بلاگنئون

ڊائري جا ورق

08 مئي، 1982
اسان جي هيءَ سنڌ هر دور ۾ اهڙا جوان پيدا ڪندي رهي آهي، جن هميشه حق، سچ ۽ امن لاءِ پنهنجي وطن، قوم ۽ عوام لاءِ پنهنجا وجود وقف ڪري، وطن جو مان مٿانهون ڪيو آهي.موجوده دور ۾ اهڙو ئي هڪ دودو، شينهن مڙس، فاضل راهو آهي، جيڪو غريب ۽ مسڪين هارين نارين واري وڏي اڪثريت جي آزادي لاءِ پنهنجي تن من ڌن سان، ويرين ۽ ظلمن سان ٽڪر کايو بيٺو آهي.فاضل، جيڪو لاڙ جي بدين ضلعي جي هڪ وڏيرڪي خاندان جو فرد آهي، پر جڏهن کان هن شعور سنڀاليو ۽ کاهوڙين جي سنگت جو ساٿي ٿيو، تڏهن کان هن جيڪا عظيم انقلابي راهه ورتي آهي، ان تي تمام سچائي سان هو اڳتي پيو وڌي. هن دور ۾ مظلومن لاءِ وڙهڻ تمام گهڻي ڏکي ۽ ڊگهي جدوجهد آهي، فاضل به انهيءَ راهه تي هلندي تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اڄ تائين هن جو هر قدم هارين ۽ پورهيتن جي حق خاطر اڳتي وڌيو آهي، فاضل جو قدم پٺتي ٿي ئي نٿو سگهي.
***
13 آڪٽوبر، 1982
آفريڪا ۾ تاريخ جو بدترين ڏڪار آيو آهي، جنهن ۾ روزانو سوين ماڻهو بُک وگهي مري رهيا آهن. هر ڏهن منٽن ۾ هڪ انسان بُک ۾ مري رهيو آهي. ڪيڏا نه دردناڪ واقعا، هن ترقي يافته دور ۾ ٿي رهيا آهن. اڄ جڏهن انسان پنهنجو پاڻ کي مهذب سڏائڻ جو دعويدار آهي، تڏهن هن دنيا ۾ اربين انسانن جي وچ ۾ ڪجهه انسان بُک ۾ مري رهيا آهن ۽ هي دنيا وارا ۽ خاص طور تي ترقي يافته ملڪ ۽ قومون، پنهنجين عياشين ۾ پورا آهن. جڏهن ته ايٿوپيا ۽ ٻين آفريڪي ملڪن ڪيترو اڳ کان دنيا وارن کي ٻڌائڻ شروع ڪيو هو ته هتي ڏڪار پيو اچي، دنيا وارا واهر ڪن، پر دنيا توجهه ڪانه ڏني ۽ اڄ اها حالت آهي جو هيستائين ٽي لک انسان مري چڪا آهن ۽ هر ڏهن منٽن ۾ هڪ ماڻهو مري رهيو آهي ۽ اندازو آهي ته اڃان به لکين ماڻهو مرندا. دنيا وارن جي امداد هڪ ته تمام ٿوري آهي ۽ ٻيو ته وقت سر ڪو نه ملي آهي، ان ڪري انسانيت جي تاريخ جو هي الميو ايڏو سنگين بڻجي ويو آهي.
***
10 آگسٽ، 1984
اڄ اها دردناڪ خبر ٻڌم ته اسان جو نوجوان ۽ خوبصورت دوست ذوالفقار علي خواجه تلهار وارو گذاري ويو. ڏاڍو ڏک ۽ ارمان ٿيو. ذوالفقار جو موت هن غلام ۽ گندي سماج جي زهر ٻُڏل مسلسل حملن سبب ٿيو آهي. ورنه هي حسين ۽ خوبرو نوجوان، پڙهيل لکيل هو ۽ سنڌ ڌرتي جو درد هن جي نس نس ۾ سمايل هو، سنڌي عوام جي آزاديءَ لاءِ هلندڙ جدوجهد جو ڪارڪن هوندو هو. جيئي سنڌ پارٽي جو انتهائي جذباتي ۽ با عمل ڪارڪن هو. هن جو موت به انهيءَ ئي جدوجهد دوران، جيل جي اذيتن کانپوءِ مسلسل بيماري جي ڪري ٿيو آهي، بي شڪ هي جوان آزاديءَ جي راهه جو شهيد آهي، گمنام شهيد.بدين ضلعي جو هڪ شهر تلهار آهي، جنهن ۾ سڀ کان امير ۽ بيٺل خاندان، سيٺ خالق ڏنو پنجواڻي جو خاندان آهي. خالق ڏني جا پنج پٽ هئا، سڀ کان وڏو قربان علي، ٻيو نمبر نور محمد جيڪو پهريون تلهار جو علمي ادبي ۽ انقلابي نوجوان هو، جنهن تلهار ۾ باقاعده وڏو حلقو ٺاهيو. نور محمد منهنجو به علمي ۽ ادبي استاد آهي. ٽيون پٽ ممتاز جيڪو ڊاڪٽر آهي، چوٿون انور جيڪو منهنجو ذاتي دوست پڻ آهي ۽ پنجون آفتاب. وڏو قربان تمام گهڻو شوقين ۽ عياش هو. هن سڄي زندگي شهزادن وانگر گذاري، بس سدائين هو پنهنجي عيش آرام ۽ ٺاٺ ۾ پورو هوندو هو. پنهنجن ٻارن ۽ گهر تي اصل توجهه ڪونه ڏيندو هو. سيٺ خالق ڏني جي وفات کانپوءِ، قربان ٻنهي هٿن سان دولت لٽائڻ شروع ڪئي. نتيجي ۾ چند سالن ۾ ڪنگال ٿي ويو، زمينون ڪارخانا ۽ جايون وڪڻڻ شروع ڪيائين. نيٺ سڀ ڪجهه وڃائي هڪ ڏينهن پاڻ به گذاري ويو. پويان ذوالفقار ۽ سندس ڀائر ڀينر ۽ ماءُ مفلسي واري تڪيلف ڏيندڙ زندگي جون اذيتون برداشت ڪرڻ لڳا. ذوالفقار جيئن ته شروع کان جيئي سنڌ جو ڪارڪن هو، سو هڪ ڀيري ڪي پمفليٽ مورو پوليس هن کان پڪڙي ورتا. فوجي حڪومت هئي ۽ پمفليٽ بغاوت وارا هئا، سو اختيارين هن کان وڌيڪ سچي ڪرائڻ لاءِ هن کي ايڏيون اذيتون ڏنيون جو هو دماغي توازن وڃائي ويٺو، ٽي چار سال جيل ۾ هو. پوءِ وري گدو ۾ ڪجهه عرصو علاج ڪرايائون، پر همراهه جيئن پوءِ تيئن ويو ڳرندو کپندو. مسلسل بيمار رهڻ لڳو، تازو ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن مون ڏٺو ته مان سڃاڻي به نه سگهيس ته ڪو هي اهو ئي انتهائي حسين خوبرو، قدآور ۽ ڳورو ذوالفقار آهي. ڳري ڪنڊا ٿي ويل، هلڻ جي به طاقت نه رهي هئس. بهرحال اڄ انهيءَ افسوسناڪ خبر اندر جهوري وڌو آهي. ذوالفقار دراصل هن گندي سماج جي غلط نظام جو شڪار ٿيو آهي. اول ته گهر ۾ هن جي والد جي غلط رويي ۽ انتهائي اميراڻي ٺاٺ جي ڪري اولاد سان بلڪل بي تعلق ٿي رهڻ ۽ بجاءِ اولاد کي پيار ۽ قرب ڏيڻ جي اولاد کي دشمن ليکڻ، وڙهڻ ۽ پوليس کي چئي پنهنجن پٽن کي خوامخواهه جيل ۾ مارون ڪڍرائڻ وغيره جهڙن غير انساني روين، اولاد تي به اثر ڪيو. اولاد پنهنجي پيءُ کي شهزادن وانگر زندگي گذاريندي ڏٺو ۽ پاڻ خود محتاج ۽ بي سرو سامان واري زندگي گذاري، اهڙين حالتن ۾ جيڪا پرورش ٿي تنهن هڪ نوجوان زندگي کي تباهه ڪري ڇڏيو.
***