جيڪڏهن ورلڊ آرڊر ٻيهر جڙيو ته دنيا جي لاءِ خوفناڪ ٿي سگهي ٿو، اها ڳالھ به پڌري پٽ پئي آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جو ٻيو مدو يقيني طور تي تباه ڪندڙ هوندو ڇو جو آمريڪي پاليسيون وڏيون سخت آنديون وينديون، جيڪي ممڪنا طور تي اهم تبديلين جا اعلان متوقع ڪن. اسان ٽرمپ کي پرڏيهي پاليسي بابت سندس ماضيءَ ۾ ڪيل فيصلن جي آڌار تي ڄاڻون ٿا. هو اهو ڪندو آهي جيڪو هن کي پسند هوندو آهي. پر اسان ڄاڻون ٿا ته هو جنگين جي خلاف آهي، جيڪي وچ اوڀر ۾ جاري آهن. ٽرمپ ڊڪٽيٽرن ۽ گهٽ ۾ گهٽ طاقتور مالڪن سان ربطي جو شوقين آهي، هو انهن حڪمرانن سان رابطا وڌائيندو. پر هيل تائين ٽرمپ پنهنجي آمريڪي اتحادين کي به ناپسند ڪندو آيو آهي، هو چاهي ٿو ته اهي غريب ملڪ جيڪي آمريڪي پاليسين تحت هلن ٿا، جيڪي آمريڪا جي ها ۾ ها ملائين ٿا اهي لاڀ حاصل ڪن، اها ٻي ڳالھ آهي ته هو گلوبل وارمنگ تي يقين نٿو رکي، ان ڪري هن 2017 کان وٺي 2021 تائين فرانس جي ماحولياتي تنظيم کي نه مڃيو، اهي چاهين پيا ته آمريڪا سميت جيڪي 10 وڏا ملڪ آهن، اهي ماحولياتي گدلاڻ ۾ وڌيڪ حصيدار آهن، ان ڪري ته ترقي جي آمريڪا ۽ ٻين وڏن ملڪن جي آهي ته تباهي غريب ملڪن جي ڇو؟
ٽرمپ ان لحاظ کان به منفرد آهي ته هن کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي پوزيشن کي جيترو گهٽ ڪرڻو پيو ڪندو. هيل آمريڪا جون خاص خابرو ايجنسيون ۽ مين اسٽريم ميڊيا ان ڳالھ جي چيرڦاڙ ڪري رهيون آهن ته هي اليڪشن ڪيئن غلط ٿي وئي. جيئن ٽرمپ 2022 جي عام چونڊن ۾ روس تي الزام مڙهيو هيو ته انهن رگنگ ڪئي آهي، ان ڪري ٽرمپ هارائي ويو ۽ جوبائيڊن کٽي ويو. پر هاڻي جي پڪچر رات پيٽ ۾ مٽجي وئي، جو دنيا جي نظر ۾ ڪمالا هيرس کٽي وئي هئي ۽ ٽرمپ جوبائيڊن جي دور کان وٺي آمريڪي ڪورٽن کي منهن ڏئي رهيو هيو، پر اچانڪ ان جي مقبوليت ۾ اضافو ڪيئن ممڪن بڻيو، خدشو آهي ته آمريڪين هيل پاڻ کي ڪو ايشيائي ملڪ ثابت ڪيو جن جا نتيجا رات پيٽ ۾ مٽجي ويا ۽ ڪمالا هيرس جي جاءِ تي ٽرمپ سوڀارو ٿي ويو ۽ سو به وڏي وٿي سان. اها ڳالھ به مڃون ٿا ته آمريڪي عورت جي حڪمراني کي ناهن مڃيندا ۽ اهي ان ڳالھ جي حق ۾ به نه هيا ته انهن جي مٿان ڪا عورت اچي حڪمراني ڪري، پر ريپبليڪن جي اها همت هئي ته انهن هيل عورت صدر کي پنهنجي سيٽ تان صدارتي اليڪشن لاءِ اٿاريو.
ڳالھ آمريڪي حڪمران عورتن جي ڪجي جتي ڪيتري به تعليم يا ذهني اوسر جي گهڻائي هجي پر انهن ڪڏهن به عورت کي حڪمران (صدر) ٿيڻ ناهي ڏنو، تاريخ ۾ ڪڏهن به انهن جي چونڊن ۾ ڪا به عورت صدر بڻجي سرخرو ناهي ٿي، سواءِ ڪمالا هيرس (سا به نائب صدر). شروع ۾ ڪجھ عورتن ڊيموڪريٽ يا ريپبليڪن پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان اليڪشن ۾ بيٺيون پر سرخرو نه ٿيون. 2016 ۾ ”هليري ڪلنٽن“ جيڪا ڊيموڪريٽ پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهي، تنهن 65853516 ووٽ کنئيا پر سندس مقابلي ۾ ”ڊونلڊ ٽرمپ“ اليڪشن کٽي ويو، ان سان گڏ ”جِل اسٽين“ گرين پارٽي جي اميدوار هئي، جنهن 1457044 ووٽ کنئيا، پر اهي ٻئي عورتون ڪاميابي نه ماڻي سگهيون هيون، ڇو ته انهن جي مقابلي ۾ ”ڊونلڊ ٽرمپ“ جو نعرو آمريڪا جي شدت پسند ماڻهن لاءِ وڌيڪ پاورفل هيو، جيڪو مسلمانن جي مٿان سختين تي ٻڌل هيو ۽ نيٺ ”ٽرمپ“ کٽي ويو. ”جِل اسٽين“ وري 2012 جي اليڪشن ۾ گرين پارٽيءَ جي طرفان اميدوار بيٺي هئي جنهن 468907 ووٽ کنئيا پر ”باراڪ اوباما“ هن عورت اميدوار کي هارايو ۽ آمريڪا جو صدر ٿي ويو. ”لينورا فلاني“ جيڪا ”نيو الائنس پارٽي“ جي اميدوار طور سامهون آئي ۽ ڪل 217219 ووٽ کڻي سگهي، پر هن جي مقابلي ۾ جارج ڊبليو بش سوڀارو ٿيو. 2008 ۾ ”سنٿيا ميڪ ڪِني“ 161219 ووٽ کڻي سگهي هئي، جنهن جي مقابلي ۾ ”باراڪ اوباما“ ئي هيو، جنهن هن کي به مات ڏني. 1972 ۾ ”لنڊا جينيس“ 83380 ووٽ کڻي سگهي هئي، جنهن جي مقابلي ۾ ”رچرڊ نڪسن“ هيو جيڪو آمريڪي صدر طور سوڀارو ٿيو. 1992 ۾ وري به ”لينورا فلاني“ ”نيو الائنس پارٽي“ جي اميدوار هئي، جنهن 73714 ووٽ کنئيا جنهن جي مقابلي ۾ ”بل ڪلنٽن“ هيو جيڪو کيس هارائي ويو، 1984 ۾ ”سونيا جانسن“ 72200 ووٽ کڻي سگهي هئي، جيڪا ”سٽيزن پارٽي“ جي صدر هئي، جنهن جي مقابلي ۾ ”رونالڊ ريگن“ هيو جيڪو آمريڪي صدر چونڊجي ويو، پر هن عورت اميدوار کي آمريڪي کٽرائي نه سگهيا، انهن مردن جي مقابلي ۾ سدائين وانگي عورت ناڪام ئي رهي آهي.
جيڪي دنيا جي کڻي سڌريل قوم ئي آهن، جيڪي سڄي دنيا کي عورت جي عزت ڪرڻ سيکاريندا آهن پر ڪڏهن عورت کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن هوندا. ان جي مقابلي ۾ اسلامي معاشري ۾ توڻي جو عزت جو مقام ڀلي ثانوي هجي پر عورت کي عزت ڏيڻ ڄاڻين ٿا، 2012 ۾ ”پيس اينڊ فريڊم پارٽي“ جي ”روزيني بار“ 67326 ووٽ کڻي سگهي هئي، جنهن جي مقابلي ۾ وري به ”باراڪ اوباما“ هيو جيڪو سرخرو ٿيو هو اتي وري به عورت حڪمران (صدر) انهن آمريڪين کي قبول نه هئي. 1976 ۾ وري به ”پيس اينڊ فريڊم پارٽي“ جي ”مارگريٽ رائيٽ“ صدراتي اميدوار هئي، جنهن 67326 ووٽ کنئيا هيا، جنهن جي مقابلي ۾ باراڪ اوباما هيو، معني ته ان آفريڪي نسل جي صدر جي مقابلي ۾ِ ايتريون آمريڪي عورتون اميدوار بيهاريون جو تاريخ ۾ ايتريون عورتون ڪنهن ٻئي صدر جي خلاف نه بيٺيون هيون، پر کٽراين وري به آفريڪي نسل جي صدر کي جيڪو ”پرو اسرائيلي ۽ پرو زيونسٽ“ ثابت ٿيو، جيڪو ”جارج ڊبليو بش“ جونيئر جي “ليگسي“ کي کڻي هليو، جيڪا آمريڪين جي بنيادي سوچ هئي، معني مسلمان ملڪن کي دٻائي رکڻو هيو، انهن تي ”ڊرون حملا“ ڪرڻا هيا، انهن کي امداد ڏئي ”ڊو مور“ جي دبڙ دئونس ڪرڻي هئي، پر ٿيو ڪجھ به. 1976 ۾ ”مارگريٽ رائيٽ“ جيڪا اتان جي پيپلزپارٽيءَ جي اميدوار هئي تنهن 49024 ووٽ کنئيا جنهن جي مقابلي ۾ ”جمي ڪارٽر“ صدر چونڊجي ويو. وري 1940 ۾ ”گريسي ايلن“ جيڪا ”سرپرائيزپارٽيءَ“ جي صدارتي اميدوار طور سامهون آئي جنهن جي مقابلي ۾ ”فرينڪلن ڊي روزويلٽ“ هيو جنهن ٻي مهاڀاري لڙائي جو دور به ڏٺو (جنهن جي دور ۾ جاپان جي شهرن ناگاساڪي ۽ هيروشيما جي مٿان هوائي جهازن ذريعي بم ڪيرايا ويا هئا) پر آمريڪين وري به هن کي صدر چونڊيو. حقيقت ۾ تاريخ جي اها پهرين ”گريسي ايلن“ عورت هئي جيڪا ”فرينڪلن ڊي روزويلٽ“ جي مقابلي ۾ صدارتي اميدوار طور آئي هئي پر آمريڪين هن عورت کي نه کٽرايو. هاڻي ٽرمپ سان مقابلي ۾ سائوٿ انڊين نسل جي مائي ڪمالا هيرس جيڪا 20 آڪٽوبر 1964 ۾ آمريڪا ۾ جنم ورتو، جنهن جي ماءُ انڊين آهي ۽ سندس پيءُ ”ڊونلڊ جي هيرس“ آمريڪي نسل جو عيسائي آهي، هيءَ مائي 20 جنوري 2020 تي نائب صدر بڻجي پنهنجي آفيس ۾ ويٺي جيڪا اٽارني جي عهدن تي مختلف شهرن لاءِ ڪم ڪندي رهندي هئي ۽ جونيئر سينيٽر جي سيٽ تي به رهي، هن جي ماءُ ”شمائيلا گوپالن“ جنهن 1985 ۾ ڪيليفورنيا ۾ گريجوئيٽ طور تامل ناڊو مان داخلا ورتي هئي ۽ 1966 ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي هيائين، جيڪا ”بريسٽ ڪينسر“ ۾ رسرچر پڻ آهي، جيڪا مدراس (چنائي) پنهنجي اباڻي شهر ۾ مڙس ۽ ٻارن سان گهمڻ ڦرڻ لاءِ ايندي رهي ٿي.
ٽرمپ جي امڪاني پرڏيهي پاليسي جو جائزو وٺڻ مهل اهو ياد ڪجي ته ماضيءَ ۾ هي انتها درجي جو ريسسٽ هيو (۽ آهي) اها ڳالھ به مڃون ٿا ته ٽرمپ امن واري دنيا جو وارث نه آهي، جتي آزادي ۽ اخلاقي برتري جي علامت جي طور تي آمريڪا جو هي صدر ڪو غير سواليا ڪردار يا دنيا جي لاءِ دائمي سڪون کڻي آيو هجي. اها ڳالھ به پڪ ڏياري ٿي ته جوبائيڊن عالمي بحرانن جو بهترين حل پيش نه ڪري سگهيو ۽ دنيا جي لاءِ هڪ بدترين ڪاوڙ جو سلسلو ڇڏي ويو. موجوده وائيٽ هائوس شايد تمام بهترين ڪم ڪيو هوندو جيڪو ڪنهن به گهٽ حالتن ۾ ڪري سگهي ٿو. ٽرمپ جي دور ۾ طالبان ۽ خاص فلسطيني پاليسي ساراھ جوڳي هئي، ٽرمپ جو پهريون چئن سالن وارو مدو جوبائيڊن جي مقابلي ۾ نسبتن غير معمولي هيو، داعش جي خاتمي، اميگريشن جون پابنديون ۽ پنهنجي عزت ۽ بي عزتي وارا معاملا، طالبان سان هڪ ٻيو معاهدو ڪرڻ دوران ايران جي ڊيل کي ڇڏڻ، ترڪي کي اتر شام تي حملو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان سياسي ڦڏا وغيره ۽ چيني ڪمپنين تي پابندي، افغانستان ۾ آمريڪا جي ڊگهي جنگ جو اوچتو خاتمو، يوڪرين جي روسي حملي ۽ پوءِ 7 آڪٽوبر 2023 تي اسرائيل، غزه، ايران ۽ لبنان جي جنگي سرگرميون جيڪي ٽرمپ جي دور ۾ ڪجھ جهڪيون هيون پر جوبائيڊن دنيا جي لاءِ ڀلو ثابت نه ٿيو، ڇو جو جنوري 2020 ۾ ايراني ڪمانڊر قاسم سليماني جو قتل به هڪ حيران ڪندڙ هيو. پر هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ٽرمپ پنهنجي دور جون ڪيتريون پاليسيون هاڻي جاري رکندو ۽ ڪيتريون پاليسيون جوبائيڊن جون کڻي هلندو، ڇو ته ريپنليڪن ۽ ڊيموڪريٽس جا صدر الڳ الڳ پاليسيون کڻي ايندا آهن، جن ۾ بيروني پاليسيون ۽ سماجي آزادي واريون ڳالهيون به نمايان هونديون آهن، پر دنيا ڏسڻ ٿي چاهي ته هيل ٽرمپ دنيا جي لاءِ ۽ خاص مسلمانن جي لاءِ ڇا ڪندو ۽ وچ اوڀر واريون پاليسيون ڪٿي توڙ ڪنديون.