ايڊيٽوريلنئون

ملڪ ۾ مني بجيٽ آڻڻ جون تياريون

            آءِ ايم ايف جيئن ته تازو پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالر جي قرض جو پروگرام منظور ڪيو آهي، جيڪو ٽن قسطن تي ٻڌل آهي، انهيءَ جي هڪ قسط اسان کي ملي چڪي آهي، پر اسان جي وزارت خزانا آءِ ايم ايف سان اصلاحات جو واعدو ڪيو هو، جنهن ۾ ٽيڪس جي وصوليءَ کي وڌائڻ ۽ ان کي شفاف بنائڻ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي. جيئن ته اسٽاف ليول ايگريمينٽ جي وقت آءِ ايم ايف سان اسان جا جيڪي اصلاحات واعدا ڪيل هئا انهن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي. لڳي ٿو ته اسان جو مالي انتظام پنهنجن واعدن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويو آهي، تڏهن آءِ ايم ايف جو مددگار مشن حڪومت سان مذاڪرات ڪرڻ لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندو.

            جيئن ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ هڪ عالمي مالياتي ادارو آهي جيڪو ملڪ جي معيشتن ۽ انهن جي ڪارڪردگي خاص طور تي پرڏيهي ناڻو ۽ ٻاهرين قرضن تي نظر رکندو آهي. هڪ طرف سان اها قرض وٺندڙ ملڪ جي مدد آهي ته اهو ادارو معاشي فلاح ۽ مالياتي خساري کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ طرف قرض ڏئي ٿو ۽ ٻئي طرف مالياتي معاونت به فراهم ڪري ٿو ته جيئن قرض وٺندڙ ملڪن جي اڳتي هلي معيشت بهتر ٿي وڃي ۽ اهو قرضدار ملڪن جي قطار مان نڪري وڃي. آءِ ايم ايف کي جيئن ته پنهنجي قرضن ۽ مالياتي ميدان ۾ وڏو تجربو آهي. رڳو هڪ مثال ٿا ڏيون ته بين الاقوامي واپار ۽ مالياتي ڏي وٺ لاءِ ڊسمبر 1945 ۾ آءِ ايم ايف کي قائم ڪيو ويو. ايئن چئجي ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ جي تاريخ اسان جي ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان به پراڻي آهي. آءِ ايم ايف اسان جي ملڪ جي آزاديءَ کان تقريبن ٻه سال پهرين قائم ٿيو آهي. اهو ادارو جڏهن قرض ڏئي ٿو ته ان سان گڏ ڪجهه شرط به لڳائيندو آهي ته جيئن ان قرض جو استعمال بهتر نموني ٿئي ۽ اهو زرعي، صنعتي ۽ واپار جي ترقي لاءِ استعمال ٿئي. عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ اهو سڀ ضروري آهي. آءِ ايم ايف جيئن ته دنيا لاءِ هڪ اهم ۽ پر اعتماد مالياتي نظام تشڪيل ڏنو آهي ۽ وقت بوقت اسان جو ملڪ به آءِ ايم ايف سان ڏيتي ليتي ۾ شامل رهيو آهي. بين الاقوامي مالياتي فنڊ تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته جن ملڪن ان کان قرض حاصل ڪيو آهي ۽ انهيءَ جي اقتصادي ۽ مالياتي شرطن تي پورا لٿا آهن ته اهي ملڪ قرضن کان آزاد ٿي ويا آهن. ايئن به ٿيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن جي ڪري گهڻن ئي ملڪن جي معاشيات ۽ ماليات تباهه به ٿي آهي. جيئن 1980 جي ڏهائي ۾ لاطيني آمريڪا جا ملڪ آءِ ايم ايف جي مدد جي باوجود مالي طرح برباد ٿي ويا. هڪ طرح سان بين الاقوامي مالياتي اداري جا شرط ڏکيا هوندا آهن جڏهن اهو پيٽرول ۽ توانائي جي قيمتن ۾ اضافي جي ڳالهه ڪري ٿو، انهيءَ سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو ۽ غريب ماڻهو کي يوٽيلٽي بلن کان وٺي کاڌي پيتي جي شين جي خريداري ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي. بين الاقوامي مالياتي فنڊ پنهنجي قيام کانپوءِ گهڻن ملڪن کي معاشي بحران مان ڪڍيو آهي. آءِ ايم ايف جي وڏي ڪاميابي 1950 جي ڏهائي ۾ مغربي ملڪن جي تعمير ۽ مدد آهي جيڪي ٻي جنگ عظيم ۾ گهڻو متاثر ٿيا، انهن ملڪن ۾ برطانيه، فرانس ۽ جرمني شامل آهن، جيڪي معاشي ۽ مالي مسئلن مان نڪري ترقي جي راهه ڏانهن هليا ويا.

            اسان جي وزارت خزانا ۽ اسان جو حڪومتي نظام ۽ انتظام جيڪڏهن چاهي ته ملڪ معاشي ۽ مالي مسئلن مان نڪري ترقي جي راهه ڏانهن  هلي سگهي ٿو، پر لڳي ائين ٿو ته اسان آءِ ايم ايف سان طئي ڪيل قليل مدتي اصلاحات پوري طرح نه ڪري سگهيا آهيون ان ڪري آءِ ايم ايف جو  مددگار مشن ايندڙ هفتي اسان جي ملڪ دورو ڪندو ته جيئن خساري مان نڪرڻ لاءِ مني بجيٽ آڻي سگهجي. اسين هتي وزارت خزانا ۽ سرڪار کي اهو ضرور چونداسين ته بين الاقوامي مالياتي ادارن سان طئي ٿيل پنهنجا ٽارگيٽ وقت سر پورا ڪري. آءِ ايم ايف جي ٽيم مالي سال 25-2024 جي پهرين چئن مهينن ۾ ٽيڪس روينيو ۾ جيڪا گهٽتائي آئي آهي انهيءَ جو جائزو وٺندي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته جيستائين اسين پنهنجي ٽيڪس نظام کي بهتر نه ڪنداسين تيستائين اسين پنهنجا مالي ۽ معاشي مسئلا بهتر نموني حل نه ڪري سگهنداسين.