ادبخاصنئون

ڊائري جا ورق

منهنجي خيال ۾ محنت اُهو جذبو آهي جيڪو هر ناممڪن ڪم کي ممڪن بڻائي سگهي ٿو. ڪو سبب ناهي جو سنڌي ماڻهو پنهنجي ڇوٽڪاري جي واٽ ڳولي نه لهن ۽ من جي مومل نه ماڻين. ڳالهه صرف سندرو ٻڌڻ جي آهي.
***
ٻوڏ نه صرف حياتيون تباهه ڪري ڇڏيون آهن، پر ڳوٺن ۽ شهرن جو معاشي ڍانچو پڻ تباهه ٿي چڪو آهي. بک ۽ بدحالي جي ستايل ماڻهن تي جڏهن رياست ۽ سماجي ادارا هٿ نه رکندا ته ممڪن آهي اها بدحالي ڪرائيم جي شڪل اختيار ڪري وڃي ۽ معاشري جي اخلاقي قدرن کي به لوڏي ڇڏي. تنهنڪري ضروري آهي ته اُن جي صحيح سمت ۾ پلاننگ ڪجي، جيئن صوفياڻي سنڌ جي قدرن کي بچائي سگهجي.
***
آرسي ۾ پنهنجو ٻيڻو ٻل ڏسي بانور نه ڪر.
***
منهنجي اڻپوري وائي، جيڪا نامڪمل هوندي به مڪمل آهي.
“سُر مان سِرجيو ساروسنسار”
***
سون جي دڪان تي،
مٿئين طبقي جو ماڻهو: “مان هي سون ڳنان ٿو”
وچئين طبقي جو ماڻهو: “آئون هي سون وٺڻ چاهيان ٿو پر….”
هيٺئين طبقي جو ماڻهو: “آئون هي سون ڦرڻ چاهيان ٿو.”
مستقبل جو انسان: “اچو ته پاڻ ۾ سون ورهايون جيئن جڳ ۾ جهيڙو ئي نه رهي”
***
محبوب جا ماڻا اکين تي پر محبوب جي در اڳيان گيسي (جهڪڻ) کي پاڻ غلامي تصور ڪريون ٿا.
***
لطيف کي آئون پنهنجي فڪري سرچشمن مان هڪ سمجهان ٿو، پر جي ڪو لطيف کان پٽ، ڌيءَ يا ٻيو ڪجهه پني ٿو، يا اُن جي شاعري مان غير ضروري طور تي پاڻي جو فارمولو يا ٻي ڪا شئي ايجاد يا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته آئون ان کي عقل جو انڌوئي سمجهندس.
***
ڀڳوان زندگي پيدا ڪئي ۽ چيو: “وڃو ۽ منهنجي بي انتها رحمتن مان فائدو وٺو”
موت جو فرشتو چهري تي شرارتي مرڪ آڻي ڀڻڪيو:
“زندگي کي تمام گهڻيون نعمتون عطا ٿيون، پر افسوس اُها فاني ئي رهندي ۽ واپس موٽ کائيندي”
هزارين صدين گذرڻ کانپوءِ ڀڳوان موت جي فرشتي کان پڇيو: “ڇا سڀ زندگيون (حياتيون) دنيا مان آسمان ڏي واپس موٽي چڪيون آهن؟”
“اُنهن مان گهڻائي ته آئون موٽائي آيو آهيان، پر اُنهن مان ڪجهه کي آئون موٽائي نه سگهيو آهيان” موت جي فرشتي جواب ڏنو.
ڀڳوان مرڪي ڏنو ۽ چيو: “اُهي پيار ۾ سمائجي منهنجو حصو ٿي ويا ۽ لافاني ٿي ويا ۽ ڪير به انهن کي دنيا مان واپس موٽائي نٿو سگهي”.
***
سچائي ڇا آهي؟ هن پڇيو:
مون وراڻيو: “اُهو عمل جيڪو روح کي تازگي ۽ جيون کي اُتساهه بخشي”
***
سج روشني ڏي ٿو، گل خوشبو، وڻ ميوا…
تون سڀني مخلوقن ۾ اُتم هئڻ جي دعويٰ ڪرين ٿو! ڇا تو ڪڏهن اِهو سوچيو آهي ته، تنهنجو عمل به سڀني مخلوقن کان اُتم آهي؟

***
ڪنهن چيو: “پيار سڀني عقيدن ۽ نظرين کان اتم آهي”. هو ڪاوڙجي پيو.
مون چيو: “پيار سڀني عقيدن ۽ نظرين جو بنياد آهي” هن قبول ڪيو.
اصل ۾ مسئلو بيان ڪرڻ جي انداز جو آهي، جيڪو قبول يا نه قبول ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو. جيڪڏهن پيار کي وڻ جي پاڙ (بنياد) سان ڀيٽجي ٿو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اُهو گهرائي ۾ ڦهلبو ۽ پوءِ ڌرتي مٿي ٻاهر وڻ جي شڪل وٺندو ۽ ميوو ڏيندو، يعني اُهو اُتم جاءِ والاريندو. سو اصل مقصد مسئلي کي صحيح طريقي سان بيان ڪرڻ جو آهي. جيڪڏهن انداز بيان يا طريقو صحيح ناهي ته، بعض اوقات سچ به ماڻهن جي نظرن کان اوجهل رهجيو وڃي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اُن کي غلط به سمجهيو وڃي ٿو ۽ قبول به نٿو ڪيو وڃي.
***
مون پڇيو: “تنهنجا ڏينهن ڪيئن پيا گذرن؟”
هن چيو: “هر ڏينهن اڳيئن ڏينهن وانگر؟”
مون چيو: “پاڻ ۾ تبديلي آڻ، ڏينهن پاڻهي تبديل ٿي ويندا.”
***