ايڊيٽوريل

سنڌ پوليس صوبي اندر بدامني جو سبب نفري جي کوٽ ٻڌايو

سنڌ سرڪار کي ميڊيا هر ڏينهن ڄاڻ ڏئي رهي آهي ته صوبي اندر بدامني وڌي رهي آهي. ان جو اظهار اخبارن ۾ رپورٽ ٿيندڙ هر ڏينهن جي واقعن مان واضح نظر اچي ٿو. قتل، ڦر، ڌاڙو معمول بڻيل آهن. سنڌ جو عام شهري پاڻ کي عذاب ۾ ورتل سمجهي ٿو. جڏهن هو ڏسي ٿو ته سندس جان، مال ۽ عزت نه گهر ۾ محفوظ آهي ۽ نه ئي روڊن رستن تي ۽ سندس ڪوبه اوهي واهي نه آهي جيڪو کيس ان عذاب مان بچائي سگهي. رهي سهي ڪسر پوليس ڪڍي ٿي، جڏهن اهو عام شهري پاڻ سان ٿيندڙ ويڌن جي شڪايت کڻي پوليس وٽ پهچي ٿو ته کيس پوليس به ڌاڙيل جي روپ ۾ نظر اچي ٿي.
جڏهن پوليس آفيسرن کان خانگي محفلن ۾ پڇيو ٿو وڃي ته اوهان جي تبديلي ۽ پوسٽنگ ڪيئن ٿي ٿئي ته اهي صاف چون ٿا ته ڏيتي ليتي ڪري اسان پنهنجي مقرري ڪرايون ٿا. ايس ايڇ او کان وٺي ايس پي تائين جيڪو حڪومت سان ٺهي هلي ٿو ان کي ئي پوسٽنگ ملي ٿي. سندس ڪارڪردگي امن امان جي حوالي سان پرکڻ بجاءِ ڏيتي ليتي جي حوالي سان پرکي وڃي ٿي، پر سنڌ جو وزيراعليٰ اکيون پوري اهو ٻڌائي ٿو ته سنڌ ۾ امن امان جي حالت ملڪ جي ٻين صوبن کان وڌيڪ بهتر آهي. هاڻي ان اک جي پڪائيءَ کي عام شهري ڇا چوي؟ پوليس پنهنجو پاڻ کي آجو ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئون بيان ڏنو آهي جيڪو ميڊيا ۾ پڻ رپورٽ ٿيو آهي ته پوليس نفري جي کوٽ هجڻ سبب سنڌ ۾ امن امان جي حالت بهتر نٿي ٿئي. ان سلسلي ۾ ڪجهه انگ اکر به سنڌ پوليس طرفان ڏنا ويا آهن، جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي ادارن ۾ سنڌ پوليس جا لڳ ڀڳ ساڍا 4 سئو آفيسر ۽ اهلڪار ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل آهن، جن جي واپسيءَ جي لاءِ انهن ادارن کي سنڌ پوليس کاتي طرفان خط لکيو ويو آهي. بهتر ڳالهه آهي ته سنڌ پوليس جا اهي آفيسر انهن ادارن ڏي واپس اماڻيا وڃن، پر آهي ته مذاق جي ڳالهه! ساڍا 4 سئو آفيسرن ۽ اهلڪارن جي کوٽ ٻڌائي امن امان جي صورتحال کي خراب هجڻ جو دليل پيش ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته مختلف ڪامورن، ججن، ايم اين ايز، ايم پي ايز وٽ، منسٽرن وٽ ۽ پرائيويٽ ماڻهن وٽ هزارن جي تعداد ۾ پوليس جو عملو ذاتي گارڊ طور مقرر ٿيل آهي، جن جي پگهار ته سنڌ حڪومت ڏئي ٿي، پر اهي نوڪريون انهن ماڻهن وٽ ڪري رهيا آهن. ننڍا شهر هجن يا وڏ شهر هجن، ننڍا آفيسر هجن يا وڏا آفيسر هجن، اسان کي عام طور تي نظر ٿو اچي ته ويگو گاڏيءَ جي ڊالي ۾ ويٺل چار چار پوليس اهلڪار کڻي هلندڙن جي لاءِ سنڌ پوليس وٽ ڪهڙو جواب آهي. ان کان وڌيڪ تڪليف جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه رشوت خور آفيسر جيڪي برملا اظهار ڪن ٿا ته انهن جو ڪم عوام کي امن امان ڏيڻ نه آهي، پر حڪومت جي متوازي هلندڙ نظام جي خوشنودي حاصل ڪرڻ آهي. ڇو ته اهي ڏيتي ليتي ڪري آيا آهن انهيءَ ڪري پوليس اندر رشوت جو بازار ٻين کاتن کان وڌيڪ گرم هوندو آهي. اسين سمجهون ٿا ته پوليس جو اهو موقف بلڪل غلط آهي ته پوليس جا ڪجهه آفيسر وفاقي ادارن ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل آهن ان ڪري سنڌ اندر امن امان قائم ڪرڻ ۾ مشڪلات پيش اچي ٿي. هاڻي جتي هزارين پوليس اهلڪار پرائيويٽ ۽ سرڪاري ماڻهن وٽ گارڊ مقرر ٿيل هجن اتي ساڍا 4 سئو آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪهڙي حيثيت آهي. سنڌ پوليس جو کاتو شايد انهن آفيسرن جي مٿان ڪاوڙيل آهي. ڇو ته انهن کي ٻين کاتن ۾ ڊيپوٽيشن تي وڃڻ ۾ فائدو هوندو آهي، هاڻي جڏهن هنن جي ڊيپوٽيشن ڪينسل ٿيندي ته پوءِ انهن ادارن ۾ جڳهيون خالي ته نه ڇڏيون وينديون ۽ انهن ادارن ۾ ٻين صوبن جي پوليس کاتي مان آفيسرن کي ڊيپوٽيشن تي گهرايو ويندو ۽ پوءِ اسان دانهون ڪنداسين ته وفاقي ادارن ۾ سنڌ صوبي کان علاوه ٻين صوبن جا آفيسر ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪري رهيا آهن.
سو مهرباني ڪري سنجيدگيءَ سان ڪم وٺو، امن امان قائم ڪرڻ لاءِ اوهان وٽ ٻن لکن سان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار موجود آهن ۽ جيڪڏهن اڃان به کوٽ آهي ته نيون ڀرتيون ڪري وٺو عام شهرين کي غلط ڳالهيون ٻڌائي راضي نه ڪريو. عام شهري تيستائين راضي نه ٿيندو جيستائين صوبي اندر امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت عملي قدم نه کڻندي.