هڪ خبر مطابق 2024ع ۾ احمد اقبال ۽ حنزله بن يوسف، اسلام آباد جي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجيءَ ۾، اسپيس سائنسز جي تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، کين پنهنجي بيچلر جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي لاءِ فائنل ايئر پروجيڪٽ جمع ڪرائڻو هو. هنن صرف ڊگري حاصل نٿي ڪرڻ چاهي، پر گوگل جهڙي وڏي اداري جو ڌيان ڇڪرائڻ چاهيو ٿي ۽ هو ٻئي ان ڳالهه ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن جيوجيما هڪ اوپن سورس لارج لئنگويج ماڊل(LLM) جيڪو گوگل ارٿ انجڻ سان منسلڪ آهي ۽ بغير ڪنهن طويل ڪوڊ جي اسپيشل ڊيٽا ۽ سيٽلائيٽ تصويرن جو تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ٺاهي ورتو.
گذريل هفتي جيوجيما ايشيا پئسيفڪ سلوشن چئلينج ۾ ‘بهترين اي آءِ استعمال جي مثال جو ايوارڊ کٽي ورتو’ جيڪو گوگل ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ منيلا ۾ گڏيل طور تي منعقد ڪرايو هو. اها پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي آهي ۽ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستاني نوجوان ٽيڪنالاجي ۽ جدت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ ان جو مثال هي نوجوان آهن ته هنن عملي ڪردار ادا ڪيو آهي.
جيوجيما جو مقصد آهي ته جاگرافيائي تجزيي کي خودڪار بڻائي ان کي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائي سگهجي. اهو مختلف شعبن جهڙوڪ تيل ۽ گئس، ريئل اسٽيٽ، سپلاءِ چين وغيره ۾ استعمال ٿي سگهي ٿو. ان پروگرام جي لاءِ گوگل ڪمپني فنڊنگ ڪئي هئي ته جيئن اهو پروگرام ٺهي سگهي. عام طور تي جيڪڏهن ڪنهن کي سيٽلائيٽ جون تصويرون جيئن گوگل ميپ تي نظر اينديون آهن سمجهڻيون هجن يا انهن مان ڪا معلومات ڪڍڻي هجي ته ان لاءِ ڪمپيوٽر جي ڪوڊنگ يا پروگرامنگ سکڻي پوي ٿي، پر هي هڪ اهڙو ٽول آهي جنهن کي تمام سولي نموني سان استعمال ڪري سگهجي ٿو.
هي ٽول سادين هدايتن ۽ سادي ٻوليءَ کي سمجهي ٿو ۽ پوءِ ان کي ڪمپيوٽر جي ٻوليءَ ۾ تبديل ڪري ڏئي ٿو ۽ ان کان علاوه سيٽلائيٽ کان اها معلومات ڪڍي ٿو، جيڪا ڪنهن به شخص کي يا اداري کي گهربل آهي. مثال طور تي جيڪڏهن ان ٽول جي ذريعي پڇيو وڃي ته ڪراچيءَ ۾ گذريل پنجن سالن جي اندر ڪيترن وڻن جو واڌارو ٿيو آهي ته جيما توهان کي اها معلومات سيٽلائيٽ مان ڏئي سگهي ٿو بغير ڪنهن پيچيده ڪوڊ لکڻ جي. هي ٽول مستقبل ۾ تمام گهڻي اهميت حاصل ڪري سگهي ٿو، ڇو ته ان کي هلائڻ لاءِ ڪمپيوٽر جي گهڻي ڄاڻ جو هجڻ به ضروري ناهي بس سادو سوال لکو ۽ جواب حاصل ڪريو. هن ٽول جي ذريعي توهان دنيا جي ڪنهن به حصي جي معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا. جيما خاص طور تي موسمياتي تبديلن کي جاچڻ وارن ادارن، ٻيلن جي ڪٽجڻ يا انهن جي پوک کي ڏسڻ، پاڻيءَ جي کوٽ جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪري سگهي ٿو.
فخر جي ڳالهه اها آهي ته هي ٽول پاڪستاني شاگردن ٺاهيو آهي ۽ گوگل مقابلي ۾ انعام به حاصل ڪيو آهي. هي پروگرام تمام ننڍو (2 GB) کان به گهٽ جو آهي ۽ ڪوبه شخص پنهنجي ليپ ٽاپ تي آسانيءَ سان هلائي سگهي ٿو، ان جي لاءِ ڪنهن وڏي سرور جي به ضرورت ناهي. جيما هڪ “ڳالهائڻ وارو” سيٽلائيٽ ٽول آهي جيڪو ماڻهن لاءِ سيٽلائيٽ ڊيٽا کي سمجهڻ ۽ استعمال ڪرڻ تمام سولو بڻائي ٿو بغير ڪنهن ڪوڊنگ جي.
هن ٽول جي سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته هي ٽول اوپن سورس آهي جنهن ۾ ٻيا شاگرد ۽ ڊولپر حصو وٺي سگهن ٿا ۽ ان کي اڃان به وڌيڪ بهتر بڻائي سگهن ٿا.