ڪهاڻي لکڻ ڪنهن کي سيکاري نٿو سگهجي ۽ نه ئي ادب سرجڻ جا ڪي مخصوص ڪلاس هلندڙ هجن ٿا، پر تنقيدن ۽ تعريفن کي هڪ ڪلاس مانند پرکڻ گهرجي ان ڪري ته نقاد تخليقن تي ۽ سرجڻهارن جي اسمن تي وتَ ۽ وس آهر لکندا رهن ٿا. يا جيڪي به اديب آهن اهي ادب ۾ پروفيشنل ڊگري هولڊر ناهن (گهڻي ڀاڱي) اهو ٻيو بحث هوندو ته شاعري جا علم ۽ عروضي ماپا ۽ ڪاٿا، وزن ۽ بحر ڪنهن وٽ سمجهجن يا سکجن ٿا يا سيکاريا وڃن ٿا. ساڳي واٽ ۽ طرز سان نثر تي وقت سر ڪم جي يا ناڪارا قسم جي تنقيد ڪري ڪري به ان کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو (جيڪڏهن ڪو اديب اها ڳالھ سهي سگهي ته، پوءِ اها پوسٽ پبليڪيشن معنيٰ ڇپجڻ کانپوءِ تنقيد هجي يا پري پبليڪيشن معنيٰ ڇپجڻ کان اڳ جي تنقيد هجي ان ڪري ته اسان وٽ تنقيد جي مٿان نقيد به ٿئي ٿي. اها حقيقت به مڃي سگهجي ٿي ته ادب ۾ جونيئر ۽ سينيئر جي ڪا حيثيت ليڪيل نٿي هجي يا نه هجڻ گهرجي، ان ڪري ته ڀلي ۽ ڪارائتي ڳالھ ڪير به ڪري سگهي ٿو ۽ ڪڏهن به ڪري سگهي ٿو.
اها ڳالھ به عيان آهي ته ڪنهن به عام پاٺڪ کي جيڪڏهن ادب پڙهائجي، ڪنهن شاعريءَ ۽ ڪهاڻين جو ڪو ڪتاب گفٽ ڪجي ته ان جي اندر جو اديب جاڳي يا جاڳائي سگهجي ٿو، پوءِ اهو پاٺڪ ان ڪتاب جي پڙهڻ کانپوءِ ڪو نه ڪو شعر چئي ويندو، ڪا نه ڪا ڪهاڻي سرجي ويندو، يا جيڪڏهن ڀلو مقرر هجي ٿو ته هو ڪا نه ڪا تخليق سرجي ويندو، جنهن مان ثابت ٿي ويو ته پاٺڪ وٽ حس ۽ احساس جو هجڻ ضروري آهي. معنيٰ اهو پاٺڪ ۽ نقاد پاڻ به ڪهاڻي تي تنقيد ڪرڻ کانپوءِ پاڻ به ڪجھ لکڻ جي موڊ ۽ مزاج ۾ اچي سگهي ٿو، پر شرط اهو ضرور آهي ته ان وٽ جي ڏات لهي ٿي ان کي ڪنهن Containerمعني ڏانءَ ۾ رکي، ماپي، توري تڪي لاهي ته جيئن ان تخليق جي شڪل ۽ شبيھ مان پڙهندڙ ۽ نقاد اها ڳالھ پاڻ مرادو سمجهي وڃن ته اها تخليق ڪهڙي آهي ان ڪري ته تخليق لکڻ کانپوءِ اها ڳالھ نٿي چئي سگهجي ته ماڻهو ڪوپ کي گلاس سمجهن.
اها ڳالھ به مڃجي ٿي ته ڪهاڻي يا شاعري ڪنهن کان پڇي ۽ سمجهي نٿي ڪري سگهجي، تخليقون ڪو آلجبرائي سمجهاڻيون يا حسابي ڪتابي مونجهارا ناهن هوندا، جو لکڻ کان پهرين اهي حساب سمجهجن ۽ انهن جا جواب (Solution)ڪنهن ادبي ڪتاب جي آخري صفحي تي ڏنل هجن، پر اها ڳالھ ضرور آهي ته اهي جواب ۽ ادب جو موٽ معاشري جي بنيادي اصولن جي پٽاندر هجن ۽ ڪابه اهڙي ڳالھ جيڪا معاشري جي اصولن کي اورانگهي ۽ پنهنجون حدون مقرر ڪري ته اها تخليق باغي پڻي ۾ ليکي ويندي ۽ ان تخليق جو ڪو ڪارج نه هوندو، اهي تخليقون ردي جي ٽوڪريءَ ۾ هونديون، ان ڪري ته تخليق تخريبي نه هجي، پر تعميري هجي ۽ معاشري جي اصولن تي هلي معاشري ۾ بهتري آڻي سگهي، ساڳي ڳالھ فلم انڊسٽري يا ڊراما انڊسٽري سان به ڳنڍي سگهجي ٿي ته ڪا به اهڙي ڳالھ جيڪا معاشري جي برائي يا معاشري ۾ گندگي ۽ بداخلاقي ڦهلائڻ ۾ مددگار هجي سا نٿي ڪري سگهجي. ان ساڳئي زمري ۾ اسان وٽ ڪجھ اهڙو ادب ڪاهي پيو آهي، جيڪي انتهائي غير اخلاقي ۽ بد اخلاقي زمرن ۾ رهي ڇپجي ٿو (نالا کڻڻ مناسب ناهن)، پر تخليق تعميري ڪجي ته بهتر آهي. هتي هڪڙي ڳالھ ڪبي ته سعادت حسن منٽو وٽ سيڪس جي اپٽار ۽ سيڪس جو اڀار ناهي، پر ان وٽ انهن ڪردارن جي وڪالت آهي، جن کي معاشرو غلط ٿو سمجهي يا انهن جي ڪردارن جي تحريف ۽ تعريف ٿيل آهي، جيڪي معاشي ڪردار اسان وٽ ٽشو پيپر آهن يا جيڪي معاشري جا گهر گهاٽ، ماڻهو ۽ ڪردار رڳوTime-pass هجن ٿا، ان ڪري جيڪڏهن ڪير ان زمري ۾ ڪا ڳالھ ڪري ته پوءِ هضم ڪري سگهجي ٿي، باقي سيڪس جي پرچار نه ڪجي ته بهتر آهي، جو ڪنهن جو ناول يا شعر پڙهي ماڻهو لڙي وڃي ڪنهن برائي جو نه سوچي.
نفسيات توڙي جو هڪ وسيع ۽ عريض مضمون آهي، جيڪو سماجي طور طريقن سان منسلڪ ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ ماڻهن جي اخلاقيات ۽ غير اخلاقي قدرن جي سڃاڻپ، نشاندهي، انهن جي نندا، بُرائي ۽ ڦهلاءُ به ڪري سگهجي ٿو، اهڙيون ڀليون ۽ ڪارائتيون ڳالهيون جيڪي معاشري ۾ تبليغي انداز ۾ ڪري سگهجن ٿيون، سي نفسيات واري دائري ۾ ڪجن ته جي بسم الله. اها ڳالھ ڀلي ڀتِ پرکڻ گهرجي ته نفسياتي طور تي انساني عمل جيڪي انسان جي دماغ، سوچن، اعصابن ۽ احساسن جي واڌ ۽ کوٽ يا گهڻي ڀاڱي سماجي سرشتن جي بنيادي خرابين، اوڻاين ۽ لڱاين ۽ چڱاين تائين هر شيءِ کي ڍڪيندا رهن ٿا، اهڙيون ڳالهيون جيڪي معاشري جي بنيادي اصولن جي منافي هجن ٿيون سي ڦهلاءُ ۾ نه آڻجن يا انهن جي پکيڙ نه ڪجي. اها ڳالھ به مڃڻ گهرجي ته چور پاڻ چوري ڪري، پر ڪنهن کي چوري ڪندي نٿو ڏسي سگهي، ڇو ته هو اها ڳالھ ڏسي پنهنجا ڏوھ ڌوئڻ جي چڪر ۾ اچي ٿو وڃي، ڇو ته غلط عمل برداشت ڪرڻ جهڙا ناهن هوندا.
انسان نفسياتي برتري جي ڳالھ پاڻ پاڙيندو رهي ٿو، اهڙيون ڳالهيون جن سان ان انسان جي پنهنجي اخلاقي ۽ نفسياتي برتري ممڪن هجي، سي ڦهلائيندو رهي ٿو. ان ڏس ۾ ”اوليور ساڪس“ ڪيترن ئي دلچسپ ۽ عجيب نفسياتي ۽ سماجي موضوعن تي ڀرپور لکيو آهي، هن جون اهي لکڻيون هن جي پنهنجي ادبي پورهئي ۾ هڪ ”نيورولوجسٽ“ جي حيثيت رکن ٿيون، جيڪي پڙهڻ سان دماغ متحرڪ ٿيو وڃي. ”ساڪس“ سماجي اٿ ويھ ۽ انسان جي روز جي عملن ۽ روين کي تمام غير معمولي حالتن سان ڀيٽي ڏيکاريو آهي. هو ثابت ٿو ڪري ته انسان جي دماغ ۾ گهڻو ڪجھ غلط ٿي سگهي ٿو، ڇو ته هر اها ڳالھ جيڪا انسان پاڻ سوچي ٿو سا ڪري نٿو سگهي ۽ جيڪي ڪري ٿو ۽ جيڪي عمل صادر ڪري ٿو سي معاشري جي بنيادي اصولن جي پٽاندر هجن ٿا، هن جي آڏو اهي سڀ معاشرتي اصول ۽ ليڪا سماجي پاليسيون هجن ٿيون، جيڪي هو پاڙي ٿو، هو انهن سڀني عملن جي لاءِ ڪوڙ بدوڙ هڻي پنهنجي ”ڪيريڪٽر“ (اخلاقي ڪردار) جي نفسياتي برتري کي بلند رکي پاڻ کي بچائيندو ۽ رستي تي سوچي سنڀالي پير رکندو ٿو هلي، بري عمل جي زندگي يا برائي جو عرصو ٿورو هجي، پر ان انسان جي ڀلي ڪردار ۽ معاشري ۾ ان جي سُٺي اٿ ويھ هڪ ڊگهي ۽ پائيدار ٿي سگهي ٿي، جنهن کي برقرار رکڻ جو فرض هر انسان تي عائد هجي ٿو ته هو ڀلو ٿي ڏيکاري، ”ساڪس“ جون انساني ذهن جي حوالي سان اهڙيون تخيلقي ڳالهيون نفسيات جي حوالي سان هڪ مرڪزي حيثيت رکن ٿيون.
خوشبوءَ جي هن ڪهاڻي ۾ منظر ڪشيون به دلڪش آهن، جنهن ۾ سياري جي ميرانجهڙي شام، ٿڌڙي هير، جهڪي مان چٽي ٿيندڙ بلبن جي روشني سج لهڻ جا منظر ۽ آسمان جي لالاڻ جا رنگ به سمجهي سگهجن ٿا، جنهن مان اها ڳالھ ظاهر آهي ته هن وٽ ڏانءُ به آهي ۽ ڏات به، جنهن مان هوءَ پڙهندڙن کي محظوظ ڪري سگهي ٿي. ان ڪري ته ڪهاڻي جي لوازمات ۾ ڪهاڻي جو اٿڻ، ڪهاڻي جي چوٽي معنيٰ ڪهاڻي جيPeak کانپوءِ ڪهاڻي جوClimax جاندار هجڻ گهرجي، جو اها ڪهاڻي پڙهندڙ کي وڻي وڃي. ڪردارن جي ڳالھ ڪجي ته اها ڳالھ به چوڻ سولي ٿيندي ته خوشبو پهرين ڪردارن جيKitting ٿي ڪري، ته آيا ڪهاڻيءَ ۾ ڪردارن جي گهڻائي هجي، ڄڃ هجي يا ٿورا ڪڻا ٿالهي ۾ کڻي ڪهاڻي جي مضمون کي ڀرپور لکجي ۽ اهڙو اڻجي ۽ تاڃي پيٽو اهڙو ٺاهجي جو ڪهاڻي کي هڪ ته طوالت کان به بچائي هلجي ۽ ٻيو ته سبق آموز به ڪري سگهجي، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻي جي ڊيگھ پاٺڪ کي ماري ٿي رکي، جنهن ۾ هو جيڪڏهن محظوظ ٿيو ته پڙهندو، جي نه ته پوءِ ان وٽ هڪ سٽ ڪهاڻي جي به ڪا حيثيت ۽ اهميت نٿي هجي. ان ڪري ڪهاڻيءَ جي سرجڻ جي لاءِ مضمون پختو ۽ سگهارو هجي، ۽ ضروري ناهي ته ڪهاڻيڪار ان سٽن ۾ شهوت کي ڀرپور لکي، پر مختصر ۽ ڀرپور ڪري سرجي. توڙي جو عورت ليکڪائن ۾ شهوت تي لکڻ ايترو ڀرپور يا چوٽي جو نٿو هجي (۽ هونئن به هجڻ به نه گهرجي) اها ڳالھ هيئن به اختصار پزير ڪجي ته ”ٽٽونءُ کي ٽارو ۽ تازيءَ کي اشارو“ به ڪڏهن ڪڏهن ڪم جو هجي ٿو، ان ڪري جو هڪ معني خيز سٽ ۾ به اهي سڀ فنامنائون سمجهي سگهجن ٿيون، جيڪي هڪ طوالت کانپوءِ سمجهي سگهجن. مثال طور: خوشبو جي ڪهاڻي جي هڪ سٽ رکجي ٿي ته ”ھلندي ھلندي روڊ طرف ويندي پارڪ جي ڪنڊ تي ويٺل ھڪ فقيرياڻي کي رحيم ڏھ رپين جو نوٽ ڏيندي دعا لاءِ چيس ته، احمد به غير ارادي طور تي فقيرياڻي ڏانھن نھاريو. سندس عمر پندرنھن سورنھن سال ھوندي، پر جسامت ويھن سالن جھڙي ھئس. احمد کيس سرسري ئي ڏٺو ھو، پر کيس سندس اکين ۾ عجيب ڪشش محسوس ٿي، ھن کيس ٻيھر غور سان ڏٺو الائي ڇو کيس ائين لڳو ته ھن اھي اکيون پھرئين به ڪٿي ڏٺيون آھن“. ڪهاڻي جي هن مڪالمي مان ڳالھ پروڙي سگهجي ٿي ته ڪرادرن جي دل دماغ ۾ ڇا ٿو پلجي. هن ڪهاڻي ۾Flashback تمام ڀلو لڳو جيڪو ڪهاڻي جيClimax اڻڻ ۾ سهڪاري ٿي ٿو وڃي، ان ڪري ڪهاڻي جي آخر ۾ رائيٽر هڪ زبردستDiversion يا ڇرڪائيندڙ ڳالھ به ڪري ٿي وڃي جنهن جو هڪ منظر يا مڪالمو هيئن به آهي ته ”فقيرياڻي ڪنڌ ورايو ۽ احمد جو دماغ گھمي ويو… ھو زيرِ لب ڀڻڪيو، ”سمي“ هن جي آڏو ڪيترائي سال اڳ جو منظر سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳو، جڏهن چئن مھينن جي ٻارڙي کڻي ”سمي“ سندس سامھون پيرن تي ڪرندي روئيندي رھي هئي ته صاحب ھي تنھنجو خون آھي، اسان جي پيار جي نشاني… ان کي مون کان وٺي وڃ ڀلي گھر ۾ نوڪرياڻي ڪري رکجانس، پر فقيرياڻي بڻجڻ کان بچائينس، آخر ھي تنھنجي ئي عزت آھي. ڏس، ڏس! اکيون ته ساڳيون تو جھڙيون اٿس نه“ ۽ احمد کيس الائي ڪنھن جو گناھ چئي ڌڪاري ڇڏيو ھو. احمد سڄو پگھرجي ويو هو، ٻڏندڙ دل سان شانوءَ جي اکين ڏي ڏٺو هئائين ته کيس شانو ۽ زيبا جون اکيون ھڪ جھڙيون نظر آيون هيون“.
هتي اها ڳالھ به مڃڻ گهرجي ته ڪهاڻيڪار ڪنهن جو ڳيجهو نٿو هجي ته هو لکڻ کانپوءِ پاٺڪ ۽ ”ڪرٽڪ“ (نقاد) کان راءِ وٺي يا ڳالھ اها به آهي اها راءِ ڪهڙي نقاد جي هجي يا ”ڪنهن کي واڱڻ وائي ته ڪنهن کي بصر بادي“ واري ڳالھ ٿي بيهي ته ڪا ڳالھ پنجن ماڻهن کي وڻي ٿي يا اها ڳالھ انهن جيTaste Buds وٽان هجي ته پوءِ صحيح آهي، يا اها ڳالھ انهن کي وڻي ۽ ممڪن آهي ته ڪجھ کي نه وڻي. ان ڪري رائيٽر هڪ مخصوص رفتار ۾ لکي ٿو ۽ ڪيتريون ئي لکڻيون سندس وٽ هجن ٿيون، جيڪي پوري حياتي پوريون نه ٿيون ٿي سگهن، ان ڪري جيڪي شيون (تخليقون) لکڻ ۾ اچن ٿيون، اهي بس ڀرپور هجن ۽ پوريون ٿي لهن ته جيئن پڙهندڙن وٽ جاءِ والاري سگهن.
موضوعن ۾ هڪ جهڙائي هجي ٿي، پر انهن جي اڻت ۽ تاڃي پيٽو مختلف هجڻ جي ڪري اهي تخليقون مان لهن ٿيون، ان ڪري ته رائيٽر Climax جي سوچ جوڙي تخليق ڪري ٿو وڃي ۽ جيڪي به ڪردار ۽ منظر نگاريون هجن ٿيون اهي ڳوٺاڻيون ۽ شهري به هجن ٿيون، پر خوشبو جي ڪهاڻين جا پلاٽ گهڻي ڀاڱي شهري هجن ٿا، جيڪا ڳالھ ساراهجي. ان ڪري ته اسان وٽ رائيٽر ۽ ان جا ڊراما اڃان تائين ڳوٺن مان نڪتا ئي ناهن، جيڪا ڳالھ ان ڪري به پڪائي سان چئي سگهجي ٿي ته ڀارتي ڊراما جيترا سڌريل ۽ جديد آهن، جيترا اهي Fictional هجن ٿا، جيترا اهي سماجي سُٽن جي اڻت ۾ لکجن ۽ هلن ٿا سي وري وري ساراهجن، ان ڪري ته زارعت، ڪچي آبادي، اڻپڙهيل ماحول مان قطعن اها مراد ناهي ته رائيٽر به ڪردران کي گڏهن گهوڙن تي گهمائي يا انهن جي هٿن ۾ بندقون ڏئي ڀڀڪيون هڻائي يا هرروز ان تاڙ ۾ هجي ته ڪو نه ڪو سلطان راهي پيدا ڪجي، جنهن جو آواز ۽ گجگوڙ ڏسي ماڻهو دهلجي وڃي ۽ پڙهندڙن جا وار ڪانڊارجي وڃن، پر ڪردار ۽ مضمون جديد هجن، جنهن ۾ رائيٽر جي اها ڪوشش هجي ته هو پنهنجا مضمون نوان ۽ هن صديءَ جا کڻي هلي، ان ڪري جديد معاشرا ۽ جديد ادب اهو به آهي ته رائيٽر نفسيات لکي ۽ معاشري ۾ سڌارا آڻي. اسان وٽ فيميل رائيٽر گهٽ آهن ۽ جيڪي به لکن ٿيون اهي ڀرپور ٿيون لکن ۽ اميد آهي ته خوشبو بلوچ اهڙيون ڪهاڻيون سرجيندي رهندي جنهن سان معاشري جي سڌارَ ممڪن ڪري سگهجي ۽ سندس سگهاريون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۽ نقادن وٽ به مانُ ۽ مرتبو لهڻي سگهن.