ايڊيٽوريل

ڇا سنڌ حڪومت وٽ اهل آفيسرن جي کوٽ آهي؟

                        حڪومت پنهنجو ڪاروهنوار سندس وٽ موجود فرض شناس ذميوار ايماندار ۽ اهل آفيسرن جي ذريعي هلائيندي آهي. هرهڪ آفيسر کي پنهنجي عهدي تي سندس مقرر ڪيل ڪم ڪرڻو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته ڪجهه وقت جي لاءِ ڪنهن آفيسر کي اضافي چارج پڻ ڏني ويندي آهي، جيستائين ان عهدي تي ڪو اهل افسر نه اچي تيستائين ڪم رڪجي نه ۽ گورنمينٽ جو ڪاروهنوار هلندو رهي، پر هن وقت مين ميڊيا تي خبر هلي آهي ته سنڌ حڪومت جي هڪ خاتون آفيسر جيڪا 19 گريڊ ۾ لوڪل گورنمينٽ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، کيس هڪ اضافي چارج نه پر ٽي اضافي چارج مليل آهن.

                        مطلب هڪ ئي وقت چار عهدن تي هڪ آفيسر کي مقرر ڪيو ويو آهي، انهيءَ کي اسين ڇا چئون؟ صرف اها هڪ ئي آفيسر اهل آهي؟ سنڌ گورنمينٽ وٽ ٻيو ڪوبه آفيسر نه آهي جيڪو انهن عهدن تي اچي ڪم ڪري سگهي يا انهيءَ خاتون آفيسر تي خاص مهرباني آهي اها ڳالهه ته سنڌ گورنمينٽ ٻڌائي سگهي ٿي. اهڙي قسم جي پوسٽنگ سان تاثر اهو جڙي ٿو ته هنن آفيسرن کي مخصوص شرطن تي اهڙي قسم جون پوسٽون ڏنيون وينديون آهن جن کي عرف عامه ۾ اسان سڻبيون سيٽون چوندا آهيون. مطلب انهن سيٽن جي اختيار ۾ پئسي جي ريل پيل گهڻي هوندي آهي ۽ پوءِ اهي پئسا ڪيڏانهن ويندا آهن اهي ته ان وقت ڳالهيون کلنديون آهن جڏهن اهڙي قسم جا آفيسر اربين رپين جي رشوتن جي الزام ۾ نيب جون انڪوائريون ڀوڳيندا نظر ايندا آهن. يقينن سنڌ ۾ اهل آفيسرن جي کوٽ نه آهي، پر انهن جي شايد اعليٰ اختيارين وٽ رسائي نه آهي، ان ڪري اهي او ايس ڊي بڻجي سيڪريٽريٽ جي آفيس کي رونق بخشيندا رهندا آهن، يا پنهنجي پوسٽنگ ڪرائڻ جي لاءِ وزير صاحبان جي آنڪي ڀريندي نظر ايندا آهن. ڪيترائي ايماندار آفيسر جيڪي اهڙي قسم جي سسٽم جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار نه آهن انهن کي ڪڏهن به اهڙي قسم جي سهولت ميسر نٿي اچي. خود آفيسرن ۾ پڻ احساس ڪمتري جو خيال اچڻ شروع ٿئي ٿو، جڏهن اهي ڏسن ٿا ته هڪ آفيسر چار چار عهدا رکيو ويٺو هجي ۽ ان کان بهتر آفيسر بنا ڪنهن عهدي جي او ايس ڊي لڳا ڪمري تائين محدود هجن. يقينن انهن کي تڪليف ته ايندي هوندي. سنڌ گورنمينٽ جي انهيءَ  پاليسي جنهن اقربا پروري ذريعي پنهنجي پسند جي آفيسرن کي ۽ مبينا طور تي لين دين جي ذريعي مقررين کي سنڌ سرڪار جي ڪاروهنوار کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. جيڪا بجيٽ سنڌ جي ترقي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي انهيءَ جو وڏو حصو وچ ۾ خرچ ڪيو وڃي ٿو، باقي ترقياتي ڪمن ۾ نه هجڻ جيترو حصو بچي ٿو ۽ اسان چوڦير نظر ڦيرايون ٿا ته سنڌ جا روڊ رستا هجن، سنڌ جا اسڪول هجن، انهن جون عمارتون هجن کنڊر بڻيل نظر اچن ٿا ۽ سنڌ گورنمينٽ جا وزير اکيون پوري سنڌ جي ترقي جو راڳ ڳائيندي نظر اچن ٿا. ايستائين جو اهو به چون ٿا ته پنجاب گورنمينٽ کي ترقي ڏسڻي آهي ته ان کي سنڌ ۾ اچي ڏسڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ آفيسر کي چار عهدا ڏنا وڃن ۽ ٻيا آفيسر ڪجهه نه ڪندا هجن پوءِ سنڌ گورنمينٽ جي ترقي جي دعويٰ کي اسان ڪيئن درست سمجهون.

                        اسان جو ڪنهن به آفيسر سان وير نه آهي، پر اسان جي سمجهه مطابق هڪ آفيسر ڪيترو به اهل هجي ڪيترو به محنتي هجي ته ڇا هو هڪ ئي وقت چئن عهدن کي صرف ٽائيم ڏئي سگهي ٿو؟ جواب آهي نه. سنڌ گورنمينٽ جي اهڙن قدمن سان سندن پت وائکي ٿئي ٿي. يقينن سنڌ گورنمينٽ ۾ ويٺل ماڻهن جو عقل ايترو ڪمزور نه هوندو ته هو سمجهي سگهن ته سندن اهڙن عملن جو سنڌ جي عوام وٽ ڪهڙو پيغام ويندو، پر انهن کي سنڌ جي عوام جي پرواهه نه آهي. انهن جي ذهن ۾ ڪٿي به اها ڳالهه نه آهي ته کين سنڌ جي عوام کي جواب ڏيڻو پوندو. سچ ته اهو آهي ته سنڌ جو عوام گذريل سورنهن سالن کان ويٺل حڪومت کان سوال ئي نٿو ڪري ته پوءِ حڪومت جواب ڪيئن ڏيندي.