بلاگنئون

وڌندڙ رياستي ٽيڪس ۽ گهٽجندڙ زندگيءَ جا معيار

ملڪ ۾ هاڻي کاٽو پٽ ادارا وڃي ڪجھ رهيا آهن، جيڪي آڱرين تي ڳڻي سگهجن ٿا. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ ادارو صرف ٽيڪس ڪليڪشن رهيو آهي ۽ ٽيڪس ڪليڪشن جو دائرو ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو وڌندو ۽ وقت سر ان ٽيڪس جي مد ۾ سرڪار ٻيون شيون ۽ خدمتون به شامل ڪندي ٿي وڃي. مثال طور: 60 ۽ 70 وارن ڏهاڪن ۾ رڳو انڪم ٽيڪس جو ادارو فعال هوندو هو جيڪو هر قسم جي شيءِ يا ملڪيت تي انڪم ٽيڪس يا کڻي ويلٿ ٽيڪس اوڳاڙيندو هو. هاڻي ته وري انڪم ٽيڪس جو ادارو ڀَتي جي صورت وٺي ويو آهي. جنهن ۾ شرط ۽ رياستي پاليسي آهي ته جيڪو به ڪم ٿئي ان ڪم جي ٿيڻ کان پهرين سرڪار کي خُمس ڏيڻو ٿو پوي، پوءِ اها شيءِ هجي يا ڪو ڪم يا ڪا خدمت، پر هر ڪمپني، هر ماڻهو ۽ هر ادارو ٽيڪس ڀريندو رهندو. مثال طور: هاڻي ته ڪنزيومر ٽيڪس به گهڻي ٿي پئي آهي، جو جيڪو ماڻهو ڪابه شيءِ وٺندو يا کائيندو ته ان تي ڪنزيومر ٽيڪس ڏيڻي پوندس ۽ اها شيءِ ٺاهڻ وارو به ساڳي شيءِ تي انڪم ٽيڪس به ڏيندو ۽ جيڪو ماڻهو يا ادارو ان شيءِ جي ترسيل ڪندو (پهچائيندو) ته ان کي سپلاءِ معنيٰ شين جي کڻي وڃي پهچائڻ تائين جي نظام تحت سڀ قسم جون ٽيڪسون ڏيڻيون پونديون. هاڻي وري يوٽيلٽي جي بلن تي هر قسم جي ٽيڪس، ڪنزيومر ٽيڪس ۽ ڪنيڪشن ٽيڪس به لاڳو ڪئي اٿن ته بجلي هلايو نه هلايو بس جيڪڏهن ميٽر لڳل آهي ته ٽيڪس ڏيڻي پوندي. ساڳي شيءِ پگهاردار تي به آهي ته هو جيڪڏهن هڪ لک پگهار کڻندو ته ٿلهي ليکي ان پگهار تي ساليانو 30 هزار ۽ ماهورا 2 هزار ٽي سئو رپيا ڏيڻا پوندس ۽ ان کان علاوه ٻيا ٽيڪس الڳ.
اڳ ۾ ائين نه هو، هاڻي رياست جي ڪارندن جي عياشي وڌي وئي آهي جو جيڪو ماڻهو ڪمائي ٿو ان ڪمائي جو 70 سيڪڙو رڳو يوٽيلٽي جي بلن ۾، انڪم ٽيڪس ۾، ويلٿ ٽيڪس ۾، ڪنزيومر ٽيڪس ۾ ۽ روڊ ٽيڪس وغيره وغيره جي زمري ۾ رياست جي اڪائونٽ ۾ وجهي ٿو ڇڏي. ڇو ته هيءَ رياست هر جيئري ماڻهوءَ کان ٽيڪس وصول ٿي ڪري، ايستائين جو فقير به ڪنزيومر ٽيڪس ڀري ٿو، پر ايتري ٽيڪس ڏيڻ جي باوجود رياست ڪنهن به طرح ذميوار ناهي ته هو به خلق جو کائي انهن سان ڪنهن بنيادي سهولتن جي ڳالھ ڪري، جنهن ۾ تعليم، صحت، اٽو، لٽو، اجهو، پيئڻ جو صاف پاڻي، روزگار جي هوندَ ممڪن ڪري. ٽيڪس ته هر ماڻهو ڏئي ٿو، پر ان مٿڪي ذريعي رياستي ڌن دولت جا مالڪ رڳو اهي آهن جيڪي قسمت جا ڌڻي آهن، پر بدقسمتي اها به آهي ته هن رياست جي نعري يا منشور ۾ ملڪ ۾ ڪوبه سوشلزم، ڪميونزم يا ڪو فلاحي رياست جو تصور ناهي ۽ نه ئي ممڪن آهي. اهو دور ويو جو ماڻهو في سبيل الله (الله جي راھ) ڪو واٽ تي نلڪو لڳرائي، ڪا ڪوٺڙي ٺهرائي يا ڪو بس اسٽاپ تي ماڻهن جي ويهڻ جي لاءِ ڪو ڇانورو ئي ڪندا هئا ته جيڪڏهن ڪو مسافر بس جي انتظار ۾ ويهي ته اهو قبلي رخ ٿي نماز به پڙهي، مَٽنَ مان پاڻي به پيئي ۽ ڇانوري ۾ ساهي به پٽي، پر هن سرمائيدارڻا ۽ مادي دور ۾ هر شيءِ پئسن تي ٿي کپي، ڪا شيءِ مفت ناهي. ان ڪري حڪومت به چاهي ٿي ته ماڻهو جيڪي جيئن ٿا اهي مري مري جيئن ۽ جيئن ته رياست کي زندگي جي قيمت ڀري ڏين.
خوشحاليءَ جو مطلب پئسي جي گهڻائي ناهي، پر شين ۾ ضابطي جو اهڃاڻ ضروري هجي ٿو. مثال طور: ٽڪي پئسي واري دور ۾ شين جو وٺڻ ۽ ماڻهن جي قوت خريد پوءِ به هئي. هاڻي وقت آهر ماڻهن جي قوت خريد ڄڻ مري پئي آهي، ڪير به ڪا به شيءِ وٺڻ کان پهرين ان جهڙي ڪا هليل ۽ پراڻي سيڪنڊ هيند شيءِ وٺڻ جي ٿو ڪري. ان ڪري ته نئين شيءَ وٺڻ ماڻهن جي وس ۾ ناهي رهيو. ملڪ ۾ هونئن ته گيلپ سروي هلندا رهندا آهن، جيئن ڊجيٽل دهشتگرديءَ واري ڳالھ مطابق ته عمران خان جي دور ۾ انٽرنيٽ جي ذريعي ماڻهن کان خيالي ۽ ڪوڙي ووٽنگ به ڪرائيندا هئا ته عمران خان صحيح آهي يا غلط، ملڪ ۾ مهانگائي صفا ناهي رهي يا ماڻهو هاڻي خوشحال آهن، نواز شريف ڀلو آهي يا زرداري يا عمران خان هي ملڪ ڌڪي هلائي ويندو وغيره وغيره، پر انهن سڀني زمرن ۾ شين جي اصليت ۽ بنياد کي به ڏسجي. اها ڳالھ چوڻ مناسب ناهي ته 60 ۽ 70 واري ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ هاڻي هر ماڻهوءَ وٽ موبائل فون آهي، هر ماڻهوءَ جي گهر ۾ ٽي وي هلي ٿي، صفا نه به هجي پر هر ماڻهوءَ وٽ سائيڪل ۽ موٽرسائيڪل آهي ئي آهي يا هر ماڻهو وٽ بجلي، سولر پينل، پکو آهي ئي آهي، پوءِ فرج يا ٻيون شيون نه به هجن. گهڻي ڀاڱي ماڻهن وٽ پنهنجو پراڻيون سُراڻيون يا نيون گاڏيون به آهن، ماڻهو هاڻي گهٽ ۾ گهٽ لکا پتي به آهن. ان ڪري ته انهن جا ٻار گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي دائري ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڪمائي گهر کڻي ٿا اچن ۽ اهي هزارين ۽ لکين رپيا جيڪي 70 ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ ممڪن نه هئا، سي هاڻي ممڪن آهن، ماڻهو گهڻو ڪمائي ٿا اچن، پر پورت ناهي. ان ڪري ته مهانگائي جي ڪري غريب مزدور ۽ هاري جيڪو ڪمائين ٿا سو مهانگائي جي نذر ٿي ٿو وڃي ۽ غريب وري ساڳيو بي حال، معنيٰ جيڪا شيءِ 70 واري ڏهاڪي ۾ 1 رپئي جي به مس هوندي هئي سا هاڻي هزارين رپين جي ٿي وئي آهي ۽ ڪا خبر ناهي ته سڀاڻي اها شيءِ ڪٿي پڄندي. ڪڻڪ يا چانورن جو مثال ٿا وٺون ته ان زماني ۾ ڏهين رپئي ڪڻڪ ۽ چانورن جو مڻ به ملي ويندو هو يا اڃان به گهٽ، هاڻي ويهين رپئي ۾ هوٽل تان اڌ پاوَ واري ماني نٿي ملي ته پوءِ ايتري ڪمايل دولت ۽ مزدور جي ڏهاڙي ڪم جي نه ٿي، ان ڪري شين ۾ اسقامت ۽ بيهڪ ناهي ته شيون هڪ جاءِ تي رڳو هڪ سال لاءِ بيهي هلن ۽ بجيٽ ۾ انهن تي ڪو اثر پوي، پر هاڻي ته مهيني مهيني يا هفتي هفتي ۾ شيون يا ڪڏهن ڪڏهن اسٽاڪ ايڪسچينج وانگي شين ۾ لاھ چاڙھ ٿيندي رهي ٿي پر گهڻي ڀاڱي چاڙھ ئي آهي. جنهن جي ڪري سرڪاري ۽ رياستي ادارا به گهٽ نٿا ڪن جنهن ۾ مثال رڳو ريلوي جي ڪراين ڀاڙن جو وٺون ته انهن ۾ به چاڙھ ايندو ٿو رهي، پر حيرت اها به آهي ته جڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي ته انهن جو اثر ٻين شين تي به پوي، پر ائين ناهي پيٽرول چڙهي لهي ٿو وڃي، پر شين جا اگھ انهن جي استقامت ۽ اهي بيهڪ واري دائري ۾ نٿا اچن، جنهن جي ڪري پگهاردار طبقو عذاب ۽ مسلسل عتاب جو شڪار هجي ٿو.
خوشحالي جي زمري جي ڳالھ اها به ناهي ته ماڻهو ڪاٺيون ڇڏي گيس ٿا ٻارين يا گهڻي ڀاڱي ماڻهن جو گذارو گيس تي آهي، انهن وٽ سولر تي هلندڙ سڀ شيون آهن جن ۾ استري، چلهو، فرج، ٽي وي (ايل سي ڊي) يا گهڻو ڪجھ، پر ڳالھ اها به آهي ته سرڪار انهن جي ڪيتري پرگهور لهي ٿي، جنهن ۾ انهن عام ماڻهن تائين بنيادي سهولتن جي پهچ به آهي. گيلپ سروي ڀلي اهو به ٻڌائي ته ماڻهن وٽ يو پي ايس به هاڻي گهڻا ٿي ويا آهن، اهي ماڻهو جن جا ابا ڏاڏا ۽ انهن جا خاندان ڪڏهن گاڏين، جهازن ۽ ايئرڪنڊيشنڊ ريلوي جي بوگين ۾ سفر نه ڪري سگهيا، پر انهن جي اولاد هاڻي زندگيءَ جا مزا وٺن ٿا. اهي هاڻي بجلي، گيس، ٽيليفون، موبائل، گاڏيون ۽ زندگيءَ جون آسائشون ماڻين ٿا، اهي هاڻي پکن ۽ ايسين هيٺان ويهن ٿا. اهي ماڻهو جن جي ڳوٺاڻين آبادين ۽ سندن ڪچن ڳوٺن ۾ اڃان تائين بجلي ناهي، پر شهري آبادي جي ڪري انهن جي وس آهي ته اهي سڀ آسائشون وٺن يا وٺي سگهن، پر سوال اهو به آهي ته آباديءَ جي گهڻائي ۾ اها شرح ساڳي ٿي بيهي ته سرڪار رڳو انهن علائقن جي پرگهور ٿي لهي جيڪي شهري آباديءَ وارا هجن ٿا باقي غريب علائقن، ڪچين آبادين ۽ شهر جي چوڌاري ٻَڌل ڳوٺن کي ڪجھ به مهيا نٿي ڪري. ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت وڏن شهرن ۾ سرڪاري اسڪولن مان ٻارن کي ڪڍي انهن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا باقي سرڪار رڳو ٽيڪس جي اوڳاڙي تي آهي.
اها ڳالھ مشرف به پنهنجي دور ۾ هر گيلپ سروي ۾ ڪرائي هئي ته پاڪستان کان وڌيڪ ورلي ڪو مسلمان ملڪ خوشحال هوندو ان ڪري ته گڏھ گاڏي واري کي به رابطي يا سروسز جي هوندَ يا مهياگيريءَ جي لاءِ رابطي جي ضرورت پوي ٿي، پر خوشحاليءَ جي ماپي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اها شيءِ ناهي ته ماڻهن وٽ موبائلون آهن، پر ائين هجي ته هر غريب ماڻهو ڏهاڙيدار ۽ مزدور هاري ۽ انهن جي اولادَ کي به گهر خريد ڪرڻ جي سڪت هجي، پر ناهي ۽ هر ماڻهو يا خاص غريب طبقو پريشان آهي ته معنيٰ ملڪ نسبتن خوش ناهي. ان جو مثال ائين به آهي ته گهر جو ڀاتي جيڪڏهن گهٽ ڪمائيندو ته گهر جي ڪُل اپت به گهٽ هوندي، جي گهر جا سڀ ڀاتي گهڻو ڪمائيندا ته گهرن جي اپت ۽ خرچن ۾ توازن ڪري سگهبو. ساڳي ڳالھ ملڪي معيشت سان به آهي ته ماڻهو ڪمائيندا ته ٽيڪس به ڏيندا ۽ اهي زندگي به معيار واري گذاريندا نه ته جي عام ماڻهو پنندو ته رياست به پنندي ۽ گهر جا ٽپڙ ٽاڙي وڪڻي ملڪ (رياست) هلائيندا رهندا.