بلاگنئون

الطاف شيخ سنڌيءَ جو سرواڻ، سفرنامه نگار

سفرنامو نثر جي اهم صنف شمار ٿئي ٿو، سنڌي ادب جي سفرنامن جي تاريخ الطاف شيخ جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري آهي. هن واحد سفرناما نگار گهڻي کان گهڻا سفرناما لکي سفرنامي جي صنف ۾ سنڌي ادب کي خود ڪفيل بنائي ڇڏيو.

الطاف شيخ 14 نومبر 1944ع، تي هالا۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم هالا۾ وٺڻ بعد هو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيو. ڪرنل ڪومبس جي دورجو اهو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج سچ پچ ڪئڊٽ ڪاليج هو جتي سندس تعليم سان گڏ تربيت به سٺي ٿي ڪئڊٽ ڪاليج جي زندگيءَ کيس خوداعتماد ۽ محنتي بنايو الطاف شيخ قابل شاگردن مان هو. انجنئيرنگ ۾وڃڻ بعد سنڌکان چٽنگانگ بنگلاديش ويو مئرين انجنيئر طور سڄي دنيا جا ملڪ گھميو آخر۾ چيف انجنيئرٿي رٽائرڊ ڪيائين.

الطاف شيخ جا سفرناما دنيا جي وڏي حصي جي معلومات ڏين ٿا. هن تقريبن سڄي دنيا جي اهم ملڪن کي ذڪر ڪيو آهي پر سندس رهڻ گهڻو سينگاپور، ملائيشيا ۽ جپان ۾ ٿيو آهي انهن ملڪن جو ذڪر سندس سفرنامن ۾ گھڻو آهي.  “مُنهنجو ساگر مُنهنجو ساحل” سندس پهريون سفر نامو آهي ۽ ٻين ڪتابن ۾ “جاني ته جھاز ۾”، “بندر بازاريون”، “سمونڊ جي سيوين”، “وايون وڻجارن جون”، “جت جروهي ٿو جال”، “دنگي منجهه دريا”، “موج نه سهي مڪڙي”، “سي ئي جوڀن ڏينهن”، “اوهرياجي عميق ڏي”، “سمونڊ جن ساڻيهه”، “سانباهو سمونڊ جو”، “سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين” ۽ ٻيا سفرناما آهن جن جا عنوان شاهه جي بيتن مان ورتل آهن ۽ گھڻي قدر سرسارنگ ۽سامونڊيءَ مان آهن ۽ ان کان سواءِ “ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين”، “مڪلي کان ملاڪا تائين”، “ڀلي پار تان ڀيرو”، “جپان رس”، “سينگاپور ويندي ويندي”، “بوتلن جو سفر”، “ڪويت ڪنارا”، “پيارجي گھٽ”، “جپان جن جي جيءَ سان” ۽ ٻيا ڪتاب آهن سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو هڪ سئو کان مٿي آهي، جنهن ۾ چار ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ آهن هن ٻارن جون آکاڻيون پڻ لکيون ته اناميڪا عنوان سان پهريون ڪتاب ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو پڻ لکيائين.

منهنجو ساگر منهنجو ساحل، سفر نامي طور الطاف شيخ جو پهريون ڪتاب خطن تي مشتمل آهي،

“منهنجوساگرمنهنجو ساحل”، ڪتاب جو پهريون ڇاپو، وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ مان علي نواز وفائي شايع ڪيو ۽ان کان پوءِ هن ڪتاب جا ٻيا ڇاپا پڻ ڇپيا آهن. هي ڪتاب موجوده وقت چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي سنڌيءَ جي نصاب ۾ شامل آهي، سنگاپور کي الطاف شيخ پنهنجن سفرنامن ۾ گهڻو ذڪر ڪيو آهي، سندس رهائش انهيءَ ملڪ ۾ وڌيڪ وقت رهي آهي، لکي ٿو ته، “سنگاپور” جي زيادهه ڪمائي ٻاهرين ملڪن مان آيل سياحن ۽ جهازن جي ڪري آهي. سنگاپور جهازن جي تيل جو وڏو مرڪز آهي، جاگرافي نقطئه نگاهه کان ڪجهه اهڙي هنڌ تي آهي، جو هر جهاز پئسفڪ وڏي سمنڊ کان، هندي وڏي سمنڊ ڏي ايندي يا ويندي، ڏکڻ چيني سمنڊ مان لنگهندي، سنگاپور وٽان ضرور لنگهي ٿو. تيل جي وڏي مرڪز ۽ فري پورٽ کان علاوه هڪ ٻرندڙ شمع، مثل آهي. جنهن جي چوڌاري پتنگن وانگر جهاز ميڙ ڪيو بيٺا هوندا آهن“.

سمونڊ جي سيوين: 1972ع، ۾ ڇپيل آهي، هن سفر نامي جي شروعات شاهه سائينءَ جي هن بيت سان ٿيل آهي.

الطاف جي لکيل سفرنامن ۾ شروعاتي دؤر جو ۽ ترتيب مطابق، چوٿون نمبر سفرنامو آهي، 195 صفحن جو هيءَ ڪتاب نيويارڪ، لنڊن، آفريڪا، جرمني ۽ پولينڊ جي ملڪن جي ڄاڻ ڏئي ٿو.

پولينڊ لاءِ لکي ٿو ته: ”پولينڊ جا رهاڪو مهمان نواز، سچار، صاف دل، خلوص وارا ۽ ايماندار آهن. پولينڊ ۾ قانون جو احترام تمام گهڻو آهي، پولينڊ، روس، رومانيه ۽ بلغاريه ۾ اڪيلي گهمڻ ڦرڻ ۾ ڪو ڊپ ڊاءُ ڪونهي هتي ڌاڙي يا ڦرلٽ جو مثال مشڪل سان نظر ايندو“

وايون وڻجارن جون:  الطاف شيخ جي شروع، دور جي لکيل سفرنامن مان هڪ آهي. اپريل 1974ع، ۾، سهڻي پبليڪيشن الهندو ڪچو، جي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. انهيءَ کانپوءِ ڇپجندڙ رهيو آهي. 220 صفحن جو هيءُ ڪتاب هانگ ڪانگ ۽ ان جي ويجهڙائيءَ جي تفصيلي معلومات تي مشتمل آهي، هن سفرنامي جو انتساب سنڌ جي شهر “هالا” جي نالي آهي. مهاڳ طارق اشرف جيل مان “سفرنامو، جيل نامو” جي عنوان سان لکيو.

مڪائو جي لاءِ شيخ صاحب لکي ٿو ته:

“هانگ ڪانگ اچي مڪائو نه ڏسڻ ائين آهي، جيئن حيدرآباد اچي ڄامشورو نه ڏسڻ، يا قلندر جي ميلي تي سيوهڻ اچي ڳانا نه خريد ڪرڻ”.

ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين:  سفرنامو نيو فيلڊس پبليڪيشن 1995ع ۾ پهريون ۽ 1998ع ۾ ٻيو ڇاپو شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ محمد علي ڏيپلائيءَ لکيو آهي. 189 صفحن جو هيءُ سفرنامو 74 ننڍن بابن تي مشتمل آهي جن جا عنوان دلچسپ آهن. هن سفرنامي ۾ سئيڊن جو بيان آهي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سئيڊن جي موسم سان گڏ ان ملڪ جي ماڻهن، حالتن ۽ وقت جي پابندي، ڪم ڪرڻ جي شوق کي ڄاڻايو آهي، سندن موجب هتي جا ماڻهو محنتي آهن هيءُ سفرنامو هڪ ئي ملڪ ملائيشا جي تيرهن رياستن ۽ سهڻن ٻيٽن ۽ اهم شهرن جي محل وقوع، کان سواءِ سياسي ۽ سماجي ڄاڻ پڻ ڏئي ٿو. هيءُ هڪ معلوماتي سفرنامو آهي، جنهن ۾ نقشن ۽ تصويرن جي مدد سان مختلف هنڌن جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سوانحي انداز سان ڪجهه شخصيتن جي ذاتي حال احوال سان اتي جي ماحول جي خبر ڏني آهي.

دنگي منجهه درياهه: سفرنامي جو پهريون ڇاپو 1987ع، ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن شايع، ڪيو 190 صفحن جو هيءُ سفرنامو، مختلف ملڪن جي گڏيل احوال تي مشتمل آهي، جنهن ۾ آمريڪا، سنگاپور، بئنڪاڪ ۽ جپان سان گڏ مختلف ٻيٽن، فجي مئڊا، گاسڪر ٻيٽ ۽ فرانس جي “ٽرسٽان ٻيٽ” جو ذڪر شامل آهي. هن سفرنامي جو مهاڳ نصير مرزا لکيو آهي.

ڏيهه کي پرڏيهه سان ملائيندي الطاف شيخ رستن روڊن ۽ گلين سان گڏ شهرن جي ڀيٽ به وڻندڙ ڏئي ٿو. جيئن مثال طور “اسان جي مئرين ٽائيم اڪيڊمي ملاڪا جي وچ شهر کان مفاصلي ۾ ايترو پري آهي، جيترو پيٽاري جو ڪئڊٽ ڪاليج حيدرآباد شهر کان”.

“پيٽارو کي الوداع، چئي چٽنگانگ پهچڻ تي پهرين شيءِ جا ياد آئي سا موسم هئي. حيدرآباد پاسي جي ٿڌين راتين جي چٽگانگ جي گهميل راتين سان ڪيئن ٿي ڀلا ڀيٽ ڪري سگهجي؟ ڄامشوري، حيدرآباد ۽ پيٽارو جي شامن ۾ جيڪو نشو ۽ خمار آهي، ان کي ته چاليهه سال اڳ ويل هندو واپاري ۽ انگريز حاڪم به وساري نه سگهيا آهن”.

“دنگيءَ منجهه درياهه” الطاف شيخ جو 1987ع، جو سفرنامو مختلف ٻيٽن جي احوال بابت هوندي به دلچسپ آهي. ليکڪ موجب ته؛ هي سفرناما “مون هڪ هنڌ ڪرسيءَ ٽيبل تي چڙهي ويهي ٿورو ئي لکيا آهن، ڪو باب جهاز جي ڊيڪ تي، ڪو لنگر جي رسيءَ کي ٽيڪ ڏئي، ڪو جهاز جي ڪاريڊار ۾، ڪو جهاز جي اوپن ايئر لائونج ۾، ڪو پوسٽ جي دٻي وٽ بيهي”.

مٿئين سفر نامي جو عنوان شاهه سائين جي بيت مان کنيل آهي.

دهليءَ جو درشن: هندوستان جي احوال تي آڌاريل آهي جو روشني پبليڪيشن 2006ع، ۾ شايع، ڪيو آهي 40 بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ هندوستان وڃڻ لاءِ ڪي اهم ڳالهيون خاص طور ڪسٽم، نقلي نوٽن کان بچڻ، ڪرنسيءَ ۾ آمريڪي ڊالر ۽ ٿوري هندوستاني ڪرنسي کڻي وڃڻ ۽ دهليءَ جي باري ۾ ڄاڻ تي مشتمل آهي دهليءَ جي جهوني لائبريري دهليءَ جون حويليون، هالي ووڊ جا ڪجهه سنڌي، انڊيا جي رستن تي هلندڙ ڪارون، انڊيا بابت ۽ انڊيا جا رائٽر، دهليءَ جو قطب مينار، هرودا، هندن جو حج، انڊيا ۾ مسلمان وڌيڪ سلامتي سان رهن ٿا ۽ ٻين موضوعن تي ڪل 40 باب آهن.

نيويارڪ کان نيو هالا تائين: روشني پبليڪيشن 2007ع ۾شايع ڪيو آهي 534 صفحن جي هن ڪتاب تي الطاف شيخ کي بهترين سفرنامي جو ايوارڊ مليو نيويارڪ کان نيو هالا تائين فقط هڪ ئي ملڪ جي مختلف حصن جو بيان آهن جنهن ۾ ليکڪ جيترا گهڻا هنڌ مشاهدي هيٺ آندا آهن ايترو ئي گهڻين شخصيتن سان سندس ملاقاتون پڻ ٿيون آهن جن جو ذڪر هن وڻندڙ ڪيو آهي.

الطاف شيخ هڪ اعليٰ تعليم يافته ليکڪ نه فقط پنهنجي وقت ۾ سُٺو شاگرد هو پر بهترين استاد پڻ رهيو. هُن پنهنجي سفرنامن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن جي يونيورسٽين ۽ علمي ماحول کي تفصيل سان پيش ڪيو آهي. هُو نوجوان طبقي کي خاص طور اعليٰ تعليم لاءِ اُتساهيندڙ آهي. الطاف جا سفرناما، معياري سفرناما آهن، جن ۾ غير معياري لفظن ۽ واقعن جي ذڪر کان پاسو ڪيل آهي، هن سفرنامن کي ڪمرشلائيز ڪرڻ جي سطحي ڪوشش نه ڪئي آهي. سندس تخليقي قوت، خوش مزاجي ۽ ديس واسين سان محبت تحريرن مان واضح آهي، پڙهندڙن جي اُتساهه سان سندس قلم جي ڏات کي پذيرائي پڻ ملي آهي. انهيءَ ئي ڪري سنڌي ادب سفرنامي جي صنف ۾ خود ڪفيل ٿي ويو.

سندس سفرنامن ۾ ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت، تعليم، ريتن، رسمن ۽ ٻين معلوماتي احوالن سان گڏ ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ۽ ادبي رنگ به ملي ٿو. جنهن سبب کان هيءَ سفرناما، نصابي ضرورت هئڻ سان گڏوگڏ، گهرن ۽ ڪتبخانن جي سونهن آهن ته صحت مند ادب جو حصو پڻ.