جھٽ سوا لاءِ عدالت جي ڪمري ۾ سانت ڇانئجي وئي. فقط ھڪڙي سنھي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. جنھن کانپوءِ روبوٽ جج جواب ڏنو؛ “درخواست منظور ڪئي ٿي وڃي.”
ڪيلٿ سوچيو؛ ‘ھڪڙو آزاد سرڪٽ، تحرڪ ۾ آيو آھي. اپيلون بنا ڪنھن وقفي وجھڻ جي جھٽ منظور ٿي ٿيون وڃن. ھڪڙي ڇسي ڪوشش آهي، جنھن جو ڪو کڙ تيل نٿو نڪري’. ھو اٿي بيٺو ۽ ادب منجھان نِوڙندي چيائين؛ “اوھان جو ڀاڳ اڃان اتم ٿئي يوئر آنر!”
اڄڪلھ اھي تھذيب وارا لفظ ۽ احترام سان نِوڙڻ، فقط ھڪڙي رسم واري حيثيت ٿا رکن، جنھن تي ٻيا وڪيل ورلي ئي عمل ڪندا ھئا. ليڪن ڪيلٿ گھڻن ئي معاملن ۾ ماضي پرست ھو. ھو روايتن جو امين ھو ۽ انھن کي پسند ڪندو ھو.
اھا، ان ڏھاڙي جي پڇاڙڪي پيشي ھئي. جيئن ئي ڪيلٿ دروازي ڏانھن وڌيو، ڪورٽ جو منشي، جيڪو ننڍي قد جو جانٺو جوان ھو، سو ميز تي جھڪيو ۽ روبوٽ جج جو بٽڻ بند ڪيائين.
ڪيلٿ، پنھنجي آفيس ۾ پھتو ته گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو. ھوريان ھوريان پنھنجي وڪالت وارو گائون لاھڻ شروع ڪيائين. ھو ڊگھو، سنھڙو ۽ گول ڪلھن وارو ڪراڙو شخص ھو ۽ نرالي انداز ۾ ڳالھ جو منڍ ڪڍندو ھو. ڄڻ ڪو فيصلو ڪري نه سگھندو ھجي. بھرحال، جيئن ئي ھو ڳالھائڻ ۾ شروع ٿيندو، تيئن ئي پھريون تصور ڪافور ٿي ويندس. سندس تقرير زوردار ۽ اثرائتن لفظن جي چونڊ تي ٻڌل ھوندي ھئي ۽ ذھن جي نرالي نفاست کي ظاھر ڪندي ھئي. ھو پنھنجي پيشي واري زندگيءَ جي اوج تي لڳ ڀڳ شڪست ڏيڻ جي ناقابل سمجھيو ويندو ھو ۽ اڄ به پنھنجي پيشي ۾ مڙني کان ڏاڍن وڪيلن منجھان ھڪ ھو. ھن احتياط سان پنھنجو گائون ويڙھيو، پوءِ پشمي وارن واري وگ لاٿائين ۽ ٻئي، پنھنجي الماريءَ جي مٿئين خاني ۾ رکيائين. ھو اڃان به پنھنجي خيالن ۾ ٻڏل ھو.
مسئلو ھيءُ ھو ته ھيءُ پنھنجي مؤڪل ھينري ووڊس کي ڀانئيندو ئي نه ھو. جيڪو ٿلھو ۽ وزنائتو ماڻھو ھو. سڄي ٻڌڻيءَ دوران، سندس پگھر پيو لاڳيتو وھندو ھو ۽ ھو رڙيون ڪري انصاف جي گھُرَ ڪندو ھو. ھو پنھنجي سزا جي معافيءَ جو طلبگار ھو ۽ ان ڳالھ تي زور ھئس ته ڪيلٿ کي ڪنھن به صورت ۾فيصلي جي خلاف اپيل ۾ وڃڻ گھرجي. ھن کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ ئي نه پئي آئي ته جج آڏو نِوڙڻ واري مھذب عادت وانگر، اپيل به محض ھڪڙي رسم آهي.
ووڊس پنھنجي زال کي ماري وڌو ھو. جنھنڪري ڪيلٿ جو خيال ھو ته ھي پاڳل آهي… ڇو جو جن ماڻھن جو چَيتو جاءِ تي ھوندو آهي، سي خون نه ڪندا آھن.
ڪيلٿ اھا ڳالھ چڱيءَ طرح سمجھي پئي ته اپيل تي ٻي ڪورٽ جو جج به اھڙيءَ طرح ثبوتن ۽ دليلن جي جاچ ڪندو. وري جيڪڏھن ووڊس آخري ڪوشش لاءِ زور ڀريو ته سپريم ڪورٽ جو جج به ائين ئي ڪندو. سمورا ساڳيءَ طرح سوچيندا آھن. ھر مقدمي جي لاءِ اپيل ۾ وڃڻ جي گنجائش ضرور ھوندي آهي ۽ اپيليٽ ڪورٽ ڏني به ويندي آهي، مگر ان جو مقصد ٽيڪنيڪل خرابين يا غلط پروگرامنگ کي تحفظ پھچائڻ کانسواءِ ڪجھ نه ھوندو آهي.
ڪيلٿ آھَ ڀري. کيس اڃان به اھي ڏھاڙا ٿورا ٿورا ياد آھن. جڏھن ھيءُ ڪم، کيس اطمينان بخش لڳندو ھو. اھا، ان کان اڳ جي ڳالھ آهي. جڏھن رياست، انساني فيصلن ۾ اچڻ وارين خامين ۽ غلطين کي ڏسندي، انساني ججن کي ھٽائي، روبوٽ جج مقرر ڪري ڇڏيا ھئا ته جيئن ماڻھن کي اڇو اجرو انصاف پِڙ پئجي سگھي ۽ عدليه جو وقار پڻ برقرار ھجي. جديد روبوٽ جج، جذبات جا تابعدار نه ھئا. اھي قانوني ورن وڪڙن واري ڪنڊيدار جھنگ ۾ آسانيءَ سان اڳتي وڌندا ھئا. ڪيلٿ، انھن نون ججن کان سدائين نفرت محسوس پئي ڪئي.
ڪيلٿ، جھٽ رکي آفيس منجھان نڪتو ۽ ھوريان مگر وقار واري وک کڻندي، ورانڊي مان لنگھي ھال جي ھيٺان جھونن پٿرن جي ڏاڪڻ ڏانھن وڌيو، جيڪا چاوڙيءَ ڏانھن پئي وئي. سندس نرڙ تي پريشانيءَ سبب گهنجيل هو. ھو ووڊس سان ٿيل ڳالھ ٻولھ تي غور ڪري رھيو ھو ۽ معاملي کي چڱيءَ طرح سمجھي ويو ھو. بلڪه شروع کان ئي بلڪل نااميد ھو. اھو مقدمو کڻڻ وقت به سندس ذھن ھڪ ھنڌ نه ھو. ھن ڪيترائي ڀيرا سوچيو ته مقدمو نه کڻان.
جڏھن ھو پٿرائين ڊگھي ڏاڪڻ ذريعي ھيٺ لٿو ته ائين لڳو ڄڻ پوري عمارت اندر ڪوبه ساھه وارو ڪونھي. پوءِ وڃي پري چاوڙيءَ جي ٻنڀي تي نيري وردي پاتل وارڊن اڪيلو ويٺل نظر آيس. اھو به ڇرڪ ڀري سڌو ٿيو، ليڪن جڏھن ھن ملاقاتيءَ کي سڃاتائين، تڏھن وڃي ساھ ۾ ساھ پيس. ڪيلٿ، ڪنڌ لوڏيو ۽ جيستائين وڃي وارڊن چاوڙيءَ جو ڳرو در کوليو، تيستائين بي تعلق بڻيو بيھي انتظار ڪرڻ لڳو. پوءِ ٻئي گڏجي چانئٺ ٽپيا ۽ دروازو پويان بند ٿي ويو. ورانڊي منجھ دريون ڪو نه ھيون. اھو لڪيل فرشي بتين سان روشن ٿيل ھو. ووڊس واري ڪوٺڙي ورانڊي جي پڇاڙيءَ ۾ ھئي. وارڊن ھڪڙي ٻي چاٻي ڳولي، قلف ۾ وڌي ۽ جيئن ئي دروازو کليو ته ھو ڪيلٿ کي رستو ڏيڻ خاطر پاسي تي ٿي بيٺو.
ڪوٺڙي، صفا ننڍڙي ھئي. ڪيترن ئي سالن کان منجھس ڪا تبديلي ئي نه آئي ھئي. منجھس فرنيچر جي نالي تي فقط ميز ۽ ڪاٺيءَ جي بينچ رکيل ھئي. چاوڙين جي خاتمي کان اڳ، ڪو به اھڙيون ڪوٺڙيون برداشت نه ڪندو ھو. جيئن ته ھيءَ ھڪ عارضي حراست ۾ رکڻ واري جاءِ ھئي، جتي جوابدار کي مقدمي جي ٻڌڻيءَ کان جھٽ دير اڳ ۽ جھٽ گھڙي پوءِ وقت ٽپائڻو ھوندو ھو. جتان کيس صحت مرڪز موڪلبو ھو يا اتان ڇُٽي ويندو ھو. ووڊس کي به توقع نه ھئي ته ڪو کيس ڪنھن آرامده مرڪز تي حراست ۾ رکيو ويندو، جتي ھو تيستائين رھندو، جيستائين سندس اپيل تي غور نه ٿو ڪيو وڃي.
جيئن ئي ڪيلٿ ڪوٺڙيءَ ۾ گھڙيو، تيئن ئي ووڊس بينچ تان ٽپو ڏئي اٿيو. ھو ٿلھو ۽ گنجو ھو، جيڪو ھر وقت گھٻراھٽ جو شڪار نظر ايندو ھو. عام طور اھڙي قسم جا ماڻھو ڪنھن زماني ۾ بينڪ ۾ ڪلارڪ يا سرڪاري آفيسر طور ڪم ڪندا ھئا. پوءِ جڏھن سندن جاءِ تي روبوٽ اچي ويا ته ھنن پاڻ کي بيروزگارن جي لسٽ ۾ ئي ڏٺو. اتي اھي مرد ۽ عورتون ھئا، جيڪي ڪو به ڪم ڪو نه ڪندا ھئا ۽ نه وري ڪو کين ڪم ڪرڻو ئي ھو. ليڪن ھڪڙي پاڻ-ڀري رياست، وڏي جگر گردي سان، سدائين سندن ڪفالت جي ذميوار ھئي. کين اھڙي عيش ۽ آرام واري زندگي مليل ھئي، جيڪا نيٺ بوريت کي ڄڻيندي آ ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته اھي ماڻھو چريا به ٿي ويندا ھئا. ائين ٿو لڳي ته ھينري ووڊس سان به ائين ئي ٿيو ھو. جيئن جيئن وقت وھندو ويو، کيس سڀ ڪجھ ملندو رھيو، جيڪو ھو گھرندو ھو. روبوٽي نوڪرن واري ست-ماڙ حويلي، سندس ذاتي استعمال لاءِ ٽي ڪارون، موسم سان موافقت رکندڙ ٻه سوئيمنگ پول، ننڊ جي جبلن جي ھڪڙي فلم ۽ اھڙي نموني جا ھزارين رانديڪا… انھن مڙني عياشين جي ھوندي به ھينري ووڊس جا وار وقت کان اڳ اڇا ٿي ويا ھئا. سندس بت، سدائين پگھر ۾ ڀنل هوندو هو ۽ ھو پنھنجي مخالف سان اکيون اکين ۾ وجھي ڳالھائي نه سگھندو ھو. ھڪ ڏھاڙي، جڏھن موسم ڏاڍي وڻندڙ ھئي، ھو پنھنجي زال کان اڳي جاڳيو ۽ اٿڻ سان سندس ڳچي مروڙي ڇڏيائين.
—
ووڊس، ڪيلٿ جي ويجھو ھليو آيو۽ ساڻس ڳالھيون ڪرڻ بيٺو؛ ”مسٽر ڪيلٿ! مون سمجھيو پئي ته اوھان ھتي ڪو نه ايندئو. اپيل جي اجازت ملندي ئي، ھنن مون کي واڙي ڇڏيو آهي ۽ ھتي منھنجي مغز ۾ اٿندڙ وسوسن کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ناھي…. ھي سڀ مون کي چريو ڪري ڇڏيندا.“
ڪيلٿ، چُپڙي ڪري کيس ڏسندو رھيو. ووڊس جي وڏن دوڏن کي ڏسي، کيس خيال آيو ته ھيءُ ته ميزڪل نالي ڊرگ استعمال ٿو ڪري، جنھن الڪوحل تي پابندي پوڻ کان پوءِ، ان جي جاءِ والاري آهي.
ھن ٻنھي ھٿن سان، ڪيلٿ جي ڪلھن کي ڀڪوڙ ڏيندي چيو؛ ”مون کي ٻڌاءِ! منھنجي سزا معاف ٿيڻ جا امڪان ڪيترا آھن؟ اھا به خبر ھجئي ته مان سچ سچ ٻڌڻ ٿو چاھيان.“
ڪيلٿ، بيزاريءَ مان کيس ڏٺو. ھن ڏکئي وقت ۾ به، ووڊس جو رويو بڇڙو ھو. جھٽ رکي، ھن جھيڻي لھجي ۾ ورندي ڏنس؛ ”مسٽر ووڊس! تنھنجي ڇٽي وڃڻ جا امڪانَ، نه ھئڻ جي برابر آھن. اپيل، ھڪڙي رسمي ڪارروائي آهي، جنھن سان جھٽ سوا جي وٿي ملي ويندي آهي.. مگر، نتيجو مٽبو ناھي. اپيليٽ جج به اڄوڪي فيصلي جي ئي توثيق ڪندا.“
ووڊس، دوڏا ڦوٽاري، حيرت منجھان کيس ڏٺو. سندس مٿي مان پگھر ٽمي، چپن تائين اچي پڳو ھو، جتي اڳي ئي پگھر-ڦڙا ٽميا پئي. ”اھو نه ٿو ٿي سگھي مسٽر ڪيلٿ! مھرباني ڪري ڪجھ ڪر! انھن مشينن کي شڪست ڏيڻ جو ڪو نه ڪو طريقو ھوندو. تون ذھين ماڻھو آھين ۽ تو روبوٽڪ علم جو مطالعو پڻ ڪيو آھي.. رب جي واسطي ڪجھ ڪر!“
ڪيلٿ ڄاتو پئي ته پاڻ سندس مدد نه ڪري سگھندو. ھيءُ ووڊس جي پڪڙ مان جان آجي ڪرڻ واسطي ھڪڙي وک پوئتي ھٽيو ۽ چيائين؛ ”تو پنھنجي زال کي ماري ڇڏيو آهي. تو کي لڳي ٿو ته ان کان پوءِ به ھوءَ تنھنجو ساڳيو مقام قائم رکندي؟“ ھن گھڙي کن ترسي، پنھنجي مؤڪل کي ڏٺو. وري چوڻ لڳو؛ ”منھنجي سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته تون ايترو ھل بکيڙو ڇو پيو ڪرين؟ جڏھن مون وڪالت شروع ڪئي ھئي، تڏھن اھڙي ڏوهه جي سزا، موت ئي ھو.“
ووڊس، ھورڙيان ٿي ڪري، پوئتي ھٽيو ۽ ڪاٺيءَ جي بينچ تي ويھي رھيو. پوءِ مايوسيءَ وچان چوڻ لڳو؛ ”مرڻ ئي بھتر آهي. مون ڏٺو آهي ته ليوڪوٽاميءَ (چريائپ جي علاج جي سرجري) کان پوءِ ماڻھو صفا بدلجي ٿو وڃي. ھو پنھنجي سڃاڻپ ئي وڃائي ويھندو آهي. پر توکي ڇا جي ڳڻتي آهي. سرجري ته ھو منھنجي ڪندا.“
ڪيلٿ، دل ئي دل ۾ آھ ڀري. اھڙين حالتن ۾ ھو پاڻ به ڊرگز جي ٻاڙ محسوس ڪندو ھو؛ ”مسٽر ووڊس!“ ھن تحمل سان سرٻاٽ ڪيس؛ ”تو کي پھرين سٽ ته اھا ڳالھ مڃڻ گھرجي ته تنھنجي سرجري ٿيندي. ڇو جو تو پنھنجي زال کي ماري وڌو آهي ۽ تون قانوني طور تي پاڳل آھين. اھو فيصلو اڄ ٻڌايو ويو ۽….“
ٻاھر نڪري، ووڊس ناراضگيءَ مان چيس؛ ”اوھان مون کي بي ڏوھي ثابت ڪرڻ لاءِ، ڪا ڪوشش ئي نه ڪئي. ھڪڙو لفظ به واتان نه ڪڍيو. جيڪڏھن اوھان ڪجھ ڳالھائيندئو نه ته پوءِ مقدمو ڪيئن کٽنداسين؟“
”مسٽر ووڊس! منھنجو مقصد، ان کي کٽڻ نه ھو.“ ڪيلٿ چيس.
کيس دل جي اٿاھ گھراين سان افسوس پئي ٿيو ته پاڻ ووڊس جو دفاع ڪرڻ تي راضي ڇو ٿيو. ھيءُ سدائين روبوٽ ججن کي ناپسنديدگيءَ سان ڏسندو ھو. مگر ھن مؤڪل جي ھن فعل کيس ونگي وڌو ھو. ھيءُ شخص نه فقط قاتل ھو، پر ھڪڙو بيوقوف پڻ ھو.
ڪيلٿ آھ ڀري ۽ چيائين؛ ”مسٽر ووڊس، اوھان پاڻ کي ڏوھي سمجھو ڇو نه ٿا؟ اپيل ته ٺلھي رسمي ڪارروائي آھي. جج، مقدمي جي فائيل جو جائزو وٺندا، ٻيو ڪجھ نه….. مان ڪلاڪ کن جي ڊگھي تقرير ڪري سگھان ٿو ۽ عدالت کي نرميءَ جي درخواست ڪري سگھان ٿو، ليڪن اھو وقت جو زيان آهي. اسان ھتي انھن ماڻھن سان ڪو نه ٿا ڳالھايون پيا، جن کي جذباتيت جي ذريعي سان قائل ڪري سگھبو آهي. اسان جو ڪم، روبوٽ سان پيو آهي.“
”سپريم ڪورٽ اڃا موجود آهي.“ ووڊس، گھرو ساھ کڻندي چيو.
—
اڏاوت جي فن جي لحاظ کان سپريم ڪورٽ، اپيليٽ ڪورٽ سان گھڻي مشابھت رکندڙ ھئي. ليڪن طريقي ڪار جي حساب سان بنيادي طور تي مختلف ھئي. اپيليٽ ڪورٽ جي جج، ڏاڍو خاموشيءَ ۽ انتھائي سنجيدگيءَ سان فائيلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ھئي. جڏھن ته سپريم ڪورٽ جي جج، انھن کي وڏي واڪ پڙھڻ شروع ڪيو. انھيءَ دوران، ڪيلٿ کي ڪنھن به نئين نُڪتي جو واڌارو ڪرڻ جو اختيار ھو، جنھن سان مؤڪل کي فائدو پھچندو ھجي، مگر ڪيلٿ جي لاءِ اھو سمورو عمل، منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين، نااميديءَ جو مظھر ھو. تنھنڪري چپڙي ڪري، ويٺو رھيو.
ووڊس، ڪرسيءَ تي ويھي بيچينيءَ منجھان پاسا ورائيندي، روبوٽ جج جي ڪنسول يونٽ مان پنھنجي ڏوھ جا ثبوت ٻڌي رھيو ھو، جيڪي ڪنھن جابلو نئن جي وھڪري وانگر وھندا پئي آيا. عدالت جو سيڪريٽري، کلمک مزاج جو نوجوان ھو. جنھن جديد فيشن جو رنگين چشمو، نڪ تي ٽيڪي رکيو ھيو. اھو ڪرسيءَ تي ويٺي، ماتحتيءَ واري اقرار ۾ ھر ھر ڪنڌ لوڏي رھيو ھو. جنھن مان لڳو پئي ته ڪنھن به لمحي چشمو ڪري، وڃي جج جي پيرن ۾ پوندو.
ڪيلٿ، اکيون پوري، پنھنجي ڪرسيءَ جي پٺ سان ٽيڪ ڏني ھئي. اچانڪ کيس ووڊس جي پاڙيسرڻ مسز اين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. جنھن جو بيان، شاھد طور ورتو ويو ھو. اھا چئي رھي ھئي؛ ”يوئر آنر! مان سچ ڳالھائيندس. سچ کان علاوه ڪجھ نه ڳالھائيندس.“
ڪيلٿ، ھڪدم سڌو ٿي ويٺو. سندس لاشعور، روبوٽ جج کي ٿيڙُ ڏيڻ لاءِ، ھڪڙي واھ ڪڍي ورتي ھئي. جنھن تي عدالت يا قانون، ڪو به اعتراض نه پئي ڪري سگھيو.
”جڏھن ڪا عدالت، تان جو سپريم ڪورٽ به جڏھن ڪنھن شاھد کي گھرائيندي آھي ته شاھد لاءِ لازمي ھوندو آھي ته بزرگ ۽ برتر خدا جو نالو وٺي حلف کڻي. ان کان پوءِ رياست، خدا کي فيصلي کان مٿانھون رکندي آهي، يوئر آنر! ٻي صورت ۾ سپريم ڪورٽ يا جج جو نالو وٺي حلف ورتو وڃي ھا.“
ڪيلٿ، پنھنجي دليل جي حقيقت پسندانه پاسي کان چڱيءَ طرح واقف ھو. ان تي ھڪڙو انساني جج، گھڻو اڳي کيس توھين عدالت لاءِ جوابدار ٺاھي چڪو ھجي ھا. ليڪن روبوٽڪ جج، مختلف طريقي سان جوڙيا ويا ھئا. اھي صحيح دليلن ۽ کل ڏياريندڙ دليلن ۾ تيستائين فرق نه ڪري سگھندا ھئا، جيستائين دليل منطقي نه رھن ۽ سندن بڻايل پروگرامن جي خلاف نه ھجن.
ڪيلٿ، ھڪڙو ڊگھو ساھ کنيو ۽ چيائين؛ ”مان ھڪڙي تجويز پيش ڪيان ٿو ته ڪيس خدا ڏي، سپريم جج جي طور تي موڪليو وڃي. جنھن کي رياست، مڃيو ويٺي آهي.“
اھو چئي، ھيءُ خاموش ٿي ويو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو.
جج، بجليءَ سان ھلندڙ مشين جي مشڪل سان محسوس ٿيندڙ کڙڪن جي وچ ۾ پڇيو؛ ”مسٽر ڪيلٿ….! جيڪڏھن مان اوھان جي درخواست تي عمل ڪيان ٿو…… ته پوءِ اوھان اپيل ڪرڻ جي تجويز ڪيئن رکندئو؟“