نئون

شناختي ڪارڊ فيس ۾ اضافي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پاس

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾  شناختي ڪارڊ جي فيس ۾ اضافي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي. اسيمبلي اجلاس ۾ صوبائي مشير شميم ممتاز اجلاس ۾ نڪتائي اعتراض  تي نشاندهي ڪئي ته نادرا پاران شناختي ڪارڊ جي فيس ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. جنهن جي مذمت ڪرڻ گهرجي. اسپيڪر هن کي چيو ته ان معاملي تي  قرارداد آندي وڃي. جنهن بعد هير سوهو پاران قرارداد پيش ڪئي وئي جنهن کي منظور ڪيو ويو.  قرارداد ۾ شناختي ڪارڊ جي فيس ۾ اضافي جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته فيس ۾ اضافو فوري طور تي واپس ورتي وڃي. واضح رهي ته نادرا شناختي ڪارڊ جي فيس ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.نوٽيفڪيشن مطابق عام ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ جي فيس 200 مان وڌائي 400 ۽ ارجنٽ ڪارڊ جي فيس 750 مان وڌائي 1500 روپيا ڪئي وئي آهي.  سمارٽ ڪارڊ جي رنيوئل فيس ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايگزيڪيوٽو شناختي ڪارڊ جي فيس 1600 مان وڏائي 2500 روپيا ڪئي  وئي آهي.