هڪ ڪلاڪ ۾ 200 آءِ فون ري سائيڪل ڪندڙ روبوٽ تيار
آمريڪا ۽ يورپ ۾ ماڻهو هر سال نئون فون خريد ڪندا آهن ۽ پراڻو فون گهٽ قيمت ۾ وڪرو ڪندا آهن. ان کان علاوه ڪيترائي سيٽ وڪامجي نه سگهندا آهن ۽ اهي ايپل جي گودامن ۾ پيل هوندا آهن. جن کي ري سائيڪل ڪيو ويندو آهي، پر هاڻي ايپل پاران اهڙو روبوٽ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو انهن موبائل فونن کي جلد ئي ري سائيڪل ڪندو. ان روبوٽ جو نالو ڊيزي آهي. هي روبوٽ انهن آءِ فونن کي خاص انداز ۾ کولي ۽ ري سائيڪل ڪندو آهي. هن روبوٽ ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته هي فون جي ڪنهن به خاص پرزي کي الڳ ڪري رکندو آهي، جنهن کي بعد ۾ ڪم آڻي سگهجي ٿو. ايپل ڪمپني مطابق هي روبوٽ هڪ ڪلاڪ ۾ 200 آءِ فون ري سائيڪل ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته اها خاصيت ڪنهن به روايتي ري سائيڪل مرڪز ۾ موجود نه آهي.



