پي ٽي آءِ ملڪ جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد کي ان وقت جڏهن بيلاروس جو هڪ وفد پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي هائجيڪ ڪرڻ جي پلاننگ ڪري رهي آهي ۽ انتظاميه کي هڪ دفعو ٻيهر چئلينج ڪري رهي آهي. هن ڀيري پي ٽي آءِ پنهنجي پوئلڳن کي ان ڳالهه جي پڪ ڏياري آهي ته هي سڏ پي ٽي آءِ جو آخري سڏ آهي ۽ ماڻهن کي پاڻ سان گڏ کاڌي پيتي جون شيون کڻي اچڻ ۽ مڪمل تياري سان اچڻ جو چيو ويو آهي. ڇو ته پي ٽي آءِ هن معرڪو کي فيصلا ڪن بنائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي انهيءَ رويي جي ڪري عوام جو اسلام آباد جي عوام ۽ واپاري طبقي جو جيئڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. مطلب اهو آهي ته شهر ۾ سفر جون سهولتون ڏکيون ٿيون هونديون جيئن هميشه لانگ مارچ ۽ ڌرڻن ۾ ٿيندو رهيو آهي.
ڏک سان اهو چوڻو پوي ٿو ته باني تحريڪ انصاف عمران خان پنهنجي سياسي نظرين ۾ جيئن پوءِ تيئن ملڪ لاءِ مشڪل ٿي رهيو آهي. هو وقت بوقت سياسي بحران پيدا ڪندو رهيو آهي ۽ صوبائي ۽ وفاقي سرڪارون ڪوشش ڪنديون رهيون آهن ته ڌرڻا ۽ لانگ مارچ پرامن نموني سان ختم ٿي وڃن. رياست پنهنجي رٽ اڃان انهيءَ تحريڪ جي خلاف استعمال نه ڪئي آهي. تازو تحريڪ انصاف پنهنجن مطالبن جي حق ۾ فائنل ڪال ڪئي آهي پنهنجي ڪارڪنن کي پي ٽي آءِ جي قيادت هر حالت ۾ اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي. تحريڪ انصاف پنهنجي انهيءَ لانگ مارچ ۽ ڌرڻي لاءِ ٽي مطالبا ڪيا آهن، جنهن ۾ هڪ ته 26 هين آئيني ترميم جي خاتمي جو مطالبو شامل آهي ۽ آئين کي پنهنجي پهرين اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سڀني کان اهم مطالبو جيڪو تحريڪ انصاف کي عزيز آهي اهو آهي هن جو چوري ٿيل مينڊيٽ پارٽيءَ کي واپس ڪيو وڃي ۽ عمران خان سوڌو سڀني سياسي قيدين کي بنا ڪيس هلائڻ جي آزاد ڪيو وڃي. اهي ٽيئي مطالبا نه وفاقي ۽ نه ئي صوبائي حڪومتن جي هٿ وس آهن. 26 هين ترميم پارليامينٽ منظور ڪئي آهي ۽ پارليامينٽ ئي ان متعلق غور ڪري سگهي ٿي. ملڪ جي آئين جي اصل شڪل ۾ بحالي به ملڪ جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي هٿ وس آهي ۽ سياسي جماعت جي بقول ته هنن جو چوري ٿيل مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ حقيقت اها آهي ته انهيءَ مينڊيٽ کي اليڪشن ٽربيونل ڏسي رهيو آهي. آخري مطالبو ته بنا ڪيس هلائڻ جي سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. اهو مطالبو ته زيادتيءَ جي حد آهي. ڇا 9 مئي جي واقعن جي سلسلي ۾ قيد ٿيل ماڻهن کي سياسي قيدي چئي سگهجي ٿو ۽ انهن کي بنا ڪنهن ڪيس هلائڻ جي آزاد ڪري سگهجي ٿو. جيئن ته تحريڪ انصاف جا اهي مطالبا پورا نٿا ٿي سگهن، پر تحريڪ انصاف کي پنهنجو راڳ ڳائڻو آهي ته جيئن هو ماڻهن ۾ ۽ سڌ سماءَ جي ذريعن ۾ زنده رهي سگهي. سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته وفاقي سرڪار جو انتظام ۽ صوبائي سرڪارن جون ڪوششون تحريڪ انصاف جي انهيءَ راڳ کي وڌيڪ وڄڻ نه ڏينديون. سياسي پارٽيون پنهنجي ڪارڪنن کي استعمال ڪنديون آهن ۽ انهن کان ڊو اينڊ ڊاءِ جو مطالبو ڪنديون آهن جيئن تحريڪ انصاف هن ڌرڻي لاءِ چيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته مٿي ذڪر ڪيل جماعت جي نه سياسي تربيت آهي ۽ نه انهيءَ کي ملڪ جي خوشحال مستقبل جو ڪ اونو آهي. پنهنجي جاءِ تي اهو هڪ ڪلٽ آهي جيڪو پنهنجي ڪارڪنن کان هميشه قرباني وٺندو رهيو آهي. سياسي جماعتن جا سربراهه جيئن ته اشرافيه سان تعلق رکن ٿا، انهن کي پرواهه ڪونهي، پر غريب گهراڻن جي نوجوانن جو سياست لاءِ استعمال قابل مذمت عمل آهي. هن دفعي لڳي ايئن ٿو ته وفاقي سرڪار ۽ صوبائي حڪومتون پهرين وانگر انهيءَ لانگ مارچ ۽ ڌرڻي کي ڪامياب ٿيڻ ڪونه ڏينديون ۽ پي ٽي آءِ کي سياسي ناڪاميءَ کي منهن ڏيڻو پوندو. تحريڪ انصاف هميشه جيان هن دفعي به لڳي ٿو ته مايوس ٿيندي ۽ ان جا مطالبا جيئن اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي ڌرڻن ۽ لانگ مارچ ۾ حل ٿيڻ جهڙا نه آهن، انهن جي صحيح جاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ايوان آهن، پر جيئن ته پي ٽي آءِ جمهوري قدرن تي يقين نٿي رکي ۽ سياسي ڳالهين ٻولهين تي به ان جو يقين ڪونهي ته پوءِ ائين ٿو لڳي ته تحريڪ انصاف اڪيلي ٿي وئي آهي ۽ شڪست کائي رهي آهي.
تازو سڌ سماءَ جي ذريعن ۾ اها ڳالهه به هلي رهي آهي ته تحريڪ انصاف پنهنجو احتجاج منسوخ ڪرڻ تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. صورتحال ڇا ٿي بيهي، پر ڌرڻن ۽ لانگ مارچن جي سياست مان تحريڪ انصاف کي ڪجهه نه ملندو. اهو جيڪڏهن اها سياسي طرح سکي وٺي ته پارٽي به بچي سگهي ٿي ۽ مستقبل ۾ انهيءَ کي اقتدار ۾ به ڏسي سگهجي ٿو، پر پي ٽي آءِ جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي انهيءَ ۾ پارٽي پنهنجي اسٽرڪچر ۾ ٽٽي رهي آهي ۽ ورهائجي رهي آهي ۽ اقتدار لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف کان ڏينهون ڏينهن پري ٿيندو پيو وڃي.