اي ڀٽائي تهنجي نگريءَ مان امن موڪلائي ويو۔ انتها پسندي عروج تي آهي، ويساھ گهاتين ۽ بدامنيءَ جي ور چڙهيل ماڻهپو زوال جو شڪار آهي. اي امن ۽ قانون جي هام هڻندڙو، سي ايس ايس پاس ڪري پوليس جا وڏا آفيسر بڻجي لنڊن مان ڪرمنالاجي ۾ ڊاڪٽريٽ ڪري اچي پنهنجا هٿ پنهنجي ڀائرن جي رت سان رنڱيندڙ پوليس وارئو، اي اسان جي حفاظت تي مامور محافظو، جيڪڏهن اسان کي توهان مان ئي خطرو آهي ته پوءِ پنهنجن گهرن ۾ به محفوظ ناهيون. اي پنهنجي عقيدن جا پوڄاري، پنهنجي فرض جي منهن تي هيئن دانگي ته نه مليو. شڪ جي بنياد تي هيئن، بستين کي ته نه جلايو، وسندين ويڙهن کي نه اجاڙيو، ننگر ننگر بن بن کي ته نه باھ ڏيو.
اي ايڪيهين صديءَ جا اداس ۽ بيمار نسلَ، هر تماشي ۾ ڪجھ پل ساٿ ڏئي، پنهنجي گهٽيل ٻوساٽيل آواز جي گوڙ سان آسمان مٿي تي کڻندڙ تماشبينو، هن تيز رفتار ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾جتي سهولتون ٿيون آهن، اهنج سهنجن ۾ بدليا آهن، اتي اها ٽيڪنالاجي ايتري ئي خطرناڪ پڻ بڻجي وئي آهي جو کن پل ۾ گهر اجاڙيو ڇڏي. زندگي لاشن ۾ تبديل ٿيو وڃي، توهان لنڊن مان ڊگريون کڻي، پي ايڇ ڊي ڪري به ساڳي جا ساڳيا تاتاري، ارغون ۽ ترخان آهيو؟ ڇا مخدوم بلاول جو گهاڻي ۾ پيڙجهندڙ جسم، سرمد جو لال لهو ٿيل لاش، منصور جو قتل تاريخ نه ڏٺو هو؟ انهن جا اسباب ڪهڙا هئا؟ ساڳيا ئي هئا جيڪي سنڌڙي جي روڊن تي تاريڪ رات ۾ توهان سر انجام ڏنا، بس رڳو نالا تبديل هئا، چهرا تبديل هئا، باقي جهالت، نفسيات ۽ حيوانيت ساڳي هئي، ڪجهه به نه بدليو آهي جاهلو..
تحقيق کان سواءِ شڪ جي بنياد تي، هر روز خون وهندا، پوءِ ڀلي کڻي اهو سري کان قصوروار ئي نه هجن۔ ڇا سنڌڙيءَ جي مقدر ۾رڳو ماتم لکيل آهي؟ روز جنازه کڄن ۽ روڄ راڙا ٿين.
اسان جي نصيب ۾ اوندهه، هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ تي ماٺ لکي وئي آهي۔
اسان جي تنگ نظري ۽ جنون پڻو، ڪٿي نئين نسل کي نه ڀوڳڻو پوي، نئين نسل جا ڪومل گل، اسان جي پوکيل ڪنڊن تي هلي ڪٿي پنهنجا پير نه زخمي ڪري وجهن ۽ منزل کان ڀٽڪي نه وڃن. اسان وٽ موجود انڌو منڊو شعور به ڪٿي موڪلائي نه وڃي۔ اڄ امر ڪوٽ جي هوائن ۾ هڪ سرد لاش جنهن کي جنونين مٽي ماءُ حوالي به ٿيڻ نه ڏنو۔ اهو لاش اهو ڀٽڪندڙ روح اوهان کان پڪاري پڪاري سوال ٿو پڇي ته ظالمو مون کي صفائي جو موقعو ڇو نه ڏنو ويو، منهنجي ڳالهه ته ٻڌو ها؟ جيڪڏهن مان ڏوهاري ثابت ٿيان ها پوءِ ڀلي مون کي قانون مطابق سزا ڏيو ها، ماري ڇڏيو ها۔ اي وقت توکي ڏوراپو ڏيندس تو اهڙا منظر خاموش بيٺي ڏٺا. سنڌ جو شعور پڪاري پڪاري اپيل ٿو ڪري ته غير جانبدار انڪوائري ڪرائي انهن ڪردارن کي بي نقاب ڪيو وڃي ۽ عبرتناڪ سزا ڏني وڃي!