو اظهار به هدايتڪار جي اشارن تي ڪيو ويندو آهي.
دنيا وارا محبت جو کيل ماڻهن کان لڪائي کيڏندا آهن، پر فلمي دنيا جي محبت هزارين بلبن جي روشني جي سائي ۾ ڪئي ويندي آهي ۽ جڏهن فلمي عاشق مرندو آهي تڏهن به پنهنجي ڪردار ۾ جان وجهي ڇڏيندو آهي. حقيقت جو اڄ اظهار آئون اوهان سان ڪريان ٿي. پر ياد رهي ته حقيقت جو مقصد حقيقتي حقيقت نه آهي ۽ محبت به اُها پاڪ محبت نه آهي، جيڪا ٻن معصوم دلين ۾ پرورش وٺي ٿي بلڪه هي اها محبت آهي جنهن جو اظهار فلمي ڪهاڻيڪار جي لکيل جملن ۽ فلمي شاعر جي ترتيب ڏنل گيتن سان ڪيو ويندو آهي. آئون اُن محبت ۽ حقيقت جو تذڪرو ڪري رهي آهيان ۽ منهنجا عاشق به انهي منزل جي طرف وڌڻ وارا هڪ درجن اهڙا راهي آهن جن کي هدايتڪارن منهنجي عشق ۾ ديد و دانسته مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
موتي لال:
ٻڌو هئم ته محبت جي پهرين ڌڙڪن فهم و فراست ۽ عقل و حواس جو آخري ساهه هوندو آهي. عشق و محبت جون رنگينيون ڏسون ته محبوب صاحب مونکي پوڙهو موتي لال پيش ڪري منهنجي “تقدير” بنائي ۽ اهڙي طرح مون اسٽوڊيو جي تيز و تند روشني ۾ هن کي پنهنجو پهريون عاشق تسليم ڪيو ۽ ان پوڙهي سان گڏ آئون پنهنجو پاڻ کي به پوڙهي تصور ڪرڻ لڳيس. اگر مونکي موتي لال سان محبت هجي ها ته آئون هن فنڪار کي 10 سال پهرين ملان ها جڏهن هي پرده نشين جو حسين ترين هيرو هو. جڏهن هن جي هر ادا نوجوان دوشيزائن جي دل ۾ ڪتڪتائي پيدا ڪندي هئي. هن جي هڪ غلط انداز واري نگاهه به حسين و جميل ڇوڪرين کي هُن جي قدمن ۾ آڻي نڇاور ڪندي هئي، “تقدير” ۾ مون کي ائين محسوس ٿيو ته موتي لال پنهنجي گذريل چمڪ جي هڪ وسريل داستان بڻجي ويو آهي. هونئن ته موتي لال بيشمار خوبين جو مالڪ آهي، هُن جي چپن تي هر وقت هڪ حسين ۽ جوان مسڪراهٽ رقصان هوندي آهي. حاضر جوابي جو هي عالم آهي ته چڱا چڱا پنهنجيون چرب زبان چوڪڙيون ڀلجي ويندا آهن ۽ لطف جي ڳالهه هي آهي ته موتي لال جيترو پراڻو آهي اوترو ئي نين اداڪارائن جي مقابلي ۾ هيرو جو پارٽ ڪندو آهي.
اشوڪ ڪمار:
هڪ فلمي نقاد لکيو آهي ته “محبت ۽ پريم جي معاملي ۾ اشوڪ ڪمار اهنسا جو داعي آهي” ۽ غالبن ساده لوح اشوڪ ڪمار جي هن کان وڌيڪ خوش اسلوبي جي تعريف نٿي ڪري سگهجي ته اشوڪ ڪمار هڪ معصوم عاشق آهي جيڪو پنهنجي دل ۾ جذبات جي باوجود اُن جو اظهار نٿو ڪري سگهي. گهٽ ۾ گهٽ “همايون” ۾ مونکي اهڙو ئي محسوس ٿيو ته هو هڪ نادان عاشق آهي. هاڻي “آدهي رات” ۽ “بهانه” ۾ هن عاشق جو طريقيڪار ڏسي مون کي پنهنجي راءِ بدلائڻي پوندي يا نه. ان سوال جو جواب اشوڪ ڪمار ئي ڏئي سگهي ٿو.
پهاڙي سانيال:
منهنجن عاشقن جي فهرست ۾ ٽيون نمبر پهاڙي سانيال جو آهي پر ياد رهي ته هي ٽئين درجي جو عاشق ناهي. هن سان محبت ڪرڻ ائين آهي جيئن ڪنهن ديوي يا ديوتا جي سامهون پيار جو گيت ڳائڻ. هي ويچارو نهايت ڀولو ڀالو عاشق آهي، جنهن ۾ پريم جي پوترتا ته ٿي سگهي ٿي ليڪن عشق جي باهه نه آهي. هي باهه جلائڻ سان جلي به نٿي ڇاڪاڻ ته هي صاحب آرام ڪري ۽ عشق جي ديوتا کي پرنام ڪري هڪ طرف سمهي رهي.
رحمان:
آئون نرگس آهيان ۽ رحمان فلم “نرگس” ۾ ئي مون سان عشق لڙايو هو. اگر سچ پڇو ته هي شخص بطور عاشق منهنجن نظرن ۾ بلڪل ئي نه جچيو. ٿورو سوچيو ته جنهن کي اکيون نه چاهينديون اُن کي دل ڪٿان چاهيندي فلم “رومال” ۾ به هُن عاشق بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ليڪن بيڪار. هُن جي محبت ۽ محبت جو اظهار ائين هوندو هو جو بس تو بهه ئي ڀلي. جڏهن جملا چوندو آهي ته ائين لڳندو آهي جهڙو ماستر کي سبق ٻڌائيندو هجي.
“سپزڊ“
هي آهي منهنجو روميو جنهن مون کي جوليٽ بڻايو. اُهي ئي بليو ۽ خوفناڪ اکين وارو، جنهن جون اکيون شعله وسائينديون آهن، ڀلا اهڙين اکين سان محبت جيئن لطيف چشمه ڦٽندا هجن؟ مون کي هن شخص کي ڏسي ڊپ لڳندو هو، هونئن ته هي چڱو خاصو گورو چٽو آهي، خوبرو به آهي ۽ بلند قامت به پر سٺو عاشق هجڻ جي خوبين کان وانجهيل ۽ هُن ۾ هڪڙي گهٽتائي اهڙي آهي جيڪا آئون اڄ تائين محسوس نه ڪري سگهي آهيان.
ڪرن ديوان:
هڪ دوشيزه جو حجاب ۽ هڪ حسينه جي نزاڪت گڏجي ڪرن ديوان جو نالو اختيار ڪري ٿا وٺن. مونکي ته هُن ڇوڪريءَ تي به رحم ايندو آهي، جنهن کي ڪرن ديوان سان محبت ڪرڻي پئي. هي عاشق نازڪ اندام به آهي ۽ نازڪ خيال به. هن عورت نما مرد سان گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي ڇوڪري ته عشق نٿي ڪري سگهي. حالانڪه ڏٺو وڃي ته هي حسين اداڪار خوش اخلاق انسان به آهي ته خوش پوشت دوست به.
جي راج:
ويڪرن ڪلهن وارو هي هيرو هڪ بهادر سپاهي معلوم ٿيندو آهي. مونکي فلم “انجمن” ۾ هن سان عشق بازي جو موقعو مليو ۽ مون محسوس ڪيو ته هي ڪامياب عاشق نٿو بڻجي سگهي. ڇاڪاڻ ته هي هڪ شريف ماڻهو آهي، منهنجي خيال ۾ اگر هي اداڪار جي بجاءِ فلاسفر هجي ها ته وڌيڪ ڪامياب ٿئي ها. هي هر شيءِ کي فلسفي جي نظر سان ڏسندو آهي. فلسفو فلسفو آهي ۽ عشق عشق هي ٻئي نه ڪڏهن مليا آهن نه ڪڏهن ملندا.
ساهو مودڪ:
هي هڪ پراسرار عاشق آهي. نه ته آئون اڄ تائين هن کي سمجهي سگهي آهيان نه ئي هن مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هُن جا خدوخال عورتن جهڙا آهن ۽ سرسري طور تي هُن کي مرد چوڻ دشوار ئي نه بلڪه ناممڪن آهي.
ساهو هر لحاظ کان هڪ نرالو عاشق آهي. رفتار ۽ گفتار جي اعتبار کان هي عديمالنظير انسان آهي. هن جي الفت جو طريقو به مون جهڙين ڇوڪرين کي سمجهه۾ نٿو اچي سگهي. آئون هن کي مهاتما چوندي آهيان.
ترلوڪ ڪپور
ترلوڪ ڪپور هڪ اهڙي خاندان سان تعلق رکي ٿو، جنهن سينيما جي پردي تي عشق کي زنده جاويد بڻائي ڇڏيو آهي. هي هڪ آئينه دل شخص آهي. هن جي ڳالهين ۾ ٻين اداڪارن وانگر الجهنون ۽ پيچيدگيون نه آهن. بلڪه هن جي زبان تي اها ڳالهه ايندي آهي جيڪا دل جي گوشن سان ٽڪرائبي رهندي آهي. هن اداڪار کي بناوٽ ۽ مصنوعيت کان نفرت آهي. هن جي هر قول سان گڏ سمجهه بوجهه ۽ اخلاقي رک رکاءُ جي چاشني موجود هوندي آهي.
شيام:
هي جيترو قداور آهي ڳالهيون به اهڙيون ڊگهيون ۽ چوڙيون ڪندو آهي. هُن سان محبت ڪرڻ ڪنهن هوائي جهاز يا گهنٽا گهر سان محبت ڪرڻ جي برابر آهي. فلم “مينا بازار” ۾ مونکي هن جي محبوبه جو رول ڏنو ويو آهي ۽ مونکي يقين آهي ته هن فلم ۾ هن گهنٽا گهر جي عشقيه داستان ٻڌڻ ۽ هُن سان الفت جون سرگوشيون ڪرڻ لاءِ مونکي ٽن کڙين واري سينڊل جي ضرورت پوندي.
دليپ ڪمار:
پردي جي دنيا جو هي ماهر فنڪار ۽ ڊرامائي آرٽ جو مشتاق نوجوان روايتي عاشقن جي مڪمل ۽ ڪامياب تصوير آهي ۽ هڪ قابل رشڪ عاشق وانگر هن جي قدو قامت ۽ حُسن و نزاڪت ۾ تمام لوازمات موجود آهن، جيڪي هڪ نوجوان پريميءَ جو هجڻ کپن. هُن جي ڪشاده پيشاني تي چند بيقرار زلف ۽ هُن جي دل جي بيقراري جي ترجماني ڪن ٿا. هُن جي رومان پسنديءَ جا عڪس در و ديوار کي به رومان پرور بڻائي ٿا ڇڏين ۽ هُن جي رنگين طبيعت ئي عاشق جي لاءِ باعث تسڪين هوندي آهي ۽ هن جي محبت گلاب جي گلن، چاندني رات جي حسين سائي ۽ شيرين سپنن کان به زياده ڪيف آفرين، ڪيف سرور آهي، پر آهي مختصر. شيرين خواب کان به وڌيڪ مختصر.
راج ڪپور:
هي نوجوان ته سراپا شاعريءَ سان معمور آهي. هُن جون ادائون شاعرن وانگر، ترنم شاعرن جهڙو ۽ وارن جي بي ترتيبي به شاعرن جهڙي آهي، هُن جي نيلين اکين ۾ هڪ اهڙي ڪشش ۽ طاقت آهي جنهن کي فقط ڏسڻ وارو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو يا اُن جي صحيح ڪسوٽي هڪڙي حسين و جميل ڇوڪري جي اکين سان ڏسي سگهجي ٿي. جڏهن هُن جي اکين سان اکيون ٽڪرائجن ٿيون ته دل سيني کان ٻاهر نڪرندي محسوس ٿيندي آهي ۽ گڏوگڏ دل جي تمام ڪيفيتن جي معلومات ٿي وڃي ٿي. گويا هن شاعر دل ۽ انوکي نوجوان جون اکيون دل جي ترجماني به ڪن ٿيون ۽ حُسن جي پيروي به راج کي پنهنجي جذبات جو اظهار ڪرڻ تي پورو ملڪو حاصل آهي. هي هر رنگ ۾ رنگجي وڃي ٿو ۽ پنهنجي ناڪام عاشق جي رهنمائي اهڙي خوش اسلوبي سان ڪري ٿو جو سنجيدگي ۽ عشق بازي کير کنڊ نظر اينديون آهن. هن ۾ مبدالغي جو ذرو به دخل نه آهي ته جڏهن ڪائي دوشيزه اڪيلائي ۾ راج ڪپور جو تصور ڪري ٿي ته هن جي دل جا تار وڄڻ لڳن ٿا ۽ ڌڙڪنون هڪ دم تيز ٿي وڃن ٿيون. پوري دنيا هڪ عاشق سان محبت ڪندي آهي، منهنجو ته خيال آهي ته جيڪڏهن راج عاشق نه هجي ها ته فن ۽ عشق جي دنيا ۾ ڪجهه به باقي نه رهي ها.
ها ته هي آهن منهنجا هڪ درجن فلمي عاشق جن کي عشق جي آخري منزل ۽ فلم جي آخري ريل ۾ ڪاميابي هوندي آهي ۽ مزي جي ڳالهه هي آهي ته آئون ان حقيقت کان به بي خبر نه آهيان ته هنن مان اڪثر جي کيسن ۾ کير پيارڻ واريون بوتلون موجود آهن.
ويهين صديءَ جي محبت ته هونئن ئي انوکي ۽ اڇوتي آهي، پر فلم نگري جي محبت پنهنجو مثال پاڻ آهي. ڏسو هن نگريءَ ۾ منهنجي حالت ڇا آهي، اهڙن عاشقن جي ڦندي ۾ ڦاٿل آهيان جن کي عورت چوڻ به ڪنهن ظلم کان گهٽ نه آهي، مٿان وري ستم هي ته هي حضرات فلمي دنيا جي عشق جي سول ايجنسي خريد ڪري ويٺا آهن.