شهباز شريف عوامي پت وڃائي ويٺو آهي، ان ڪري ته جيتريون دعوائون نون ليگ گڏيل طور تي يا نواز شريف جي زباني ڪيون هيون اهي سڀ جون سڀ ڇسيون ۽ کوکليون نڪتيون. عوام کي جنهن رليف ۽ بجيٽ جي ضرورت هئي سا شهباز جي پهرين 16 مهينن واري سرڪار به نه ڏني ۽ هاڻي به سکڻيون ڳالهيون ڪري 18 هزار ارب رپين جي بجيٽ ڏئي، عوام جي هڪ کيسي ۾ پئسا رکي ٻئي کيسي مان ڪڍي ويو. ماڻهن جيڪي اميدون هڻي هنن شريفن کي مٿي آندو هنن شريفن به ماڻهن جي شرافت جو فائدو ورتو ۽ پنهنجن ئي ڪيل واعدن کي پاڻي نه ڏنو، جيڪي ڪم ڪرڻا هئس اهي وري به ابتا ڪري ويٺو. ڪڏهن ڪڏهن هي وزيراعظم، صدر ۽ وزيراعليٰ به انهن ڪمپنين جي سي اي اوز ۽ چيئرمين وانگي هوندا آهن جيڪي ڪمپنين جي مالڪن سان واعدا ڪري اهي عهدا ماڻيندا آهن ۽ مالڪن سان واعدا ڪري ايندا آهن ته اهي جيڪي به ڪم ڪندا اهي سڀ ڪم ملازمن ۽ مزدورن جي حق ۾ نه هوندا ۽ جيڪي به ڪم هوندا اهي سڀ مالڪن جي مرضي سان ڪندا ۽ گهڻي ڀاڱي مالڪن کي فائدو ٿيندو، اهي وزيراعظم ۽ صدر به مالڪن سان پهرين اهڙا ئي واعدا وچن ۽ فيصلا ڪري ڪرسيون ماڻيندا آهن جنهن ۾ نقصان رڳو انهن ملازمن وانگي عام خلق جو ئي ٿيڻو هوندو آهي، ان ڪري هاڻي خلق کي اها ڳالھ سمجهڻ گهرجي ته جيڪي به سياسي وچن هوندا آهن اهي سڀ ڪوڙ بدوڙ ۽ سکڻا کوکلا واعدا هوندا آهن جن تي اعتبار ۽ اعتماد نٿو ڪري سگهجي.
بجيٽ تي سدائين وانگي خلق کي اعتراض آهن ته جيڪي به ٽيڪس لڳي آهن اهي ٽيڪس جي مٿان ٽيڪس آهن. مثال طور: موبائيل ڪمپينين وانگي 100 تي 25 رپيا الڳ ۽ هر ڪال ۽ ايس ايم ايس تي الڳ ٽيڪس. ائين ئي هن ڀيري ۽ هر ڀيري وانگي حڪومت به ٽيڪس جي مٿان ٽيڪس مڙهي آهي. مثال طور: جيڪڏهن ڪو ماڻهو چانھ جو ڪوپ ٿو پيئي ته هو رڳو کير تي ٽيڪس نٿو ڀري، پر چانھ جي پتي تي به ٽيڪس ٿو ڀري، کنڊ ۽ گيس تي پچندڙ چانھ تي به ٽيڪس ٿو ڀري ۽ ان چانھ ٺاهڻ تي جيڪي به ٻيون شيون استعمال ٿين ٿيون، انهن ۾ پاڻي ۽ وري ٿانون ڌوئڻ تائين به جيڪي به شيون استعمال ٿين ٿيون اهي سڀ ٽيڪس ڀري ورتيون وڃن ٿيون ۽ هر ماڻهو (صارف) ڳڻي ڳڻي ٽيڪس ٿو ڀري. ساڳي ڳالھ وري ڊيگهاري ڪجي ته اهي جيڪي شيون جڏهن مارڪيٽ مان آيون ته انهن دڪاندارن تائين پڄندي پڄندي هر ان ماڻهو، ٽرانسپورٽ، پيٽرول، گاڏي، مرمت ۽ شين جي ترسيل تائين هر شخص ٽيڪس ڀري هوندي، جيڪي ٿلهي ليکي پئسا حڪومت جي کيسي ۾ ٿا پون. ساڳي ڳالھ وري عام ماڻهو (ملازم) جي به آهي جيڪي ٽيڪس جي مٿان ٽيڪس ٿا ڀرين. اها ڳالھ مڃون ٿا ته 90 واري ڏهاڪي کان اڳ صارف ٽيڪس نالي ڪا شيءِ نه هوندي هئي، رڳو انڪم ٽيڪس جي ڳالھ هوندي هئي ۽ حڪومت رڳو انهن ادارن مان مٿڪي ڪمائيندي هئي جن ۾ بجلي، گيس ۽ پيٽرول شامل هوندو هو. پر هاڻي ته صارف ٽيڪس سان گڏ ان ماڻهو (ملازم ۽ فيڪٽريءَ) کي به انڪم ٽيڪس ڀري ڏيڻي ٿي پوي، جن ۾ ويلٿ ٽيڪس الڳ آهي. وري مسئلو اهو به آهي ته هر چرندڙ پرندڙ جيوت تي به ٽيڪس لاڳو آهي يا ائين چئون ته جيڪو ساھ ٿو کڻي ان کي هن رياست ۾ ٽيڪس ڀري ڏيڻي پوندي.
پر رياست پوءِ به فلاحي ناهي، مثال طور: جيڪڏهن رياست هزارين ارب رپيا رڳو ٽيڪس ڪليڪشن مان ڪمائي ٿي، ته اتي ماڻهن جي تعليم ۽ صحت ئي رڳو مفت ڪري ڏئي، جو ماڻهو پرائمري کان وٺي پي ايچ ڊي تائين مفت ۾ پڙهي، پر حڪومت به انهن شين کي طبقاتي ڪري ڇڏيو آهي، معنيٰ جيترو ڳڙ اوترو مٺو. ان ڪري جنهن کي جيترا پئسا آهن اهو اوترو وڌيڪ مهانگو ۽ وڌيڪ پڙهي سگهي ٿو، پوءِ هن رياست کي ڪهڙي ڳالھ جي لاءِ ڏوهي قرار ڏجي ۽ ڪهڙي ڳالھ ڳڻي رياست کي معصوم قرار ڏجي. ڳالھ اها به ماري ٿي ته ڊبليو ايچ او جي مطابق هر 10 هزار ماڻهن تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊاڪٽر هجي، پر پاڪستاني آباديءَ جي مطابق 8073 ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر آهي، جيڪا ضرروت اڃان به گهڻي آهي، پر رياست وٽ عسڪري فورس ان کان به گهڻي آهي جنهن ۾ سڀ رنگ اچي ٿا وڃن جو هاڻي بلاول ڀٽي صاحب به اها ڳالھ جهٽ ۾ چئي ڏني ته نيب جهڙو ادارو نه هجڻ گهرجي، ان ڪري نيب هڪ اهڙو رٻڙ آهي جنهن کي هر سرڪار پنهنجي مرضي سان پئي ڇڪيو يا اينگهايو آهي ۽ پنهنجي مرضي جا پروٽوڪولز ورتا آهن، ان ڪري جيڪي به هٿياربند ادارا جڙيل انهن تي بجيٽ ۽ سوڙ آهر پير ڊگهيري واري ڳالھ هجي، جنهن تحت نظر ثاني ٿيڻ گهرجي، ان ڪري ته جنهن گهر جا ڀاتي 4 هجن ته انهن جي مٿان چاليھ چوڪيدار نٿا رکي سگهجن ۽ ست رنگي الڳ.
اها ڳالھ حڪومت جي نظرثاني ۾ اچڻ گهرجي ته پگهاردار طبقو وڌيڪ مظلوم طبقو هجي ٿو، جيڪو ٽيڪس ادارن جي پڪڙ ۾ آساني سان اچي سگهي ٿو. جنهن طريقي سان اهي ادارا ”ايس ئي سي پي“ وٽ رجسٽرڊ هجن ٿا، ان طريقي سان انهن ادارن تي لت رکي ٿي وڃي ته اهي ملازمن جي پگهار اچڻ کان اڳ انهن جي آيل پگهار مان ٽيڪس جي ڪٽوتي ڪري ملازمن جي هٿ تي پگهار پوءِ رکن، پر ملازم طبقو به ان صارف سوسائٽي ۾ اچي ٿو جيڪو ساھ کڻڻ جا به پئسا ٿو ڀري. هوا، باھ ۽ پاڻي به ان کي پئسن جي ٿي ملي ته رياست ڀلا ڪهڙي ڏوھ ۾ انهن غريبن، وچئين طبقن تي ٽيڪس جا ڄار وڇايا آهن. ان ڪري نظر ثاني ۾ اها شيءِ به اچي سگهي ٿي ته ٽيڪس سليب واڌيو وڃي، جو جيڪي غريب طبقا ۽ ملازم پنجاھ ۽ لک ماهوار پگهار جي دائري ۾ اچن ٿا انهن کان ٽيڪس ڪٽوتي نه ڪئي وڃي، ان ڪري هن مهانگائي جي دور ۾ ماڻهن (ملازمن) جي پورت ناهي. ڇو ته هڪ پوري ڪري ته ٻي کٽي پئي آهي، پر انهن ملازمن جي ڀيٽ ۾ اهي ماڻهو جيڪي برگر ۽ چپس جا ريڙها ٿا هڻن، انهن جي پيسن تي رياست جي اک ناهي، ان ڪري ته انهن جي آمدني کي بينڪ جي هوا نٿي چکي، اهي ماڻهو کيسا ڀري رات جو گهر ٿا موٽن. ان کان علاوه اهي ماڻهو جنهن طريقي ۽ مقدار ۾ بجلي خرچ ٿا ڪن يا مفت ۽ بجلي جي عملدارن جي آشيرواد سان انهن جا ڪاروبار روان دوان آهن، جيڪي عام گهر جي 500 يونٽ کان به مٿي بجلي ساڙيندا هوندا، پر انهن کي بجلي مفت آهي، اهي وڏا صنعتڪار جن جي دولت بينڪ جي ذريعي ٽرانسفر يا منتقل نٿي ٿئي سي به ٽيڪسن جا ڄارن مان نڪري ٿا وڃن.
بجيٽ به ڪنهن گهر جي گهربل سيڌي سامان وانگي هجي ٿي، جنهن ۾ عام ماڻهو يا ملازم لک پگهار جي جڏهن ورڇ ٿو ڪري ته غريب جا پويان پير کاٽ ۾ ٿا پون، ان ڪري هن دور ۾ آمدني اَٺَنِي ۽ خرچا رپيا واري ڳالھ ٿي بيهي. ان غريب ماڻهو (ملازم) جي هر مهيني ڪيترائي ڪم پوئتي ڪري رڳو گهر جو گاڏو ٿو گيڙي. پرائيس ڪنٽرول واري ڳالھ نه هجڻ جي برابر هجي ٿي ۽ ملازم پيشا ماڻهو ان ڪري به عذاب ۾ هجي ٿو، جو شين ۾ استحڪام ۽ استقامت ناهي هوندي، پر حڪومتي خرچن ۾ اهي سڀ استحڪام ۽ اسقامتون هونديون آهن، جو اهي صحت جي لاءِ 24 ارب ۽ تعليم جي لاءِ 781 بلين ٿا رکن پر سيڪيورٽي جي لاءِ 2 هزار هڪ سئو ارب رپيا رکيا وڃن ٿا، پر حيرت اها به آهي ته بجيٽ ۾ هڪ پروويزن اها به هوندي آهي ته جڏهن جڏهن سيڪيورٽي جا ڪي معاملات ٿيندا تڏهن تڏهن ايمرجنسي بجيٽ الڳ منظور ڪئي ويندي، جنهن ۾ مثال جيڪي به عسڪري ۽ هٿياربند ادارا آهن، انهن کي اهي بجيٽون ڏنيون وينديون آهن جن ۾ اهي آپريشن ردالفساد، ضرب عضب ۽ هاڻي عزم استحڪام ته پوءِ اهي 2 هزار هڪ سئو ارب رپيا ڇا جي لاءِ هئا؟
مصيبت اها به آهي ته آءِ ايم ايف جو قرض ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو وڌندو، جيڪو 83 هزار ارب رپين کان به وڌي ويو آهي، ڊسمبر 2023 تائين پاڪستان جو ڪل پرڏيهي قرض 131.159 بلين ڊالر تائين هو جنهن ۾ هاڻوڪا 6 راب ڊالر شامل ناهن، جنهن ۾ پيرس ڪلب جو 7.541 بلين آمريڪي ڊالر جو قرض الڳ، وري گھڻ طرفي ڊونرز معنيٰ جيڪو مختلف ملڪن کان قرض وٺندا رهن ٿا اهو 38.813 بلين آمريڪي ڊالر تائين پڳو آهي، جنهن جو مثال عمران خان جي دور ۾ سعودي عرب کان 2 ارب ڊالر قرض وٺي سرڪيولر ڊيٽس جهڪا ڪيا هئن، پر يمن واري جنگ ۾ عسڪري فورس نه ڏيڻ تي ۽ ڪشمير جي قراردا پيش ڪرڻ تي سعودي عرب جا شهزادا ناراض ٿي ويا هئا ۽ انهن اهي ٻه ارب ڊالر واپسي جو چيو هو، جيڪي وري چين ڀري ڏنا هئا ۽ 5.8 بلين ڊالر آسٽريليا سان معاهدي جي ڀڃڪڙي جي ڪري 2020 ۾ ڀري ڏيڻا پئجي ويا هئن، جيڪي معاهدا هنن وري چين سان ڪيا، وري انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جو 7.596 بلين ڊالر ۽ يورو بانڊز ۽ سڪوڪ بانڊن جو 7.8 بلين آمريڪي ڊالر جو قرض الڳ. ان ڪري عوام جنهن اميدن سان شهباز شريف کي چونڊيو هو هن به عوام سان اهڙي ڪئي آهي جو ٻرڙو ڪري ٻارن سان. ان ڪري مصيبت اها به آهي ته آخر عوام وڃي ڪيڏانهن، ڪنهن تي ڀروسو ڪري، ڪهڙي پارٽيءَ تي اعتماد ۽ اعتبار ڪجي ته اهي هن ملڪ کي قرضن کان آجو ڪرائيندا، امپورٽس گهٽائيندا ۽ ايڪسپورٽ وڌائيندا ته جيئن ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ۽ ماڻهو سک جو ساھ کڻي سگهن.