نئونناول

هائپرسومنيا (ناول: باب سورهون)

ان وقت ماريه بورچي خاني جي صفائي ڪري رھي ھئي، جنھن کي ڏسندي ئي منيزه وڏي آواز چيو: “توکي چيو اٿم ته، ھڪ نوڪرياڻي رک!”
ماريه ڏانھس ڏسي مسڪرائي ڏنو ھو ۽ پنھنجو پگهر رئي سان اگهيائين.
“ڏس، حالت ڏس پنھنجي…” منيزه کيس ٻيھر چيو.
ڊرائيور ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ لڳو ھو، عبدالرحيمَ اتي ئي پنھنجا ھٿ پير پاڻيءَ سان ڌوتا ۽ ڪمري ڏانھن اچڻ لڳو ھو ته، ھن سنبل وٽ اھا ساڳي ڪاري ٻلي ڏٺي، جنھن کي ھڪدم وڃي ڊوڙائي ڇڏيو ھئائين.
عبدالرحيم منيزه کي سلام ڪيو، ھنن موسم جي بدلجڻ تي مختصر ڳالھايو… ۽ پوءِ ھو پنھنجي ڪمري ڏانھن ھليو ويو ھو، پاڻي پيئڻ کانپوءِ ھن ڪانءَ جي رويي بابت ھڪ مضمون پڙھڻ شروع ڪيو ھو.
رات جو ھو پنھنجي باغيچي ۾ اڪيلو ويٺو ھو، آر جو تکو آواز اچي رھيو ھو… پريان ٻرندڙ بلب تي ڪيترائي جيت گڏ ٿي ويا ھئا.
ھن منيزه جي ڌيءَ جي اکين کي ياد ڪيو، ان ڇوڪريءَ جا ناسي ننڍا وار کيس عارفه جي ياد ڏياري رھيا ھئا… ھو غمزده ٿي ويو ھو، اداسي سندس وجود ۾ ائين چڀي رھي ھئي، جيئن آر جو آواز سندس ڪنن ۾ گهڙي پئي ويو.
ھو عارفه جي ياد مان نڪري، منيزه متعلق سوچڻ لڳو ھو، سندس ذھن ۾ منيزه جو ماريه کان پينٽنگ بابت پڇيل سوال ڦري رھيو ھو: “ھتي جيڪا پينٽنگ لڳل ھئي، سا ڪاڏي وئي!؟”
ماريه جي جواب کانپوءِ، منيزه وراڻيو ھئس: “ڏاڍي خوبصورت ھئي، سٺي لڳندي ھئي… نه ھٽايو ھان!”
ھا، ھٽائڻ ته نه گهرجي ھا… ان منظر ۾ جيڪو موت ۽ عدم تحفظ جو امڪان ھو، سو خوبصورت نه ھو. عبدالرحيم سوچيو.
ھو پنھنجي ٿڌي مزاج ۽ سست طبيعت جي ڪري آرام پسند ٿي ويو ھو، سندس ننڊ جو مقدار ٻيھر معمول کان وڌي ويو ھو، پر ان رات دير تائين کيس ننڊ نه اچي رھي ھئي ۽ ھن باغيچي ۾ ويھڻ چاھيو ھو، ھير گهلي رھي ھئي، جنھن گرميءَ جي شدت کي گهڻو گهٽائي ڇڏيو ھو… آسمان ۾ تارا ٽمڪي رھيا ھئا، جن کي ڏسندي کيس ننڍپڻ ۾ تارن کي ڏسڻ ياد آيو ھو.
ان رات ھن خواب ۾ ڏٺو ھو ته: ھو ھڪ مصور کان پنھنجي پينٽنگ ٺھرائي رھيو آھي، ھو ڪيتري ئي دير ڪرسيءَ تي خاموشيءَ سان ويٺو آھي ۽ مصور کيس ڪئنواس تي پينٽ ڪري رھيو آھي. گهڻي دير کانپوءِ، جڏھن سندس پينٽنگ مڪمل ٿي ته، ھو ڏسي اچرج ۾ اچي ويو آھي، ھن جي تصوير جي جاءِ تي ھڪ ٻليءَ جي پينٽنگ آھي، ٻي پل اھو مصور سندس خواب مان گم ٿي ويو آھي، مصور جي گم ٿيڻ جو احساس ائين آھي جيئن ڪو پکي ڀڙڪو ڏئي اڏامي ويندو آھي… ٻي پل کيس ھڪ وڏي اسٽوڊيو ۾ ڪيترائي عجيب نمونن جا مصور نظر آيا آھن، جيڪي ٻليون پينٽ ڪري رھيا آھن… ھن انھن ٻلين جي پينٽنگس تي غور ڪرڻ چاھيو آھي، ھو اھو ڏسي حيران ٿي ويو آھي ته: اھي ٻليون نه آھن، پر خوبصورت عورتون آھن، جن جون اکيون سرمئي، جسم سنھا ۽ ڏند ڏائڻين جيان آھن.
ان گهڙيءَ اھا ھڪ پکيءَ ۽ ٽن ٻلين واري پينٽنگ سندس خواب جو حصو ٿي وئي ھئي، ھن ان تسلسل ۾ ڏٺو ته: ھو اھو پکي آھي، جنھن جي شڪار لاءِ ٽي ٻليون تيار بيٺيون آھن.
ان کانپوءِ سندس خواب ساڳيو نه رھيو ھو.
ھن پاڻ کي پنھنجي دوستن جي محفل ۾ ڏٺو: جتي ھو شراب سان گڏ ھرڻيءَ جو گوشت کائي رھيو آھي… جنھن وقت سندن ميزبان دوستَ کين ٻڌايو ته، جنھن جو شڪار ڪيو ھئوسين، سا ھرڻي ڍُڪي ھئي… ته ان وقت ھن جي اک کلي وئي ھئي.
سندس دل جي ڌڙڪن بي ترتيب ھئي، ھن جي طبيعت ۾ ھڪ قسم جي ڪاوڙ ڀرجي آئي ھئي، عبدالرحيم سمجهي نه سگهيو ھو ته، اھڙي قسم جي خواب ۽ مزاج ۾ برھم ٿيڻ جو سبب ڇا ھو!؟ سندس ماضيءَ يا پکين ۽ جانورن سان محبت!؟
ھن پنھنجي وات ۾ سڪل گوشت کي ڄٻاڙڻ جو ذائقو محسوس ڪيو، انھيءَ ذائقي کيس بيچين ڪري ڇڏيو ھو، ھن وڃي پاڻي پيتو ھو… ۽ وقت ڏٺائين 04:13 ھو.
وقت وڏي خاموشيءَ سان گذري رھيو ھو، ۽ کيس ٻيھر ننڊ نه اچي رھي ھئي، ھو ڪجهه دير خاموش، کليل اکين ۽ بيچين سمنڊ جي لھرن جھڙين پنھنجين سوچن سان ڪمري ۾ ويٺو رھيو ھو… پر پوءِ ٻاھر نڪري آيو ھو، پوئين پھر جي ھوا گهلي رھي ھئي، جنھن سان رات ٺري وئي ھئي، ھن ان ٺريل پھر کي ماڻيو ھو.
عبدالرحيمَ ھيڪر شدت سان چاھيو ھو ته، گهر کان ٻاھر نڪري وڃي، ويران ۽ خاموش گهٽيءَ ۾ ھلندو رھي… پر پوءِ ھو پنھنجي باغيچي ۾ ھليو ويو ھو.
باغيچي ۾ رکيل ڪرسيون گهمجي ويون ھيون، ھو ھڪ ڪرسيءَ تي ويھي رھيو ۽ رات جي خاموشيءَ کي محسوس ڪرڻ لڳو ھو… ٿوري ئي دير ۾ ھو پنھنجين سوچن جي رٿ تي سوار ٿي رات جي سانت ۾ گم ٿي ويو ھو.
…(هلندڙ)…
***