ايڊيٽوريل

ملڪ معاشي استحڪام طرف روان دوان

                گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ جو مالي ۽ معاشي نظام لاهن چاڙهن ۾ هو. هڪ دور اهڙو به هو جڏهن پاڪستان جي معشيت ڪمزور هئي ۽ مالياتي ڏيوالي جي ڳالهه ڪئي پئي وئي. اڄڪلهه اسان جي مالياتي ۽ معاشي صورتحال بدلجي وئي آهي ۽ لڳي ٿو ته ملڪ ترقيءَ جي راهه ڏانهن هلي پيو آهي. اهو سڀ اسين صنعتي، زراعتي شعبي جي ترقي ۽ معاشي حالتن جي بهتر ٿيڻ کي محسوس ڪري سگهون ٿا.

                ڪنهن به ملڪ جي مالياتي بهتريءَ جا اشارا ان جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٿيل مالياتي ڪاروبار جي بهتري ۾ ڏسي سگهجن ٿا. اڄڪلهه اسٽاڪ ايڪسچينج جي هڪ سئو انڊيڪس ۾ زبردست تيزي آيل آهي ۽ ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپيو وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، يا ايئن کڻي چئجي ته رپيو پنهنجي ماليت کي گهڻي عرصي کان مستحڪم رکندو اچي. مهانگائي گهٽ ٿي آهي. تازو حڪومت تيل جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي آهي. ڪير چوندو ته هي اهو ملڪ آهي جيڪو ٻه سال اڳ معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو هو. پاڪستان ۾ انهيءَ بحران زبردست معاشي چئلينج سامهون آندا ۽ عام عوام لاءِ زندگي تمام گهڻي ڏکي ٿي پئي هئي. انهي معاشي بحران جي ڪري ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿيو ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري اسان وٽ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، مهانگائي چوٽ چڙهي وئي. ان جا ٻه بنيادي سبب هئا هڪ ته عالمي مارڪيٽ ۾ شين جون قيمتون وڌيون ۽ ٻيو سبب اسان جو پنهنجو سڪو ملڪي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪمزور ٿيو. نتيجي ۾ لڳو ته معاملا ڄڻ اسان جي هٿن مان نڪرڻ لڳا هئا ۽ ضرورت کان وڌيڪ کنيل قرضن جي ڪري ڏيوالپڻي جو خدشو وڌي ويو ۽ اسان کي انهيءَ زماني ۾ ادائگين جي توازن جي بحران کي به منهن ڏيڻو پيو. سبب انهيءَ جو هڪ ئي هو ته پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾ اسان وٽ ڊالر جا ذخيرا گهٽ ٿي ويا. انهيءَ زماني ۾ عالمي مالياتي ادارن اسان جي مدد ڪئي ۽ آءِ ايم ايف اسان سان معاهدو ڪيو ۽ وزيراعظم ميان شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ ملڪ ۾ سخت مالياتي قدم کڻي اسان کي مشڪل معاشي صورتحال مان ڪڍي ورتو. هينئر به پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 7 ارب ڊالر قرض جو اسٽاف ليول معاهدو ٿيو آهي، جنهن جي پهرين قسط اسان کي هن مهيني جي آخري ڏينهن ۾ لڳي ٿو ته ملي ويندي. هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته اسان جي ملڪ جا زرعي ۽ صنعتي بنياد بهتر آهن ۽ مضبوط به آهن. انهن پوئين ٻن سالن ۽ هن سال ۾ رڳو اسان جي زرعي پيداوار کي شمار ڪجي ته انهيءَ رڪارڊ سطح تي ترقي ڪئي آهي ۽ اسان زراعت جي پيداوار کي پرڏيهه به اماڻيو آهي ۽ نتيجي ۾ پرڏيهي ناڻي جي آمد اسان جي مالياتي نظام کي بهتر ڪيو آهي. زراعت ۾ ترقي ئي اهو ميدان آهي جيڪو اسان جا مالياتي مسئلا حل ڪري سگهي ٿو. هتي اهو ذڪر ڪندا هلون ته اسان وٽ معاشي معاملا دائمي بد انتظامي جي ور چڙهيل آهن. انهيءَ جي ڪري اسان کي ترقيءَ جي سفر ۾ رڪاوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

                اسين اهو سمجهون ٿا ته اڄڪلهه صنعت، زراعت ۽ ڪاروبار ۾ بهتري اچي رهي آهي، مهانگائي گهٽ ٿي آهي ۽ سرڪار تازو پيٽرول جي ليٽر ۾ 10 رپين جي گهٽتائي ڪئي آهي، ايئن ئي ڊيزل جي في ليٽر ۾ 13 رپيا گهٽتائي ڪئي آهي. اهي سڀ معاشي بهتري طرف اشارا آهن ۽ وفاقي سرڪار ۽ خزاني واري وزارت وٽ ايترا وسيلا آهن جو انهن تيل ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. سال 2022ع ۽ 2023ع جي ڀيٽ ۾ هن سال مهانگائي به گهٽي آهي ۽ ماڻهن سک جو ساهه کنيو آهي. جيئن ته اسين صنعت، زراعت ۽ واپار ۾ ترقي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون تڏهن اسٽاڪ ايڪسچينج جا انڊيڪيٽر ڏسجن ٿا ته انهن ۾ تيزي نظر اچي رهي آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج آف پاڪستان اسان جي مالياتي صورتحال جو هڪ طرح سان بئرو ميٽر آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج جون سرگرميون ٻڌائين ٿيون ته اسين مالياتي ۽ معاشي مسئلن مان گهڻي حد تائين نڪري آيا آهيون. گذريل ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج جي سودن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي ۽ انٽر بينڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر سستو ٿيو آهي. ڊالر جي موجوده قيمت 277 رپيا 80 پئسا آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ تيزي ۽ ملڪي رپئي جو ڊالر جي مقابلي ۾ مضبوط ٿيڻ مالياتي ۽ معاشي ترقي ڏانهن سڌو اشارو ڪن ٿا. معاشي ۽ مالياتي معاملن جو بهتر ٿيڻ ظاهر ڪري ٿو ته ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي.