23 مارچ 1929ع تي اصفهان شهر ۾ جنم وٺندڙ نصرت اصفهاني جنهن جو جنم مرزا محمد اصفهاني جي گهر ۾ ٿيو. جيڪو بنيادي طور هڪ واپاري هو، هو جڏهن هندستان گهمڻ سانگي آيو ته ممبئي کيس ڏاڍو وڻيو ۽ پوءِ ممبئي ۾ ئي ”بغداد سوپ“ جي نالي سان صابڻ جو ڪارخانو کوليائين. بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ابتدائي تعليم ممبئي ۾ ورتي ۽ اتان سينيئر ڪيمبرج پاس ڪيائين ۽ بيگم نصرت ڀٽو ڪاليج ۾ ئي بنيادي فوجي تربيت به حاصل ڪئي. نصرت اصفهاني جا اهي ڏينهن يادگار هئا، جڏهن هوءَ پنهنجي ڀاڻيجي فخري بيگم سان گڏ ممبئي ڀرسان تفريحي جاءِ کنڊالا ۽ لوڻا وارا گهمڻ ويندي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ جي روايتي ڀٽو جاگيردارن مان سر شاهنواز ڀٽو جي فيملي به ممبئي ۾ رهندي هئي. ٻارنهن سالن جي نصرت اصفهاني ۽ فخري کنڊالا جي هڪ پارڪ ۾ گهمي رهيون هيون ته ان تفريح گاهه ۾ کين منور الاسلام نالي ڇوڪري پنهنجي ڀاءُ ذلفي ڀٽو سان گڏ ملي. منور اسلام کيس ٻڌايو ته هو سنڌ جي لاڙڪاڻي جي ڀٽو خاندان مان آهن، پوءِ هي ٽئي ڇوڪريون نصرت، فخري ۽ منور پاڻ ۾ سهيليون بڻجي ويون.
ڪجهه عرصي بعد مرزا محمد ممبئي مان ڪراچي لڏي آيو، انهن ڏينهن ۾ منور اسلام جي شادي ٿيڻي هئي ۽ هن پنهنجي سهيلي نصرت کي وليمي جو سڏ ڏنو هو. نصرت جڏهن هڪ بينڪ جي لاڪر مان پنهنجا زيور کڻڻ وئي، تڏهن ذلفي ڀٽو پنهنجي ماءُ خورشيد سان بينڪ ۾ بيٺو هو، نصرت کيس ڪو نه سڃاتو، پر خورشيد کيس ٻڌايو ته هي منهنجو پٽ ذلفي آهي، آمريڪا ۾ پڙهي ٿو. منور جي شادي کانپوءِ هو آمريڪا هليو ويو. هن جي داخلا جڏهن آڪسفورڊ ۾ ٿي، ان کانپوءِ بيگم نصرت ۽ ذلفيءَ ۾ رابطن جو سلسلو وڌندو ويو ۽ آخر باضابطه رشتو موڪليو ويو. جڏهن خبر پئي ته ذلفي اڳ به شادي شده آهي ته نصرت ڊڄي ويئي، پر ذلفي نصرت جو پيڇو نه ڇڏيو، آخر ذلفي نصرت کي راضي ڪري ورتو ۽ 1951ع ۾ ٻئي ڄڻا هميشه لاءِ هڪ رشتي ۾ جڙي ويا.
بيگم نصرت ڀٽو جڏهن پهريون دفعو موهن جي دڙي جي مٽي تي لاڙڪاڻي پهتي ته هن روايتي ڀٽن جي رسمن ۽ ريتن جو خيال رکندي برقعو پاتو، پر ذوالفقار علي ڀٽو کيس اها لبرٽي ڏني ته جيڪڏهن هوءَ نه چاهي ته برقعو ڀلي نه پائي. بيگم نصرت ڀٽو کي خبر هئي ته ڀٽو سنڌ جا روايتي جاگيردار آهن، کيس سندس سس خورشيد بيگم جا ڪشالا به ياد هئا. خورشيد بيگم جيڪا هڪ غريب گهراڻي مان هئي، پر سنڌ جي سر شاهنواز ڀٽو کيس پنهنجي راڻي بڻائي محلن ۾ رهايو. خورشيد ڏاڍا وس ڪيا هئا، پر ڀٽن جي روايتي نوابن ڪڏهن دل سان کيس قبول نه ڪيو. نصرت اصفهاني به ڌاري هئي، کيس پنهنجي سس جي ڪشالن جي خبر هئي، هن نه صرف ڀٽوز جي ريتن، رسمن ۽ رواجن کي قبول ڪيو، پر سنڌ جي تهذيب ۾ پاڻ کي ضم ڪري ڇڏيو. نصرت ڀٽو روايتي ڀٽن سان پنهنجائپ وارا رستا رکيا، پر کيس به پنهنجي سس جيان روايتي ڀٽو جاگيردارن قبول نه ڪيو. بيگم نصرت ڀٽو کي خبر هئي ته هوءَ ذلفي ڀٽو جي ٻي گهرواري آهي، هن ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين گهر واري شيرين امير بيگم ڀٽو جو هميشه وڏي ڀيڻ جيان عزت ۽ احترام ڪيو. هوءَ پنهنجي مڙس جي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺي. بينظير، مرتضيٰ، شاهنواز ۽ صنم جهڙن ٻارڙن کي جنم ڏيندڙ نصرت ڀٽو کي ساڙ کائيندڙ ماڻهو چوندا هئا ته ذلفي ڀٽو جا ته ايران جي شهنشاهه رضا شاهه پهلوي جي ڀيڻ فرح ۽ بنگالي حسينه حسنه شيخ سان واسطا آهن، پر نصرت هميشه کلي ڳالهه ٽاري ڇڏيندي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي وڪالت کان ويندي اسڪندر مرزا جي وقت اقتداري ايوانن ۾ داخل ٿيڻ ۾ به نصرت جو وڏو هٿ رهيو. اسڪند مرزا جي زال ناهيد ايراني هئي، نواب احمد خان ڀٽو جي دعوت ۾ اسڪندر مرزا نوجوان ذلفي کان ڏاڍو متاثر ٿيو. ڀٽي جي نفاست ۽ انگريزي ناهيد کي موهي وڌو. آخر ڀٽو اسڪندر مرزا ڪابينا ۾ وزير بڻجي ويو. اڳتي هلي ايوبي دور ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو احتجاجي تحريڪ هلائي نظربند ٿيو ته بيگم نصرت ڀٽو نه صرف ٻارڙن کي سنڀاليو، پر ڀٽو جي ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي رهي. ڀٽو جڏهن ملڪ جو سربراهه بڻيو ته خاتون اول هئڻ باوجود بيگم نصرت ڀٽو مسڪينن جي ڀرجهلي ٿي بيٺي رهي. 1977ع ۾ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي مارشل لا وارن ڏهاڙن ۾ بيگم نصرت ڀٽو نه صرف مارشل لا کي للڪاريو، پر پاڪستان پيپلز پارٽي کي به سنڀاليو.
نوجوان ڌيءَ بينظير ڀٽو سان گڏ قذافي اسٽيڊيم ۾ ضياءَ مارشل لا جا ڏنڊا کائيندڙ بيگم نصرت ڀٽو رت ۾ ڳاڙهي هئڻ باوجود حوصلو نه هاريو. آخرڪار ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، پر بيگم نصرت ڀٽو قوم جي ماءُ جا فرض نڀائيندي رهي. بيگم نصرت ڀٽو مڙس جي شهادت بعد نوجوان پٽ شاهنواز ڀٽو جو صدمو سٺو، پر حوصلو نه هاريو. هن پنهنجي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي اليڪشن ورڪ ۾ جهر جهنگ وڃي آخر کيس کٽرايو ۽ جلاوطن مير مرتضيٰ ڀٽو واپس وطن وريو. بيگم نصرت ڀٽو ڏاڍي خوش هئي ته اوچتو 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. کيس مير مرتضيٰ ڀٽو جي صدمي کيس جهوري وڌو، محترمه بينظير ڀٽو کيس دبئي واري گهر ۾ وڃي رهايو، پر بيگم نصرت ڀٽو جنهن علالت جو شڪار ٿي ان مان نه نڪري سگهي.
چوڻ وارا چون ٿا ته کيس آخر تائين محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي به خبر نه هئي. بيگم نصرت ڀٽو جا اهي ڏينهن آئون ڪيئن ٿو وساري سگهان، جڏهن هوءَ هر سال منهنجي گهر قمبر ۾ مجلس ۾ شرڪت لاءِ منهنجي امڙ جي سڏ تي منهنجي گهر اچي هيٺ پٽ تي ويهي رهندي هئي. 82 ورهين ۾ هي فاني دنيا ڇڏي ويندڙ نصرت اصفهاني اڄ اسان وچ ناهي رهي، پر سنڌ جا ماڻهو کيس سدائين ياد رکندا.