بلاگنئون

ايراني نوبل انعام يافتہ نرگس محمدي قيد دوران بيمار

انساني حقن جي ڪارڪن نرگس محمدي 21 اپريل 1972ع تي پيدا ٿي. هوءَ انساني حقن جي تنظيمDHRC  جي نائب صدر هئڻ سان گڏ  ايران جي پهرين نوبل انعام يافته عورت پڻ آهي. نرگس محمدي مجموعي طور 19 هين عورت آهي جنهن کي نوبل انعام سان نوازيو ويو. ايران ۾ کيس 31 مهينا قيد ۽ 154 ڪوڙن  جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن ۾ 15 مھينن جي سزا فيبروري 2024ع ۾ وڌائي وئي. 52 سالن جي نرگس محمدي کي ايران ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم جي خلاف جدوجهد ڪرڻ تي کيس نوبل انعام سان نوازيو ويو هو. ڊسمبر 2023ع ۾ نوبل انعام ڏيڻ وقت هو ايران ۾ ئي قيد هئي، جنهن جو اهو ايوارڊ سندس جاڙن ٻارن ناروي جي گاديءَ جي هنڌ اوسلو ۾ وصول ڪيو. کيس اها سزا ايران جي حڪومت خلاف ڳالهائڻ جي ڪري ڏني وئي آهي.

ان کان پهرين به نرگس محمدي کي 13 دفعا گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس سزائون پڻ ٻڌايون ويون. نرگس محمدي کي ايران جي بدنام زمانه جيل “اوين” ۾ قيد ڪيو ويو آهي، جتي اڪثر ٻاهرين ملڪن جي سزا يافته قيدين کي رکيو ويندو آهي. ڪجھ ڏينھن اڳ نرگس محمديءَ هڪ قيدي کي ڦاسيءَ جي سزا خلاف جيل جي اندر سخت قسم جو احتجاج ڪيو ۽ کائڻ پيئڻ بند ڪري ڇڏيو.

آچر وري ڏينهن جيل ۾ سندس طبيعت ناساز ٿي پئي جنهنڪري کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. نرگس محمدي جي حق ۾ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن ان ڳالھ تي زور ڀريو آهي ته کيس انساني بنيادن تي آزاد ڪيو وڃي ته جيئن هوءَ پنهنجو مڪمل علاج ڪرائي سگهي. ايسوسي ايٽڊ پريس مطابق کيس قيد دوران علاج جون ڪي به سهولتون ميسر نه آهن نه ئي ڪا خاطر خواھ سارسنڀال آهي، جنهنڪري نرگس محمدي کي ڪافي بيماريون ٿي پيون آهن. آچر واري ڏينهن کيس دل ۾ شديد قسم جي تڪليف ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس ڪافي ٽيسٽون اڃان به جاري آهن. ڊاڪٽرن شروعاتي طور کيس دل جي شرناين ۾ تڪليف جو ٻڌايو آهي. کيس ايران ۾ عورتن جي حق ۾ ڳالهائڻ سبب هڪ سگھارو آواز سمجهيو پيو وڃي. انساني حقن سان واسطو رکندڙ تنظيمن ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو واضح ڪيو ته هن کي ڪافي مهينن کان دل ۾ تڪليف جو عارضو آهي، پر کيس علاج معالج جي ڪابه سهولت نه ڏني وئي آهي.

نرگس محمدي کي 2022ع ۾ سزا ٻڌائڻ کانپوءِ 2024ع ۾ کيس وڌيڪ سزا ٻڌائي وئي جنهن تي ايراني حڪومت ان سزا کان لاتعلقي ڏيکاري آهي. هڪ برطانوي سماجي ڪارڪن عورت نازنين زاغري ريٽڪلف جيڪا تهران جي ايون جيل ۾ نرگس محمدي سان سزا ڪاٽي رهي هئي ان سندس جدوجهد کي ساراهيندي ٻڌايو ته هن جيل جي اندر رهي به ڪافي قيدي عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو جنهنڪري ڪافي عورتن جي رهائي ممڪن ٿي. بعد ۾ ان برطانوي صحافي کي پڻ آزادي ملي هئي، جنهن جو سڄو ڪريڊٽ هو نرگس محمدي کي ڏئي ٿي. ياد رهي ته سيپٽمبر 2022ع ۾ ايران ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم خلاف ڀرپور احتجاج ڪيا ويا هئا. جنهن کانپوءِ کيس پڪڙي ڪيس هلائي سزائون ٻڌايون ويون هيون.