سنڌ ۾ جتي ليکڪ ذاتي تعلق کانسواءِ ڪنهن به اديب جو نالو کڻڻ جي زحمت نٿا ڪن، اتي ڪنهن لسانيات جي ماهر جي ڪتاب تي بنا واسطي يا دوستي جي لکڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ غير روايتي ڪم ضرور ليکي سگهجي ٿو. مان سمجهان ٿو ته جيڪو ليکڪ ڪتاب جي اعزازي ڪاپي هٿ ۾ ڏئي ان تي ٻه لفظ ضرور لکڻ کپن. خود منهنجي ٻن ڪتابن کي 14 سال گذري ويا آهن، پر سواءِ ذاتي دوستن جي ڪنهن به نامور اديب طرفان ٻه لفظ لکڻ جي زحمت نه ڪئي وئي آهي، تازو هڪ ڪتاب “ھمعصر سياست ۽ ادب” پڌرو ٿيو، جنهن جون 40 ڪاپيون نامور اديبن کي هٿو هٿ ڏنيون ويون، پر ڪنهن هڪ ليکڪ کي به ٻه لفظ لکڻ جي اخلاقي جرئت نه ٿي سگهي آهي. ان جي باوجود هي لکيل تبصرو سنڌي ادب ۾ هڪ نئين روايت جو سنگ بنياد ثابت ٿي سگهي ٿو. مارڪيٽ ۾ ايندڙ ڪتابن تي اڪابر اديبن طرفان راءِ نه ڏيڻ سان سنڌي ادب جو نقصان ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر منصور ٿلهو سنڌي لسانيات ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، سندس تعليمي تحقيق سان عشق جي انتها آهي جو عمر جي آخري دور ۾ به پنهنجي مضمون کي چهٽيل نظر اچي ٿو، ڄڻ ڀٽائي جي ان بيت کان متاثر ٿيو هجي ته: “محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا” سندس طرفان لسانيات تي لاڳيتو لکڻ مان ائين لڳي ٿو ته هو مرڻ کان اڳ لسانيات جو ماهر ٿي ويندو. اسان وٽ يونيورسٽي ۾ ايم فل يا پي ايڇ ڊي اسڪالرن جو رجحان ان جي ابتڙ ڏٺو ويو آهي. ڊگري وٺڻ کانپوءِ مضمون کي خدا حافظ چيو ويندو آهي. لسانيات جي مضمون جي خبر ايم اي جي امتحان دوران پئي هئي، تڏهن مونکي ياد پوي ٿو ته سڀني پيپرن ۾ مشڪل پيپر به لسانيات جو لڳو هو، جنهن تي ڪو مواد به نه پيو ملي. ساڳئي وقت ايم فل اردو دوران به لسانيات جو پرچو سڀني کان ڏکيو لڳو هو. بهرحال منصور ٿلهي جي هن ڪتاب کي لاڙ جي سنڌي ٻوليءَ جي لهجي ۾ وڌيڪ تحقيق طور ڳڻائي سگهجي ٿو. هن ڪتاب جي وڏي خصوصيت اها آهي ته هن ۾ ضلعي سجاول جي سوکيءَ بندر ۽ آسپاس جي علائقن جي عورتن جي ٻولي جو مشاهدو ڪري لکت ۾ آندو ويو آهي. هيءَ تحقيق پنهنجي نوعيت جي بلڪل نرالي تحقيق آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي ذاتي طور تي انهن علائقن جو سفر ڪيو آهي، ان علائقي جي رهواسين سان دعا سلام ڪري انهن جي اوطاق تي هلي وڃي انهن ڳوٺن جي عورتن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري انهن سان ڪيل ڳالھ ٻولھ کي قلم بند ڪيو آهي. اھڙي طرح گهربل ٻولي جي لهجي جو اڀياس عمل ۾ آندو اٿس جيڪو ڪم هر ڪنهن ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي. وڏي حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هي ڪم اهو ماڻهو پيو ڪري جيڪو گذريل 30 سالن کان آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي، جيڪو رڳو تحقيق واسطي انهن علائقن جو سفر ڪري ٿو، جتي ڪنهن زماني ۾ هو نوڪري واسطي رهي ويو هو. هن کان اڳ لاڙ جي لسانيات تي هڪڙي ئي ڪتاب جو حوالو ملندو هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي ڪتاب “لاڙ جي ادبي، ثقافتي تاريخ” ھاڻي منصور جي ڪيترن ئي ڪتابن جا حوالا لاڙ جي لسانيات تي ملي سگهن ٿا، جن ۾ لاڙي لفظن جي موتين جي مالها، اکر پٽي، لاڙي ۽ سامونڊي پٽي جي لغت، سوکيءَ جا سنگھار، قابل ذڪر آهن. منصور ٿلهي جو ڪتاب “گڏاپ جا گل” جڏھن مون پڙهيو ته مون سمجهيو ته هو گڏاپ جو رهواسي آهي، پر جڏهن ساڻس سڃاڻپ ٿي ته خبر پئي ته هو نصير آباد جو رهواسي آهي ته ڏاڍي حيرت ٿي. سندس تحقيق ايتري مشاهدي تي مبني آهي جو هر اڻ واقف کيس اتان جو رهواسي سمجهي ويهي ٿو. ڪتاب جو نالو ئي نرالو لڳي ٿو، پهريون دفعو پڙهڻ سان لغت ۾ جاچڻ جي ضرورت پوي ٿي. گفتگو دوران منصور ٻڌايو ته سنگهار مرد لاءِ ۽ عورتن لاءِ سنگهاريون لفظ ڪتب آندو آهي. سندس وضاحت کان اڳ مونکي ٻنهي ڪتابن جي نالي ۾ فرق ڪرڻ مشڪل پيش اچي رهيو هو. پهريون لفظ جنهن جي واحد سان مرد ۽ جمع سان عورت جو مفھوم نڪري رهيو هو. ***