18 آڪٽوبر 2007 ڪار ساز واقعو پاڪستان جي تاريخ ۾ سياهه ترين باب طور هميشه ياد رهندو. هن واقعي کي 17 سال گذري چڪا آهن، پر هينئر تائين هن واقعي جا اصل جوابدار قانون جي گرفت ۾ نه اچي سگهيا آهن. اٺن سالن جي جلاوطني ختم ڪرڻ کانپوءِ محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو دبئي کان وطن واپس اچي رهئي هئي ۽ محترمه شهيد راڻي شيڊيول مطابق پاڪستان پهچڻ بعد عوامي ريلي جي صورت ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري کانپوءِ مزار قائد گرائونڊ ۾ عوامي ريلي کي خطاب ڪرڻ جو پروگرام رٿيل هو. ڪراچي جي روڊن رستن تي شهيد راڻي سان والهانا عقيدت ۽ محبت ڪندڙ ڪارڪنن، جيالن ۽ سياسي قيادت جو انساني سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو. ايئرپورٽ روڊ کان وٺي شاهراهه فيصل جي ٻنهي روڊن جي ٽريڪ تي پنجويھ لک کان به وڌيڪ عوامي هجوم محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي استقبال لاءِ ڪراچي جي رستن تي موجود هو، جڏهن محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿو ۽ ان مھل شهيد راڻي سان والهانا عقيدت ۽ احترام ڪندڙ ڪارڪنن، جيالن، پ پ پ، ورڪرن ۽ ايم پي ايز، ايم اي ايز جي هٿن ۾ ويلڪم ويلڪم بينظير ڀٽو ويلڪم جي پمفليٽن ۽ جهنڊن سان گڏوگڏ بينظير آئيگي روزگار لائيگي ۽ وزيراعظم بينظير جي پرجوش نعرن سان ڪراچي جا روڊ رستا گونجي رهيا هئا ۽ جهاز ۾ موجود صحافين کي محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو انٽريو ۾ ٻڌايو ته مان پنهنجي وطن واپس اچڻ تي ڏاڍو خوش آهيان. مون کي ڪيترن ئي مهينن ۽ سالن کان هن ڏينهن جو شدت سان انتظار هو، ايئرپورٽ کان ٻاهر ايندي ئي حفاظتي انتظامن لاءِ تيار ڪرايل بم پروف ٽرڪ ۾ محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو سوار ٿي ڪارڪن، جيالن، سياسي اعليٰ قيادت سان گڏ شاهراهه فيصل ڏانهن عوامي سمنڊ جي پرجوش نعرن جا هٿ لوڏي جواب ڏيندي رهي. محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو بم پروف ٽرڪ روڊ تي پيدل هلندڙ ڪارڪنن ۽ جيالن جي هجوم سان آهستي آهستي وڌندو رهيو.