بلاگ

اُستاد عطاءُ الله ابڙو: شعور جي جوت جلائيندڙ هڪ امر ڪردار!

23 نومبر ڇھين ورسيءَ جي مناسبت سان

عظيم سنڌ جي عظيم ڌرتيءَ پنهنجي ڪک مان هميشه اهڙا عظيم انسان پئي پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي عظيم ڪردار جي ڪارڻ نه صرف جيئري ئي هن جھان ۾ محبتون، عزتون ۽ عظمتون حاصل ڪيون آهن، پر مُئي پڄاڻان پڻ مھانتا جا معراج ماڻيندا رهن ٿا ۽ هو پنهنجي عظيم ڪردار جي سببان مرڻ کانپوءِ به ماڻهن جي دلين ۾ سدائين زنده رهن ٿا، انهن عظيم انسانن ۽ متحرڪ ڪردارن مان سنڌ جو برک اديب، دانشور، تجزيه نگار، ڪالم نويس ۽ سماج سڌارڪ استاد عطاءُ الله ابڙو به هڪ عظيم انسان ۽ متحرڪ ڪردار رهيو آهي جنهن هميشه شعور جي جوت جلائيندي پنهنجي سموري ڄمار جاکوڙ ۽ جدوجھد ۾ گذاري ۽ جيڪو سڄي حياتي عام اجارڻ ۽ قوم جيئارڻ جا جتن ڪندو رهيو.

استاد عطاءُ الله ابڙو سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شھر رتيديري جي قديم ۽ تاريخي ڳوٺ علي بيگ خان ڪوڏراڻي (ابڙو) يونين ڪائونسل وارثڏنو ماڇي ۾ هڪ پورهيت وارثڏنو ابڙو جي گهر پهرين ڊسيمبر 1937ع ۾ جنم ورتو. وارثڏنو ابڙو هيو ته پورهيت پر سڄي تر ۾ “سالک” ۽ “سپُورنج” طور سڃاڻپ رکندو هو ۽ ٻه ٽي سئو مزدورن جو جماندار هو جيڪي زرعي زمينن لاءِ نيون شاخون ۽ واھ کڻندا هئا ان حوالي سان کيس ايڏو ته تجربو هوندو هو جو کيس “اڻپڙهيو انجنيئر” سڏيو ويندو هو، ان “اڻپڙهئي انجنيئر” جي اڱڻ ۾ اک کوليندڙ عطاءُ الله ابڙو جڏهن سمجھ ڀريو ۽ سانڀر سان ٿيو ته ڳوٺ جي هڪ استاد سائين غلام عباس ابڙو جيڪو هڪ “تعليمي ماهر” پڻ هو وٽ پڙهڻ لاءِ ويھاريو ويو جتي “ست درجا” سنڌيءَ جا پڙهي ان دور جي ۾ “فائنل” جو امتحان پاس ڪيائين، پر غربت سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري ڪين سگهيو. هو انتھائي ذھين ۽ هوشيار شاگرد هو پڙهڻ ۽ پڙھائڻ سان دلي لڳاءُ ھجڻ ڪري پنهنجي ڳوٺ جي ساڳئي ئي اسڪول ۾ رضاڪاراڻي طور تي بنا اجُوري جي پڙهائڻ شروع ڪيائين جنهن ڪارڻ ئي کيس “استاد” جو اعزازي لقب مليو ۽ هو استاد عطاءُ الله ابڙو سڏجڻ لڳو. هن پنهنجي استاد سائين غلام عباس ابڙو سان گڏجي نه صرف پنهنجي ڳوٺ، پر سڄي تر اندر جھالت جي ٻاٽ اونداهي ۾ علم جي لاٽ ٻاري ۽ شعور جا ڏيئا روشن ڪيا سندس علمي ڪوششن ۽ ڪاوشن جو ئي نتيجو آهي جو سندس ڪافي شاگرد اڄ وڏن عهدن تي رسيل آهن.

استاد عطاءُ الله ابڙو پنهنجي دور جو ڪنهن مشق اديب، دانشور ۽ تجزيه نگار ٿي گذريو آهي ان وقت جون سنڌي اردو اخبارون ۽ رسالا سندس تجزين ۽ ڪالمن کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ ليڊ سان شايع ڪندا هئا جن ۾ ھلال پاڪستان، عبرت، امن، نواءِ وقت ۽ مساوات شامل آهن. پڙهندڙ پڻ سندس ليکن جو شدت سان انتظار ڪندا هئا جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري سندس ڪالم وغيره ڇپجڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته پڙهندڙ ايڊيٽرن ڏانهن خط لکڻ شروع ڪندا هئا جنهن مان ظاهر آهي ته ماڻهو کيس وڏي دلچسپيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان پڙهندا هئا سندس لکڻين ۾ غيرجانبداريءَ سان گڏ حقيقت پسندي ۽ بيباڪي پڻ شامل هوندي هئي هو سدائين سچ لکندو رهيو ۽ سچ لکڻ جي ڪري ئي کيس الاهي ساريون تڪليفون ۽ مشڪلاتون درپيش اينديون رهيون پر هو مڙسيءَ ۽ جوانمرديءَ سان انهن سڀني کي منهن ڏيندو رهيو ۽ هر قدم تي ثابت قدم رهيو.

استاد عطاءُ الله ابڙو جي شخصيت جو هڪڙو پاسو سماجي خدمتن وار به آهي، هو بهترين سماج سڌارڪ هو ۽ هر انسان جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هوندو هو سندس نظر ۾ انسانيت ئي سڀ کان اتم ۽ اعليٰ هوندي هئي انسانيت جي خدمت ڪندي کيس دلي، ذھني ۽ روحاني سڪون ملندو هو، ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏک ۽ تڪليف ۾ ڏسي هو تڙپي پوندو هو ۽ پنهنجي حال سارو ان جي مدد ڪرڻ لاءِ هڪيو حاضر هوندو هو. غريبن، مسڪينن، نادارن يتيمن ۽ بيواهن جي واهر ڪرڻ توڙي هر انسان جي خدمت ڪرڻ ڄڻ ته سندس ايمان ۾ شامل هو. هو اٻوجھ ۽ بي پهچ ماڻهن جو هميشه ڀرجهلو ۽ مددگار بڻبو هو اهو ئي سبب هيو جو هتان جا ماڻهو کيس اتر سنڌ جو “مسڪين جھان خان کوسو” سڏيندا هئا.

استاد عطاءُ الله ابڙو پنهنجي گهر جو چرخو هلائڻ لاءِ مختلف خانگي ادارن ۾ ملازمت به ڪئي آخر ۾ کيس سرڪاري نوڪري به ملي، ايگريڪلچرل انجنيئرنگ کاتي لاڙڪاڻي ۾ سرڪاري ملازمت ملڻ بعد نوڪري سانگي پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي لاڙڪاڻي لڏي ويو جتي قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي ۽ سندس فرزندن حاجي منور علي عباسي ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي سان ذاتي لاڳاپن جي ڪري انهن کيس پنهنجي پاڙي وليد محلو منور آباد ۾ پنهنجو هڪ ذاتي پلاٽ ڏنو جتي جڳھ تعمير ڪرائي ٻچڙن سميت رهڻ لڳو. لاڙڪاڻي ۾ رهائش دوران هو سياسي طور تي به تمام گهڻو سرگرم رهيو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ويجهڙائيءَ جي ڪري ڀٽو صاحب جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو ته استاد عطاءُالله ابڙو ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي سان گڏ بنيادي ميمبر بڻيو ۽ هڪ نظرياتي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سموري ڄمار پيپلز پارٽي سان ساٿ نڀايو. توڙي جو سندس سياسي وابستگي پيپلز پارٽي سان هئي، پر قومي سوچ هجڻ ڪري هو سنڌ جي قومي معاملن تي قومپرستن پاران ٿيندڙ هر تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو.

استاد عطاءُ الله ابڙو مقرر به ڏاڍو لاجواب هو ننڍن ميڙاڪن کان وٺي وڏن وڏن جلسن تائين سندس تقريرون ماڻهن جي مٿان ڄڻ ته سحر طاري ڪري ڇڏينديون هيون کيس تقرير ڪرڻ جو زبردست ڏانءُ هو، هو ٻڌندڙن جي ڌيان ڇڪائڻ جو ماهر هو ۽ ماحول کي سنجيده ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن ۾ جوش ۽ جذبو جاڳائڻ بخوبي ڄاڻندو هو. استاد پنهنجي تقريرن ۾ موقعي جي مناسبت سان لطيف سائين، شيخ اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي، علامه اقبال، فيض احمد فيض ۽ ٻين شاعرن جا شعر جنهن خوبصورت انداز سان پڙهندو هو اهي سندس تقريرن کي اڃان به وڌيڪ سگهارو، جاندار ۽ اثرائتو بڻائيندا هئا. سندس تقريرون ٻڌي ۽ سندس انداز بيان ڏسي ڪيترائي نوجوان بهترين مقرر بڻجي ويا.

استاد عطاءُ الله ابڙو جا واسطا به تمام گهڻا وسيع هئا جن ۾ هي قابل ذڪر شخصيون آهن اديبن، دانشورن ۽ شاعرن مان ايشيا جا عظيم ڏاها ۽ دانشور ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، محمد ابراهيم جويو، تاج بلوچ، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، تاجل بيوس، سرڪش سنڌي، سائين راشد مورائي ۽ انور پيرزادو، صحافين ۾ فقير محمد لاشاري، سهيل سانگي، امداد علي اوڍو ۽ خير محمد جوڻو، سياستدانن ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد فاضل راهو، شھيد بشير خان بشير قريشي، ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي، ڪامريڊ حسين بخش ناريجو ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه مقامي سطح تي به پنهنجن مٽن مائٽن، عزيزن قريبن، رشتيدارن ۽ دوستن مطلب ته هر واسطيدار سان سندس انتهائي بهترين لاڳاپا هوندا هئا جنهن ڪري هر ماڻهو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هئا.

استاد عطاءُ الله ابڙو جيڏي وڏي قدآور شخصيت جو مالڪ هو اوڏو ئي صوفي منش ۽ فقيري طبيعت رکندڙ رحمدل ۽ ٻاجهارو انسان هو. سادگي، سچائي، عاجزي ۽ انڪساري سندس خمير ۾ شامل هئي. سندس همه گير شخصيت تي لکڻ لاءِ ته گهڻو ڪجھ ئي لکي سگهجي ٿو، پر مون پنهنجي هن مختصر مضمون ۾ سندس زندگيءَ جي ڪجھ رخن تي تمام مختصر روشني وجهي سچ پچ ته سج کي ڏيئي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي عظيم انسان کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ ”سٽي“ رتوديرو بزمِ عزيز علم و ادب رتوديرو ۽ رتوديرو ڪلچرل سوسائٽي پاران گڏيل طور “العباس ادبي منزل رتوديرو” تي 24 نومبر آچر ڏينھن سندس ڇھين ورسي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ناميارا اديب، دانشور، شاعر، محقق، سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تنظيمن جا اڳواڻ شرڪت ڪندا جيڪي سندس زندگي، شخصيت ۽ خدمتن تي ڀرپور روشني وجهندا ۽ کيس ڀرپور انداز سان ڀيٽائون پيش ڪندا.