بلاگنئون

شدت پسندي مذهب ۾ روا ناهي

شيون ورهائجو وڃن، صوفين صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو کان جديد معاشرن جي جوڙجڪ ۽ بنياد پرستي جو خوف، نائن اليون هجي يا نائين مئي هجي شيون ۽ ڳالهيون ورهائجي ٿيون وڃن. ماڻهن ۾ هڪ خوف به هجي ٿو ته آخر ڇا ڪجي؟ ڪنهن جي پاسي ٿي ڳالهائجي، ڪنهن جي وٽِ وٺجي يا ڪنهن کي صحيح ۽ غلط ڪجي. ان ڪري ته قانون ۽ اختياريون پاڻ نااهل ۽ ناقابل يقين ٿي پيون آهن. ڪورٽون پاڻ قانون کپائي گذارو ٿيون ڪن ته پوءِ ماڻهو ڇا ڪري، سوال گهڻا آهن، پر سوال وري به بيهي ٿو وڃي ته آخر رياستي قانونن جو ڇا ڪريون، جيڪي ممتاز قادري کي ان ڏوھ ۾ ڦاهي ٿا چاڙهين ته ڪير ڪنهن جي مٿان ائين قانون هٿ ۾ کڻي هلان نٿو ڪري سگهي. ڇو جو رياست جو قانون اڃان آهي، جنهن تي عمل درآمد ٿئي ٿو پيو ۽ ڪير به جيڪڏهن ڏوهي آهي ته ان جي آخر سزا هن رياست وٽ آهي. ان ڳالھ کان انڪار ناهي ته ڪير به ڪنهن مهل الهامي ڪتابن جي بيحرمتي يا بلاسفيمي ڪري ته ان کي ڇڏي ڏجي، پر ماڻهن ۾ رياست جي قانون جو هڪ مسلسل ڊپ هجي ته رياست پاڻ مسلمان آهي، اهڙي رياست جيڪا پنهنجي حڪمران کي غير مسلم تسليم نٿي ڪري. ڀارت وانگي ڪير به ڪنهن به مذهب جو صدر ۽ وزيراعظم نٿو ٿي سگهي. ان ڪري ته هر اهو پاڪستاني جيڪو نبي کي آخر زمان نبي مڃيندو ته اهو هن رياست جو صدر ۽ وزيراعظم ٿي سگهي ٿو ته پوءِ هن رياست جي باشندن کي ڪنهن به قسم جو خوف ۽ ڊپ نه هجي ته هيءَ رياست پاڻ پنهنجي سر ڪنهن به ملعون کي بخشيندي، پر قانون ڪنهن جي هٿ ۾ نٿو ڏئي سگهجي. جي ائين ڪبو ته هر ماڻهو ٻئي جي نظر ۾ ڪافر آهي يا سولو ڪري چئون ته هر مسلمان ٻئي جي نظر ۾ ڪافر آهي ۽ ڪافر ئي آهن جيڪي اسان کي مسلمان ٿا سمجهن ۽ سڏين. عام رعايا ان ڳالھ جو يقين ڪري ته رياست اڃان تائين مسلم آهي. ڪنهن به معاشري ۾ ڪنهن به قسم جو ڏوهه ٿي سگهي ٿو ۽ جي ان ڏوهاري خلاف قانون موجود آهي ته ان قانون تحت ڏوهاري کي سزا ڏيڻ رياست جو فرض آهي.

ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڏوهه ڪيو به هو ته ان کي به قانون مطابق ڪٽهڙي ۾ پيش ڪري ان کان ڏوهه بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ها ۽ جيڪڏهن هو ڏوهاري ثابت ٿئي ها ته کيس قانون مطابق سزا ڏني وڃي ها. اهو مهذب معاشرن جو طور طريقو آهي. اسان جي پياري نبي صلي الله عليه و آلهي وسلم جي زندگيءَ جو مثال ان ڪراڙيءَ جي ڪچري ڦٽي ڪرڻ مان به وٺي سگهجي ٿو جو پاڻ ان پوڙهي جي عمل جي برعڪس ان کان طبيعت پڇڻ ويا، جو ان پوڙهيءَ ان ڏينهن پاڻ ڪريمن تي گند نه اڇلايو هو ۽ پاڻ عملن ان شيءِ کي ڪري ڏيکاريون هئن ته جيئن انسانيت جا اعليٰ مثال ڪيئن قائم ڪري سگهجن ٿا ته انسانيت ڇاکي چئبو آهي، پر هاڻوڪي دور ۾ شدت پسندي کي هٿ وٺي هوا ڏني ٿي وڃي، جيڪا مذهب اسلام ۾ بنيادي اصولن جي خلاف آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي وات مان ڪو لفظ وهي ٿو وڃي ته ان جي پويان بندقون کڻي نڪري ٿا پون، پر اهي سڀ ڳالهيون جي رياست پاڻ ڪري ته انصاف جون تقاضائون پوريون نٿيون ٿين. ڪير به هاڻي اها ڳالھ نٿو چئي سگهي ته ممتاز قادري کي جسٽس ماريو يا شهيد ڪيو، پر رياستي قانون جي انحرافي ڪرڻ تي کيس رياست ڦاهي ڏئي ڇڏي ۽ ڪير به ان جسٽس جي در تي لڙي نه ويندو ته هن ممتاز قادري کي ڇو اها سزا ڏني. ان ڪري جو ڪوبه رياستي قانون کان مٿانهون ناهي. مڃون ٿا ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو ڪيس بگڙي ويو هو جي هو ڪراچي ڀڄي نه لڪي ها ۽ قانون جي سامهون اچي منهن ڏئي ۽ معافي تلافي به وٺي ها ته شايد صورتحال ايئن خراب نه ٿئي ها. هاڻي ته راءِ مختلف ٿي بيهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي مٿان ڳالھ نٿي بيهي يا اها ڳالھ به اجائي آهي ته هو نفسياتي مريض هو يا هن ڪو به گناھ نه ڪيو ته پاڻ لڪي نه ها جيڪا نيوٽرل راءِ ٿي بيهي، پر هاڻي ان جي لاءِ ڪابه راءِ ڏيڻ ڪيس ڪمزور ٿي ڪري، پر ان کان وڌيڪ ڪيس ان پوليس واري جو ڪمزور آهي جنهن رياست جي قانون کي هٿ ۾ کنيو.

هن وقت ملڪ جي صورتحال اها آهي جو عام ماڻهون ننڍن ننڍن مسئلن تي هڪٻئي کي مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، ٿا هڪٻئي جي ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا ۽ رياست بي خبر رهي ٿي. اسان سڀ هڪ سٺي مسلمان هجڻ جي ناتي ان ڳالھ جا حامي آهيون ته ڪير به ڪنهن جي مذهبي عقيدي کي گهٽ وڌ نه ڳالهائي، اهو  ئي اسان جي دين جو ڏنل سبق آهي. ڪير به الهامي ڪتابن، نبين جي شان ۽ خدائي ڪبريائي جي لاءِ ڪابه وائي وات مان نه آڻي، پر جيڪڏهن ڪنهن کان ڪو گناھ سرزد ٿئي ٿو ته رياست جو قانون حرڪت ۾ اچي ۽ ان ماڻهو کي مثال بڻائي، نه ڪي عام  ماڻهن کي اهو حق آهي ته اهي ان ماڻهو سان پنهنجي مرضي مطابق سلوڪ ڪري کيس ماري ۽ ساڙي ڇڏين، ڇو ته شدت پسندي هر صورت ۾ معاشري جي لاءِ نقصانڪار آهي. ڪنهن به سڌريل سماج ۾ جيئن شدت پسنديءَ جي گنجائش ناهي، ساڳئي طرح اسان وٽ به ان جي ڪا گنجائش ناهي. ڇو ته هي ملڪ طالبان نه هلائي رهيا آهن، هن ملڪ جو هڪ آئين آهي ۽ قانون موجود آهي، جنهن جي تحت هيءَ رياست هلي ر هي آهي. هاڻي رياست کي پنهنجي رٽ کي مضبوط طريقي سان استعمال ڪرڻ جو سوال پيدا ٿئي ٿو. سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ هتي رهڻ وارا ماڻهو سڀ صوفي منش آهن. رستي تي فرقيواريت جو گوڙ گهمسان ڏسي به چپ ڪري ٽپي ٿا وڃن، پر ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جو سوچي به نٿا سگهن. ڇو ته شدت پسندي هن خطي جو شيوو ناهي ۽ ڪير به ڪنهن جو دشمن ناهي، سڀ فرقا پنهنجي پنهنجي رنگ ۽ سمت ۾ مست ۽ الست آهن، ڪير ڪنهن کي ايذائي نٿو. ان ڪري شدت پسندي گهٽ ۾ گهٽ هتي نه هجي ۽ سڀ امن سا رهڻ ٿا چاهن، سڀني کي آرام ۽ سڪون کپي، ڪير به جنت ۽ دروزخ جي ٽڪيٽن وٺڻ لاءِ آتو ناهي، ڪير به جهادي تنظيمن جو ميمبر ناهي، ڀلي سڀ نمازي پرهيزي هجن به پر ڪير به ڪنهن جي لاءِ کڏ نٿو کوٽي، وڏن شهرن ۾ جنرل ضياءَ جي دور ۾ وڏي شدت ڏٺي وئي جو شيعن جون عبادتگاهون سنين جي هٿان محفوظ نه هيون ۽ شيعا سنين جي خلاف هٿياربند هئا، پر هاڻي ائين هرگز ناهي. ان ڪري ته مذهبي شدت پسندي جي جاءِ اسان جي خطي ۾ ناهي، ڪير ڪنهن جي ولين، خدائن، پيرن، فقيرن ۽ الله جي ٻانهن جي خلاف ناهي، سڀ درگاهن تي اچي وڃي سگهن ٿا، سڀ نمازون پڙهي ۽ پڙهائي سگهن ٿا. ان ڪري جو هي افغانستان ناهي نه ئي هتي طالباني دور جا ڪي باب رهيل آهن، ان ڪري امن سان رهون ۽ امن سان ٻين کي به جيئڻ ڏيون.

هڪ عام راءِ ۾ اها ڳالھ ڳولهڻ مشڪل آهي ته اهو ڪهڙو انسان آهي جنهن جي مارڻ سان سموري جهان جو قتل ٿيو وڃي يا اها راءِ به هڪ مسلمان جي لاءِ مخصوص آهي ته جيڪڏهن ڪو مومن مسلمان کي ماريندو ته معنيٰ ان سموري انسانيت جو قتل ڪيو، يا اها ڳالھ عالم جي لاءِ چيل آهي ته ”لڪم دينڪم ولي دين“ يا لااڪراه في الدين“ دين ۾ ڪا سختي ناهي، تنهنجو دين توسان ۽ منهنجو دين مون سان. ڪير ڪنهن جي قبر نٿو ڇڏائي ته پوءِ جهيڙو ڇا جو؟ يا انسانيت جو قتل عام ڇو؟ رياست جو قانون ڪنهن رانديڪي وانگي ڇو؟ قرآن شريف پاڻ اهڙا سبق پيش ٿو ڪري جنهن ۾ پنهنجي پاڙيسري جو خيال رکڻ به مومن جي نشاني ۾ هجي ٿو ته پوءِ ضروري ناهي ته هر پاڙيسري مومن ئي هجي، ان جا مثال مغربي دنيا مان به وٺي سگهجن ٿا. ان ڪري انسانيت جي تعظيم ۽ عزت ديني فرضن ۾ شامل آهي.