بلاگنئون

صوفي شاهه عنايت جي زندگيءَ جو تحقيقي جائزو

ڪتاب:

صوفي شاھ عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر، جو مختصر اڀياس سنڌي ادب ۾ ڪيترائي علمي و ادبي ڪتاب لکيا ويا آهن جيڪي نوجوان نسل جي ذهني ۽ فڪري تربيت لاءِ اهم سمجهيا وڃن ٿا. انهن بهترين تحقيقي ڪتابن ۾ مذڪوره ڪتاب نهايت ئي شاندار تحقيق واري ڪم جو هڪ منفرد مثال آهي. مذڪوره تحقيقي ڪتاب ۾ نهايت ئي سهڻي ريت سنڌ جي تاريخ، ادب، تهذيب، سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي ذڪر هيٺ آندو ويو آهي. سنڌ جي تاريخ جيڪا ڪيترن ئي واقعن سان ڀريل آهي اُهي واقعا ڏاڍا ڀيانڪ روپن ۾ آڏو اچن ٿا. سنڌ جي بهادر ۽ اڏول انسانن کي دوکن ۽ دولابن سان اڏيءَ تي مُنڊيون رکي بهتانن ۽ الزامن هيٺ آڻي بيگناھ شهيد ڪيو ويو آهي، اُهي واقعا صدين تائين سنڌ جي ننڍي وڏي کان ڪونه وسرندا ۽ نه ئي وري وسرڻ جهڙا آهن. پنهنجن جا بيگناھ خون وَهن ۽ وسري وڃن اهو ته ناممڪن آهي. مذڪوره تحقيقي ڪتاب تمام گهڻي غور ويچار ۽ زميني حقائق جي روشني ۾ نهايت ئي سنجيده نموني لکيو ويو آهي. منهنجي مطالعي هيٺ مذڪوره تحقيقي ٿيسز وارو ڪتاب مطالعي مان گذريو تڏهن مون کي ڪيترين ئي نيُن شين ۽ واقعن بابت معلومات ملي. ۽ سوچيم ڇونه اهڙي مفيد معلومات تي مشتمل ٿيسز جو ذڪر ڪرڻ گهرجي ۽ جن هيءُ ڪتاب مطالعي هيٺ نه رکيو آهي تن جي استفادي لاءِ هيءُ هڪ بهترين تحقيقي مقالن مان شاهڪار جي حيثيت ۾ نمايان ٿي آڏو اچو ٿو. مذڪوره ٿيسز ۾ محقق جي محنت، جاکوڙ، جستجو، پنهنجي موضوع سان سچائيءَ جو هڪ وڏو مثال آهي. محقق پنهنجي قابليت سان جهڙيءَ طرح مواد کي ترتيب ۾ رکيو آهي اهو سليقو ڏاڍو دلچسپ ۽ معلوماتي آهي. هن تحقيقي ٿيسز ۾ ڪي تاريخي ڳالهيون ۽ واقعا ذهن ۾ ڪيترائي سوال اڀارين ٿا ته، ههڙا هاڃا لڱ ڪانڊيندڙ به ٿيندا ڇا؟ ذڪر ٿيندڙ واقعن ۾ جيڪي به ڳالهيون موضوعن ۾ ذڪر هيٺ آندا ويون آهن تن کي واضح نموني مثالن ۽ دليلن جي آڌار قلمبند ڪيو ويو آهي. هن ٿيسز جو محقق جس لهڻي ٿو جنهن تمام گهڻي محنت، مطالعي، مشاهدي ۽ سنجيدگي سان منظم نموني هرهڪ شيءِ کي پنهنجي نقطهءِ نظر سان ڏٺو، پرکيو ۽ سمجهي پوءِ هڪ هڪ شيءِ کي آڌاريل موضوع سان نباھ ڪندي، ڇنڊي ڇاڻي هڪ سليقي سان تحقيق جي سمورين گهرجن جو وڌ ۾ وڌ خيال ڪيو ويو آهي. محقق پنهنجي تحقيقي نتيجن جي حاصلات لاءِ ڪيترين ئي نيُن ڳالهيُن ۽ نتيجن جو خيال رکي بابن جي ترتيب ادبي تحقيق جي اصولن پٽاندر رکي آهي. ڪتاب جي صورت ترتيب هن طرح آهي: پبلشر جي نوٽ ۽ پيش لفظ کان ويندي ڀاڱو پهريون، عنوان: صوفي شاھ عنايت شهيد، باب پهريون: سنڌ جي تاريخ (الف) مختصر جائزو قديم سنڌ کان ابتدا ڪئي وئي آهي. ۽ آريا، دارا اعظم، سڪندر اعظم، موريا گهراڻو، يوناني باختري، سٿين يا ساڪا حڪومت، پارٿي، ڪشن يوچي حڪومت، ساساني گهراڻو، گپت خاندان، هرش جي حڪومت، راءِ گهراڻو، برهمڻ دور، عرب دور، سومرا دور، سما دور، ارغون دور، ترخان دور، مغل دور، بکر جا نواب/گورنر، ٺٽي جا نواب/گورنر، جهانگير دور، شاهجهان جو دور، اورنگزيب جو دور، اعظم شاھ ڪام بخش، شاھ عالم، بهادر شاھ، معزالدين جهاندار شاھ ۽ محمد فرخ سير، رفيع الدرجات، رفيع الدوله نيڪووسير، ابراهيم ۽ محمد شاھ، ڪلهوڙا دور (ب) شهيد صوفي شاھ عنايت جو دور تي پهرين باب جي پڄاڻي ڪئي وئي آهي. مذڪوره باب جي تحقيق دوران محقق جيڪا محنت آهي تنهن کي داد ڏجي ٿو، ڇاڪاڻ جو، محقق ڪيترن ئي ناياب ڪتابن مان استفادو حاصل ڪري، حوالن ۽ حاشين ۽ تاريخي معلومات جو مطالعو ڪري هرهڪ باب کي موضوع آڌار ڪڙيءَ ڪڙيءَ سان ملائي علمي ۽ عملي تحقيق جو ثبوت ڏنو آهي. نه فقط اهو، پر سموري تحقيق نهايت ئي لاجواب نوعيت واري آهي. “صوفي شاھ عنايت جو دور 1065ھ/1655ع کان هندستان ۾ مغل حڪومت جو دور هو. سنڌ (1000ھ/1591ع کان 1151ھ/1738ع) سندن حڪومت جو حصو هُئي. ٻنهي حصن کي گورنر هلائيندا هئا، جن کي هندستان جي سرڪار مقرر ۽ معطل ڪندي هُئي.” (2010: 49) ڏٺو وڃي ته، مذڪوره تحقيق کان پهريان صوفي شاھ عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جي شاعرن تي هيءَ مُستند نموني جي تحقيق وارو ڪم اڳ ۾ ڪونه ٿيو آهي، انهيءَ ڪري به هي منفرد نموني جي تحقيق پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت رکي ٿي. هن سموري ٿيسز جي مواد جو ذڪر هن ننڍڙي مضمون ۾ نه ٿو سمائي سگهجي ڇاڪاڻ جو هي سموري ٿيسز ڇھ سئو اٺن صفحن تي مشتمل وافر مقدار ۾ مواد جنهن ۾ عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ ڪٿي ڪٿي مثال هڪ وڏي تفصيل کي مدلل نموني جامع تحقيق جي صورت ۾ ڏنل آهي. نيُون ڳالهيُون، نوان خيال پهرين ڀاڱي ۾ يارنهن باب محقق جي چونڊيل موضوعن ۾، اهو پڻ ڏسجي ٿو ته، هي هڪ جاکوڙي جوان پنهنجي خاص دلچسپين ۽ ترجيحي بنيادن تي وڏي دلچسپيءَ سان ڪم ڪيو آهي، ته ٻئي طرف وري سندس صلاحيت جو ڀليءَ ڀت پتو پوي ٿو. پهرين ڀاڱي جي باب ٻيون ۾، تصوف جي ابتدا ۽ ان جا سلسلا جنهن ۾، تصوف جي ابتدا، وحدت الوجود، وحدت الشهود، ويدانت، مهدوري تحريڪ، سنڌ ۾ تصوف جا سلسلا، قادري، چشتي، سهروردي، نقشبندي جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح، باب ٽيون ۾، صوفي شاھ عنايت شهيد جو خاندان، هن خاندان جو سنڌ ۾ اچڻ، شاھ شهيد جو شجرو، مخدوم صدو لانگاھ، مخدوم آجب، ملا شهاب الدين، مخدوم ابراهيم قتال، ملا يوسف، مخدوم فضل الله، باب چوٿون ۾، شاھ شهيد جي شروعاتي زندگيءَ جو احوال ۾ ولادت، تعليم ۽ تربيت ۽ شاھ شهيد جو مُلتان وڃي تعليم پرائڻ شامل آهي. باب پنجون ۾، شاھ شهيد جو هندستان وڃڻ ۽ اتي رهڻ ۽ واپسي کان پوءِ ٺٽي ۾ اچي رهڻ، شاھ شهيد جي مخالفت جي شروعات ۽ شاھ شهيد جو ٺٽو ڇڏي جهوڪ ۾ اچڻ جو ذڪر ملي ٿو. اهڙيءَ طرح باب ڇهين ۾، صوفي شاھ عنايت جون شادين ۽ اولاد متعلق مختلف حوالن کان پوءِ لکيو ويو آهي ته، “اسان جي تحقيق موجب شاھ عنايت چار شاديون ڪيون. پهرين شادي هندستان رهڻ دوران ڪيائون. انهيءَ مان کين هڪ پٽ ميان خليل الله هو. ٻي شادي هندستان مان واپس ٿي ٺٽي ۾ اچي رهڻ دوران مخدوم محمد اسماعيل جي نياڻي سان، جنهن مان کيس اولاد نه ٿيو. ٽين شادي ميرانپور ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي خاندان مان ڏاڏي پوٽيءَ سان ڪيائون، جنهن مان شاھ عزت الله، جنهن کي “گُند پير” جي نالي سان سڏيندا هئا، ٿيو ۽ هڪ نياڻي ٿين، جيڪا پنهنجي ڀائٽي محمد يوسف کي ڏنل هُئي. محمد يوسف ساڻس گڏ شهادت ماڻي هُئي. چوٿين شادي سوڍن مان ڪيائين، جنهن مان کين هڪ فرزند صوفي سلام الله عرف ٿر ڌڻي بادشاھ هو. صوفي  شاھ عنايت کي ٽي فرزند هئا.”(2010: 133، 134)، هن باب ۾، يادگار طور تصويرون ڏنل آهن جنهن ۾، درگاھ صوفي شاھ عنايت شهيد، جنگ ۾ شهيد ٿيل سوين مريدن جي اجتماعي قبر، ميرانپور شهر کي ڏنل باھ جا قديم آثار، صوفي شاھ عنايت شهيد جي سر مبارڪ کي دفنائڻ کان اڳ جنهن جاءِ تي رکيو ويو اها تصوير، جهوڪ شريف ۾ صوفي صدرالدين عرف صدو لانگاھ جي تربت جو ڏيک، جهوڪ شريف لڳ صوفي صدرالدين جي مدرسي جا آثار، جهوڪ شريف لڳ شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي والده جي تربت، ۽ ٻين تصويرن کي ٿيسز ۾ يادگار طور رکيو ويو آهي. باب ستون ۾، صوفي شاھ عنايت شهيد جي طريقت جي سلسلي جو ذڪر ڪيو ويو آهي. باب اٺون ۾، صوفي شاھ عنايت شهيد جو فڪر جنهن کي نهايت ڀلي نموني ذڪر هيٺ آندو ويو آهي. اهو سچ آهي ته، “هر ملڪ ۽ علائقي جو پنهنجو رنگ، روپ، خوشبوءِ ۽ سڀاءُ هوندو آهي، پر ڪجھ رنگ ۽ رمزون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي نکرنديون آهن. انهن رنگن رمزن، تجلن ۽ آوازن زماني ته ڇا پر ڌرتيءَ کي ئي رنگين ڪري ڌوڏي وڌو آهي.” (2010: 151)، شاھ عنايت امن پسند انسان هو ۽ سندس دل ۾ ڪڏهن به ٻئي لاءِ مندي نه رکيائين، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر اڇو اجرو من رکندڙ صوفي ۽ سڀ جو خير گهرندڙ هو. مذڪوره تحقيق جي مطالعي مان جيڪا معلومات آڏو اچي ٿي ته، شاھ عنايت وارو زمانو ڏاڍو گنڀير ۽ منجهيل هو ڇاڪاڻ جو مختلف نمونن ۽ چالاڪيُن سان اٻوجھ ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي هڪٻئي سان نفرتون ڦهلائي اُنهن اٻوجهن جي حقن کي هڙپ ڪيو ويندو هو، جيڪي پاڻ ۾ پيا وڙهندا هئا. مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، شاھ عنايت شهيد هڪ وڏو عالم ۽ اڪابر انسان هو. “شاھ شهيد تاريخ، تهذيب، ثقافت کانسواءِ انهيءَ وقت جي سماج ۽ سماجي جوڙجڪ جو گهرائيءَ سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪندو هو. هن نه رڳو سڄي سنڌ پر آسپاس وارا ٻيا ملڪ به گهمي ڦري ڏسي واسي نيٺ هندستان اچي حيدرآباد دکن جهڙي اهم شهر ۾ رهي، وقت جي تمام وڏي صوفي بزرگ سيد عبدالملڪ کان کان اعليٰ درس حاصل ڪري ۽ پڻ سلطنت جي نظام کي تمام گهڻو ويجهڙائيءَ کان ڏٺو. اتي عالمگير جهڙي بادشاھ جي سخت دور کي اکيُن سان ڏٺو.” (2010: 154)، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي تمام گهڻي محنت سان پنهنجي تحقيقي موضوع کي هر پاسي کان جاچ پڙتال ڪري تحقيق کي اجاگر ڪيو آهي. هن وٽ اهو جذبو ڏسجي ٿو ته، جهڙي موضوع جي چونڊ ڪئي وئي آهي تنهن کي پايهءِ تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ وڏو مطالعو ۽ جتن ڪري پهچايو آهي. “شاھ عنايت وٽ سماجي ۽ اقتصادي نظام لاءِ به اعليٰ آدرش موجود هئا. هن نه رڳو اهو پيغام ڏنو هو، پر عملي طرح هڪ معاشرو اڏڻ لاءِ پهريائين هن ماڻهن جي ذهنن جي سجاڳي آڻڻ پئي چاهي، جيئن:

ماڻهن مان اندروني اختلاف، ڀيد ڀاو ختم ٿين ۽ هو پاڻ ۾ متحد ۽ هڪ آواز ٿين.

ظلم کان آزادي حاصل ڪري پنهنجا حق حاصل ڪن ۽ اقتصادي ّوشحالي ماڻين.

باهمي تعلقات جو بنياد محبت ٿئي.

زندگي بامقصد هجي.

اعليٰ ترين اقتدار جو حصول منتهيءَ نظر

پاڪ معاشري جي اڏاوت

هرعمل ۾ سچ ۽ صداقت

حق ئي حق هجي.

انهن سمورين حاصلات لاءِ عملي جدجهد جي تعليم ۽ تربيت

هن ملڪ جا پيڙهيل ۽ مظلوم ماڻهو متحد هجن، حڪومتي ۽ سماجي ظلمن کان آجا هجن.” (2010: 159)، اهڙي طرح، شاھ عنايت جي فڪر کي جيڪا پذيرائي ملڻ شروع ٿي، انهيءَ عيوض کيس ڪيتريون رڪاوٽون آڏو آيون، پر هن ڪنهن جي پرواهه نه ڪئي. مذڪوره ٿيسز جي باب نائين ۾، شاھ شهيد جي مخالفت ۽ مخالفن پاران جهوڪ تي حملو ڪرڻ، جو ذڪر ننڍن ننڍن نَوَن عنوانن هيٺ آندو ويو آهي: جهوڪ جي آسپاس سيدن، پيرن ۽ زميندارن پاران مخالفت، سيد عبدالواسع، نورمحمد پليجو، حمل جت، شاھ شهيد جي مخالفن جو ٺٽي جي صوبيدار وٽ وڃڻ، شاھ شهيد جي فقيرن جي دانهن کڻي دهليءَ وڃڻ وارا موضوع ذڪر هيٺ آيل آهن. باب ڏهون ۾، شاھ شهيد جي تحريڪ جي شروعات ۽ تحريڪ جو ڦهلائڻ جنهن ۾، شاھ شهيد جي تحريڪ جو وڌڻ، يار محمد ڪلهوڙي ۽ نواب اعظم خان جي مخالفت جي شروعات بابت محقق رقم ٿو ڪري ته، “صوفي شاھ عنايت شهيد جو خاندان مدتن کان معزز ۽ معتبر هو، خدا آگاهي، انهيءَ خاندان جي خمير ۽ ضمير ۾ موجود هُئي. مريدن جو وڏو گروھ انهن جي خانقاھ سان عقيدتمندي رکندڙ هو. مغليه دستور مطابق انهيءَ خاندان کي ڍل جي معافيءَ سان پنهنجي ڳوٺ جي پسگردائيءَ ۾ زمينون پڻ مليل هيُون، جن تي سندن بزرگن جو گذران هو. شاھ شهيد پنهنجي پروگرام جي عملي شروعات ڪندي، پهريائين اها پنهنجي سموري گڏيل ڪاشت ڪاريءَ لاءِ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته، “زمين الله جي آهي، تنهنڪري اها سڀني جي گڏيل ملڪيت آهي.” زمينداري ۽ جاگيرداري سڀ ڍونگ ۽ ڦرلٽ جا طريقا آهن.” (2010: 173)،  صوفي شاھ عنايت کي هاريءَ جي حال جو نهايت گهڻو درد محسوس ٿيندو هو، انهيءَ ڪري هن پنهنجي زمين جي قرباني ڏني، ۽ تنهن کان پوءِ جاگيرداري نظام خلاف منظم نموني سان عملي جدوجهد ڪرڻ جي شروعات ڪئي. اهڙي نموني جي آواز بلند ڪرڻ تي ڪيترائي ستايل انسان، سندن ساٿ ۾ شامل ٿيا. مذڪوره ٿيسز جي باب يارهون ۾، جهوڪ جي جنگ جو تفصيلي احوال ۽ صوفي شاھ جي شهادت جو احوال ذڪر هيٺ آندو ويو آهي. شاھ شهيد جي شهادت ۾ اهم ڪردار ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو نظر اچي ٿو جنهن جاگيرداري نظام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ، شاھ عنايت کي شهيد ڪرائي پنهنجي تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ لاءِ راھ هموار ڪئي. اهڙي ريت سيد عبدالواسع، نورمحمد پليجو، حمل جت ۽ نواب اعظم جي ڪردار کي واضح ڪري بيان ڪيو ويو آهي. جڏهن چوطرف سازشن جو ڄار وڇايو ويو تڏهن به، صوفي شاھ عنايت شهيد فقيرن کي هدايت ڪري ٿو. “وڏن خليفن ۽ ڪجھ فقراءُ دشمنن سان مُنهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌي، کين روڪي پوئتي هٽائڻ لاءِ صوفي صاحب کان اجازت گُهري، پر صوفي شاھ عنايت اهو چئي کين روڪي ڇڏيو ته اڳرائي ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.” (2010: 189)، مطلب ته شاھ عنايت شهيد هر قسم جي اها ڪوشش ڪئي ته، سنڌ ڌرتيءَ تي امُن ڀريو ماحول هجي، ڪا خون خرابي نه ٿئي پر انهيءَ جي مفاهمت واري پاليسي، تدبرانه سوچ کي شايد وقت جي طاقتور ماڻهن ڪمزوري سمجهيو پر ايئن هرگز نه هو، شاھ شهيد هڪ سنڌ جو امن پرست سڀ جو خير گهرندڙ بهادر انسان هو. هوڏين هوڏ ڪري ۽ آخرڪار جهوڪ شريف جو گهيراءُ ڪيو. نواب اعظم خان، ميان يارمحمد ڪلهوڙي ۽ سندن ساٿاري فوجين جهوڪ جو 16 ذوالقعد 1129ھ تي اچي جهوڪ طرف پهتا ۽ 17 ذوالقعد1129ھ تي باقاعدي گهيراءُ ڪيو پر شاھ عنايت جي فقيرن جي حڪمت عمليءَ کين روڪي ڇڏيو.“ (2010: 191)، هن جنگ متعلق محقق تمام گهڻن دليلن ۽ مثالن سان نتيجن جو ادارڪ حاصل ڪري هرهڪ شيءِ کي ذري پُرزي بيان ڪرڻ جي سمورن رخن کان ڪوشش ڪئي آهي. صوفي شاھ عنايت جي شهادت کان ويندي صوفي فقيرن جو ردعمل ۽ شهادت پوءِ جهوڪ تي آخري حملو، صوفين جي خلاف هڪ سرڪاري حڪم نامو تائين يارهين باب جي پڄاڻي ٿئي ٿي. مذڪوره باب جي آخر ۾ هڪ سئو ست (107)، حوالن ۽ حاشين کي ڪتب آندو ويو آهي. باب ٻارهون ۾، شاھ عنايت شهيد جي ايڪيهن خليفن ۽ ناميارن مريدن ۽ روحاني فيض حاصل ڪندڙن جو ذڪر ملي ٿو. باب تيرهون ۾، شاھ شهيد جا همعصر، عالم، اديب ۽ شاعر، دوست، حمايتي جيڪي پنهنجي دور جا تمام وڏا نالا هئا جن جو اڄ تائين علمي، ادبي ۽ بزرگيءَ وارو اثر پوري عالمي دنيا تي ڇانيل آهي. ۽ ڪي شاھ عنايت جا مخالف عالم ۽ شاعر هئا تن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. باب چوڏهون ۾، شاھ عنايت شهيد جي ادبي حيثيت کي نروار ڪيو ويو آهي. شروعات ۾ چار سنڌي بيت ڏنا ويا آهن، ۽ ڪن راين جي روشنيءَ کان پوءِ محقق انهيءَ نتيجي تي پهتو اهي ته، هي بيت شاھ شهيد جا نه آهن. پر ڪن ٻين فقيرن شاعرن جا آهن. شاھ عنايت شهيد کي فارسيءَ جو تمام وڏو عالم تسليم ڪري ٿو. ڪن فارسي شعرن جا مثال پڻ ڏنا ويا آهن. اهڙي طرح ٿيسز جو ڀاڱو ٻيو: جنهن جو عنوان آهي: “صوفي شاھ عنايت شهيد جي سلسلي جا شاعر”، جنهن ۾، سڀ اول صوفي سلام الله “ٿر ڌڻي بادشاھ” جي زندگيءَ جي احوال سان گڏ، سندس شعرن جو نمونو ڏنو ويو آهي ۽ آخر ۾ فقير جان محمد لغاري جو سوا صفحي تي ذڪر ملي ٿو. مطلب ته، ڀاڱي ٻئي ۾ لڳ ڀڳ هڪ سئو اٺاويھ شاعرن جي ڪلام جي نموني سان گڏ سندن زندگيءَ جي احوال جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سموري ٿيسز جو مواد ڇھ سئو اٺن صفحن تي مشتمل آهي.. ڪتاب جي آخر ۾ يارنهن صفحن تي سنڌي هڪ سئو سورنهن (116) ڪتابن جي ببليوگرافي، اٺن (8) رسالن مهراڻ ۽ نئين زندگي جي خاص نمبرن ۽ اوڻيھ (19) سنڌي رسالن، اخبارن. ايڪونجاھ (51) اردو ڪتابن، هڪ پنجابي ڪتاب، ٻارهن (12) فارسي ۽ چئن (4) عربي، سورهن (16) انگريزي ڪتابن ۽ ٻه (2) سنڌي ٿيسز، هڪ اردو ۽ هڪ انگريزي، هڪ انسائيڪلو پيڊيا، ۽ تيرهن قلمي نسخن جو مطالعو ڪري هي تحقيق مڪمل ڪئي وئي آهي. ۽ آخر ۾ سورهن صفحن جي ڏسڻي سميت ڪل ڇھ سئو ڇٽيھ (636) صفحن جو نهايت ئي لاجواب تحقيقي ڪتاب آهي. ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي هي ٿيسز تحقيق سان دلچسپي رکندڙ اسڪالرن لاءِ تمام گهڻي ڪارائتي تحقيق آهي. سنڌ جو ثقافت کاتو جس لهڻي ٿو جو اهڙي قسم جي ناياب تحقيق کي شايع ڪري، سنڌ جي تحقيق واري شعبي کي اڳتي آڻڻ لاءِ اتساه جو سبب بڻجي رهيو آهي.

***