بلاگنئون

حسين (عليه السلام) ته حسين (عليه السلام) آهي

دنيا ۾ اربين کربين ماڻھو آيا ۽ ويا تن ۾ ڪئين صاحبِ ثروت ته ڪئين صاحبِ عظمت رهيا. ڪئين اهڙا به هئا جن جي سخاوت جا چرچا رهيا. ڪئين اهڙا به هئا، جن جي شجاعت جا نعرا بلند رهيا. انهن مان ڪيترائي حڪمت ۽ دانائيءَ جا اهڃاڻ هئا ته ڪيترائي ڏاهپ ۽ سياڻپ جا نشان هئا ته وري انهن جي مقابلي ۾ ڪيترائي نادان ۽ نافرمان هئا ته ڪيترائي مشرڪ ۽ ڪافر هئا ته وري ڪيترائي جاهل ۽ صفا ڏڏ هئا. انهن ئي ماڻھن ۾ الله پاڪ جي طرفان هدايت جو سرچشمو بڻجي ڌرتيءَ جي اَسُونهن ماڻھن جي هدايت لاءِ سوا لک نبي سڳورا به آيا. سڀني پنهنجا پنهنجا ڪم پنهنجي حيثيت ۽ علم آهر سرانجام ڏنا. پوءِ ڪن تي ڪن ماڻهن ايمان آندو ته ڪن کي ڪونه مڃيو ويو. اهو سلسلو حضرت آدم عليه السلام کان وٺي، آخري نبي پاڻ سڳورنﷺ تائين جاري رهيو. جنهن کانپوءِ هدايتِ نبوت جو سلسلو منقطع ٿي ويو، پر هدايت جو سلسلو آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰﷺ جي اهل بيتن ۽ اصحابن سڳورن جي معرفت رشد و ولايت جي وسيلي هلندو رهيو، جيڪو قيامت تائين جاري رهندو. جنهن جي ڪري دين اسلام جي پرچار ۽ ان جي حفاظت لاءِ الله تبارڪ و تعاليٰ طرفان هر دور ۾ وليءِ ڪامل ٿيندا رهندا، جيڪي سندن مٿان ڀٽڪيل انسان جي رهبري ۽ رهنمائيءَ جو رکيل ڪم سر انجام ڏيندا رهندا.
انھيءَ دوران ڪيترائي حاڪمانِ وقت ۽ صاحبانءِ علم وقت جو فائدو وٺي، پاڻ کي پاڻمرادو رتبن سان نوازيندا رهيا ۽ ماڻھن کي انهن رتبن آهر، کين سڏڻ تي خوشي توڙي ڏاڍ سان مڃائيندا به رهيا ته مجبور به ڪندا رهيا جيڪي انهن جي هٿ سان گھڙيل رتبن موجب عزت ۽ توقير نه ڪندا هئا، تن کي اذيتون به ڏيندا هئا ته قتل و غارت گري به ڪرڻ کان نه مڙندا هئا. اهڙن ماڻھن ۾ تاريخ ٻڌائي ٿي ته نمرود هڪڙو بادشاھ هو، جيڪو پاڻ کي خدا سڏرائيندو هو. جنهن جي مقابلي ۾ الله تعاليٰ حضرت ابراهيم عليه السلام کي موڪليو. اهڙي ئي نموني هڪ ٻيو نالو فرعون جو اچي ٿو، جنهن پاڻ کي خدا سڏرايو هو، تنهن کي خدا تعاليٰ حضرت موسيٰ عليه السلام معرفت هدايت ڪرائي، پر هو نه مڙيو، نيٺ قهر خداونديءَ جي ور چڙهي ٻڏي مري ويو. جنهن جو لاش اڄ ڏينهن تائين، مميءَ جي صورت ۾ موجود آهي. جنهن تي سائنسدان تحقيق ڪري رهيا آهن. مقصد ته جنهن وٽ طاقت اچي ٿي ته اهو پنهنجي اصليت مَٽائي پاڻ کي پاڻ کان ڪنهن وڏي منصب تي مقرر ڪري، اهو منصبدار سڏائي ٿو.
اهڙي ئي نموني پاڻ ڪريمنﷺ جي آمد کانپوءِ، نبوت جو در بند ٿي وڃڻ بعد به ڪيترن ئي ڪوڙن نبي هئڻ جي دعويٰ ڪئي. اسود عنسي، مسيلمه ڪذاب ۽ اسحاق اخرس کان وٺي اسان جي ننڍي کنڊ ۾ اڪبر بادشاھ ۽ مرزا غلام احمد قاديانيءَ تائين ڪيترائي ڪوڙي نبوت جا دعويدار ٿي چڪا آهن. اڪبر بادشاھ پهرين پهرين نبوت جي دعويٰ ڪري، دين الاهي قائم ڪيو. جنهن بعد خدا هئڻ جو دعويدار ٿيو. جنهن جو مقابلو مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي عليه رح ڪيو.
الغرض ته دنيا ۾ ماڻھن پاڻ کي ڪوڙي دعويٰ تحت نبي پڻ سڏايو ته خدا جا دعويدار به ٿيا، پر تاريخ انساني جي مطالعي مان ڪٿي به اهڙو ماڻھو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جنهن حسين هئڻ جي دعويٰ ڪئي هجي. مولا حسين (عليه السلام) ئي واحد دنيا جي اها هستي آهي، جنهن جي صبر ۽ استقلال جي حد کي پڄڻ ته ناممڪن آهي، پر ڇهڻ به وڏي ڳالھ آهي. امام حسين جهڙو شان دنيا ۾ ٻئي ڪنهن جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي. جيڪڏهن ڪير ڳولھڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان کي سواءِ شڪست جي ڪجھ به هٿ نه ايندو. مولا حسين (عليه السلام) جي عظمت اها آهي ته هو جيڪڏهن سوا لک نبين جي سردار جي سجدي جي حالت ۾ پٺيءَ تي چڙهي ويهي رهي ته نبي پاڪ تيستائين سر سجدي مان نٿو کڻي، جيستائين مولا حسين (عليه السلام) پُٺي مبارڪ تان نٿو لهي! پوءِ ڀلي کڻي تسبيح ٽن ڀيرن جي بدران ٻاهتر ڀيرا ڇو نه ٿي وڃي، پر خالص الله جي عبادت نماز ۾ به ڪو فرق نه پوي. اهڙي عظمت آهي منهنجي مولا حسين (عليه السلام) جي، ان جهڙي هئڻ جي دعويٰ ڪرڻ جي ڪنهن مائي جي لال ۾ طاقت ئي ناهي جو ڪير دعويٰ ڪري. مولا حسين (عليه السلام) ته اهو شهزادو آهي جنهن جي جسم سان جيڪڏهن کسيل پرن ۽ وارن واري فطرس فرشتي جو جسم لڳي ته ان جي جسم جا کَسيل پَرَ ۽ وار ته واپس اچي وڃن ۽ ان کان کسيل منصب پڻ واپس ملي وڃي.
مولا حسين (عليه السلام) اسلامي تاريخ جي هڪ اهڙي بلند شخصيت آهي، جيڪا دين اسلام کي پنهنجن صغير ٻارن، ڀاڻيجن کان وٺي پنهنجي ارڙهن هاشمي جوان ڀائرن، سئوٽن، عزيزن ۽ 72 جان نثارن تائين جي رت سان ريٽي قيامت تائين لال ڪري ڇڏيو نه ته يزيد اهو بدبخت ملعون هو، جنهن دين محمديءَ ۾ پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجي سهولت موجب تبديليون ڪري ڇڏيون هيون، هن اهو پئي چاهيو ته دين محمديءَ کي دنيا جي تختي تان ختم ڪري ڇڏي، پر اها ڳالھ الله جل شانه کي قبول نه هئي ته ڪو هو هن جي ئي موڪليل دين کي نقصان رسائي. پنهنجي موڪليل دين اسلام کي دنيا ۾ پکيڙڻ لاءِ پنهنجي محبوب ڪريم عليه الصلواة والسلام کي چونڊيو ته ان کي بچائڻ لاءِ مولا حسين (عليه السلام) کي چونڊيو، جنهن اهڙو ته دين اسلام کي يزيد جي دهشت، ڏاڍ ۽ بربريت واري ميدان مان حفاظت سان ڪڍيو جو ان کي هاڻي قيامت تائين ڪوبه جوکو نه آهي. جيڪڏهن مولا حسين (عليه السلام) ڪربلا ۾ قرباني نه ڏئي ها ته اڄ دنيا ۾ ڪٿي به ٻانگ ٻڌڻ ۾ نه اچي ها، ڪٿي به ڪا مسجد ساجدن جي سجدي لاءِ نه هجي ها، نه ئي سلامتيءَ وارو دين اسلام دنيا جي تختي تي هجي ها، اهو اسان تي مولا حسين (عليه السلام) جو عظيم احسان آهي جو اڄ اسين اسلام جهڙي لازوال دين ۾ داخل آهيون.