ايڊيٽوريل

گٽر صاف ڪندي ٽي انسان حياتي وڃائي ويٺا، ڏوهاري ڪير؟

11 جون 2024 تي ٽنڊي محمد خان شهر ۾ گٽر جي صفائي دوران زهريلي گئس جي ڪري ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٽي انسان پنهنجي قيمتي حياتي وڃائي ويٺا. اسان جي طبقاتي سماج جو ان طرف شايد ڌيان نه وڃي. ڇو ته اهي انسان هڪ ڪمزور سماجي طبقي سان واسطو رکندڙ هئا، پر جيڪڏهن انهن جو ڪم ڏسجي ته انهن کان بهتر ڪم شايد ڪنهن جو به نظر نه ايندو، هي اهو طبقو آهي جيڪو انساني گندگيءَ کي پنهنجن هٿن سان صاف ڪري اسان سڀني جي محلن، شهرن ۽ گهٽين کي صاف رکندو آهي. انهيءَ طبقي جي ماڻهن کي معاشري ۾ شايد انسان ئي نه سمجهيو ويندو آهي! بجاءِ انهن کي صفائي وارو عملو چوڻ جي عام طور تي انهن کي خاڪروب چيو ويندو آهي. ان کان علاوه به ڪيترائي اڻ وڻندڙ لفظ انهن لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن، جن سان هنن جي سماجي تذليل ٿيندي آهي.
ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ته هنن جي کاڌي پيتي جا برتن الڳ هوندا آهن. جڏهن هو هوٽل تي چانهه پيئڻ ويندا آهن ته ان هوٽل واري وٽ الڳ ڪوپ پيل هوندو آهي. انساني تفريق جو شڪار هي ڪمزور ماڻهو بغير احتجاج جي پنهنجي زندگيءَ جو گاڏو هلائڻ لاءِ گندگيءَ کي صاف ڪرڻ ئي پنهنجو نصيب سمجهي زندگيءَ کي گهليندو رهي ٿو. اهڙو ئي افسوسناڪ واقعو ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو آهي، اسان وٽ پوري سنڌ ۾ اهڙن واقعن جو ٿيڻ معمول بڻجي چڪو آهي. ڇا هنن جي جان جي قيمت نه آهي؟ ڇا هنن کي انساني حق حاصل نه آهن؟ هنن کان وڌيڪ ايمانداريءَ سان پنهنجي نوڪري ڪير ٿو ڪري؟ بند گٽرن ۾ هي عملو بنا حفاظتي اپاءُ وٺڻ جي اندر گهڙي صفائي ڪندو آهي ۽ انهن گٽرن ۾ انتهائي خطرناڪ زهريلي گئس موجود هوندي آهي. هنن وٽ گئس ماسڪ نه هوندا آهن ۽ هي ويچارا انهيءَ زهريلي گئس جو شڪار ٿي پنهنجي حياتي وڃائي ويهندا آهن. انهيءَ ۾ ڏوهه زهريلي گئس جو آهي؟ يا بلدياتي ادارن جي نمائندن، آفيسرن جو جيڪي هنن غريبن کي انهن ننڍن ننڍن حفاظتي اوزارن کانسواءِ جن ۾ اوليت گئس ماسڪ جي آهي، کان بغير موت جي منهن ۾ ڌڪو ڏين ٿا ۽ انهن گٽرن ۾ هيٺ لاهين ٿا. هاڻي ته ائين به ٿيو آهي ته اصل خاڪروب 25 سيڪڙو ۽ نقل خاڪروب صرف پگهارون کڻڻ لاءِ 75 سيڪڙو ڪنهن به بلدياتي اداري جي هر يونين ڪائونسل کان وٺي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل تائين موجود آهن. صفائي لاءِ ماهوار بجيٽ لکين رپيا آهي، ان جي باوجود گندگيءَ جا ڍير اسان کي چوگرد نظر اچن ٿا. سبب اهو ئي آهي ته چئن منجهان ٽي ماڻهو نقلي خاڪروب آهن، صفائي ڪرڻ وارو صرف هڪ ماڻهو آهي، جنهن جي ڪري اهو پوري علائقي کي صاف نٿو ڪري سگهي، پر ويچارو پگهار جي آسري تي گٽر صاف ڪرڻ لاءِ ان ۾ گهڙي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي جان وڃائي ويهي ٿو. اهو يقينن هڪ قتل آهي، ڇو ته هڪ ادارو پنهنجي ڪنهن به ورڪر جي زندگيءَ جو ذميدار آهي، جن حالتن ۾ هنن ماڻهن کي ڪم ڪرڻو پوي ٿو، ان جاي لاءِ حفاظتي قدم کڻڻ ان اداري جي ذميداري آهي ۽ انهن جي موت جي ذميداري انهن جي آفيسرن ۽ عملدارن تي اچي ٿي، جن اهي سهولتون مهيان ڪرڻ کان بغير انهن کي اهو ڪم ڪرن لاءِ موڪليو. اها صرف انهن آفيسرن ۽ نمائندن جي نااهلي نه بلڪه ڪرپشن جو هڪ اهو پاسو آهي جنهن ۾ ڪنهن به طرح سان انهن ماڻهن کي معارف نٿو ڪري سگهجي.
اسان هن ايڊيٽوريل جي ذريعي اميد ٿا ڪريون ته انهن غريب خاندانن کي انصاف ملندو. ڇو ته هنن ادارن وٽ تمام وڏو بجيٽ موجود هوندو آهي، پر ان جي باوجود به حفاظتي اوزارن جي خريداري ڪرڻ سندن ترجيح ۾ شامل نه آهي. هن واقعي کي هڪ مثال بڻائي ٽنڊي محمد خان جي ميونسپل ڪاميٽي جي آفيسرن ۽ نمائندن تي انڪوائري ڪئي وڃي، انهن جي غفلت تي کين سزا ڏني وڃي. هنن ٽن ماڻهن جي خاندانن کي سرڪار معاوضو ڀري ڏئي، سندن ٻارن کي مفت تعليم ڏياري وڃي ۽ سڄي سنڌ جي ميونسپل ڪامٽين ۾ جلد از جلد خاڪروبن جي لاءِ اهڙيون گسئ ڪِٽون ۽ ماسڪ مهيا ڪيا وڃن ۽ قانون لاڳو ڪيو وڃي ته ڪوبه غريب خاڪروب ان کان بغير گٽر هيٺ نه لهندو. هر انسان جي زندگي اهم آهي.